ٿر ۾ وڻن جي ڏُٿَ جا ڏينهن ۽ وڻن جو ٿيندڙ قتل

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جتي لِيار پيرون پٽن تي پچن ٿا !!!!

    ٿر ۾ وڻن جي ڏُٿَ جا ڏينهن ۽ وڻن جو ٿيندڙ قتل

    نور محمد سمون

    ٿرن ۾ ڏُٿ 2 قسمن جو ٿيندو آهي، هڪ وڻن جو ڏُٿ ۽ ٻيو پٽَ جو ڏُٿ، هن وقت اڇڙي ٿر، ٿر ۽ ناري، ٿر ۽ رڻ ڪڇ جي ڪَسَن (سنگم وارين پٽين) اڇڙي ٿر جي ڍنڍن جي ڪنارن، روهڙي کان رحيم ڪي بازار تائين نارا ڪئنال جي ڪنڌين تي ۽ ٿر جي هر تليءَ، دڙن ۽ انهن جي پاساڙن ۾ وڻن ۾ ڏُٿ لڳل آهي، وڻن جي ڏُٿ ۾ پيرون، ڪوڪڙِ، ڳولُون (وڻن تي ٿيندڙ ننڍن پنن واري هڪ وَل ۾ کجور جيڏو ڳاڙهي رنگ جو ميوو) سڱريون يا مَڃَرُ، پڪا ۽ ڏينا يا ڏئونرا شامل آهن.

