ڪلاس ٽيچر لاءِ تُحفو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڪلاس2 ۾ پڙهندڙ هڪ ننڍي ۽ معصوم پريءَ پنهنجي ڪلاس ٽيچر مس کي چوڻ لڳي
پري : مس ! ممي پئي چيو ته اسان پنهنجي ڪلاس ٽيچر کي هڪ ڪُڪڙ تحفي ۾ موڪلينداسون!
مس خوش ٿي وئي ۽ تُحفي جو انتظار ڪرڻ لڳي. جڏنهن هفتو گذري ويو ۽ ڪڪڙ نه پُهتي ته هُن پنهنجي شاگردياڻيءَ کي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. معصوم پري اهوٻُڌي گهٻرائجي وئي ته مس گهٻرائڻ جو سبب پُڇڻ لڳس. هن معصوميت سان ورندي ڏني
پري : مس ! هاڻ اُها ڪڪڙ صحتياب ٿي وئي آهي ۽ داڻو به چُڳي پئي !
 
Back
Top