    اڄ کان ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ به هتي قدرتي وڻن جا ڪي گهاٽا ٻيلا ته نه هئا پر پوءٕ به کٻڙ يا ڄار، ڪنڊي، روهيڙي، نم، لئي، ٻٻر، ڪُنڀٽ، ڪِرڙ، لِيار، گگرال، ڳاڱيٽڻ، ڦوڳ، ٻيرڙي، کِپ، ٻُوھ، اڪ ۽ ٿوهر سميت ڪيترن ئي ساون وڻن ۽ ٻُوٽن جون تمام گهاٽيون هُڙيون، جُوئا ۽ جُهڳٽ ضرور هوندا هئا، انهن قدرتي وڻن مان ڦوڳ ۽ گُگرال ته گذريل ڪجه سالن دوران وڍجي ناياب ٿي ويا آهن، گُگرال مان گهڻي کان گهڻو گُگر ڪڍڻ لاءِ ان مٿان ڪيميڪل هاري ان جو خاتمو آندو ويو، جڏهن ته ڦوڳ جي ڪاٺي پيٽرول وانگر ٻرندي هئي، ٻين وڻن جي 4 ڀرين مان جيترو چُلهو ٻرندو آهي ان کان ڦوڳ جي هڪ ڀريءَ سان وڌيڪ ٻرندو هو سو ڪاٺيرن نه رڳو ڪاٺيون پر ڦوڳن جون پاڙون به کوٽي ٻاريون يا ٻارڻ طور شهرن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيون. انهن وڻن ۾ جهنگلي جيوت جي وڏي آبادي هئي، وسڪاري ۾ انهن مان وڏن توڙي ننڍن وڻن جي هيٺان مرهيڙو ٿيندو آهي ۽ مٿان وري ڳمول جون وليون وڇائجي وينديون آهن۔ وڻن ۾ فيبروري يا ڦَڳڻ مهيني ۾، جڏھن ٻُور لڳندو آهي ته ماکئ جون مکيون ان مان رس چُوسي پنهنجي مانارن ۾ ماکي گڏ ڪنديون آهن، ڌڻار توڙي ٻيا ڏوٿي ڳوٺاڻا اهي ماکيون ڇاڻي پنهنجي گهرن ۾ ڪم آڻيندا آهن، ڪنهن کي تحفي طور ڏيندا آهن يا وري وڪرو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا آهن، نج ماکيءَ جي هڪ بوتل هاڻي هتي 800 کان هڪ هزار روپين ۾ وڪرو ٿئي ٿي۔
    مارچ يا چيٽ ۽ اپريل يا ويساک جي مهينن ۾ ڪنڊيءَ مان آهستي آهستي ٻُور ڇڻي ويندو آهي ۽ ڪنڊيءَ ۾ سڱريون ٿينديون آهن، ساڳئي ريت ڪِرِڙ جي وڻ ۾ لڳل خوبصورت پُسي (ڳاڙها گُل) ڇڻي ويندي آهي ته ان پُسي جي جاءِ تي ساوا ڏئونرا ٿيندا آهن، سوين ڏوٿي ڪنڊيءَ جون سايون سڱريون ۽ ڪِرِڙ جا ساوا ڏئونرا ميڙي، مڻن جي حساب سان کڻي پنهنجي ويجهن شهرن ۾ وڪرو ڪري روزگار ڪمائيندا آهن.
    جڏهن ته ٻيو پَٽَ جو ڏُٿ هوندو آهي جيڪو ايندڙ مهيني برسات وسڻ بعد تيار ٿيڻ شروع ٿيندو، پَٽَ جي ڏُٿ ۾ پِپُون، مرهيڙو، لُلُر، کُنڀيون، ٽِينسِين (قدرتي وَل ۾ لڳندڙ گلاب جامن جيڏا ميها) ننڍا ۽ وڏا چِڀِڙ ڪٽي، پٽ تي کِپ يا چڳون وڇائي انهن مٿان سُڪايا ويندا آهن، سُڪڻ کان پوءِ انهن کي اڪثر مٽيءَ جي مٽن يا ماٽِين ۾ محفوظ ڪبو آهي ته جيئن انهن کي ماڪ يا برسات ۾ گِهم نه لڳي. هي ڏُٿ ٿري ماڻهو پنهنجي دوستن ۽ مائٽن کي سوکڙي طور به ڏيندا آهن. ڏيپلائي ميمڻ، لوهاڻا، مهيشوري ۽ ٻين برادرين سان واسطو رکندڙ اصل ٿري ماڻهو جيڪي هاڻ ڪاروبار ۽ نوڪرين سانگي ٿر ڇڏي ملڪ جي ڏُورانهن وڏن شهرن ۾ رهن ٿا سي ڏُٿ موراٽ (شوق) مان واپرائيندا آهن جڏهن ته ٿر ۾ رهڻ وارا ڏُٿ کي پنهنجي روزانو جي خوراڪ جو حصو سمجهن ۽ واپرائين ٿا. اَڙَڪ ولين (هڪ سال اڳ کاڌل ڇانهِين جا جيڪي ٻج پوک کان ٻاهر ڀِٽن تي اڇلايا ويندا آهن، اهي اتي واري ۾ پُورجي ويندا آهن ۽ ٻئي سال برسات وسڻ تي انهن مان ڦُٽل وَلين کي “اَڙَڪ“ وَليون چئبو آهي) ۽ پوکيل وَلين جا ڪاڙينگ (ڇانهِيون) ڪٽي، انهن جون ڪُريون (ٻج) ڳِر سميت سُڪايون وينديون آهي، ڳِر سُڪڻ سان ختم ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪُريون ميڙي گڏ ڪبيون آهن، هاڻ ڪُريون به بازار ۾ وڏي اگه ۾ وڪامن ٿيون. ڪُريون ڌوئي دانگي يا تَئي تي ٿورو سيڪ ڏئي ڀُڃڻ کان پوءِ اهي کاڄن ۽ مَڪئي جي ڦُلن جهڙو سڪل ميوو ٺهي وينديون آهن. ٽُوه وَل به هتي ٿيندڙ هڪ قدرتي جهنگلي وَل آهي جيڪا ڇاڇري، عمرڪوٽ تعلقن ۽ ان کان اتر واري اڇڙي ٿر ۾ پٽ تي پري پري تائين ڪارپيٽ وانگر وڇائجي ويندي آهي، مٺي، ننگرپارڪر ۽ ڏيپلي تعلقن ۾ هي اتر ٿر جي نسبت گهٽ ٿيندي آهي، هن ول ۾ ڪرڪيٽ جي بال جيڏو درياءَ جي ڪچي جي گِدري جهڙو ڳاڙهو ۽ زهر جهڙو کارو داڻو لڳندو آهي، جيئن کٻڙ جا پيرون مٺا ۽ ڪلراٺي زمين تي کٻڙ جهڙي وڻ ڪالار ۾ به ساڳيا پيرون لڳن ٿا پر اهي وري تمام کارا هجن ٿا، ساڳئي طرح ٽُوه جي ول ۽ ان ۾ لڳل داڻي جي شڪل به گِدري جهڙي هجي ٿي سو ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن دوکو کائي ويندا آهن ۽ ٽُوه کي گِدرو سمجهي پٽي وٺندا آهن. هيءُ کارو ٽُوه ٻڪريون ۽ رِڍون شوق سان کائينديون آهن. هن کي حڪيمن پاران دوائون ٺاهڻ لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو، خاص طور مٺي پيشاب جي بيماري جي علاج واري دوا ٺاهي وڃي ٿي ۽ ڪجه سُگهڙ هن کي وڏي ڪاريگيري سان رچائي، مٺو ڪري، ان مان “ٽُوه جو حلوو“ به ٺاهيندا آهن. سنئوڻ ٻولڻ وارن هنن ٿرواسين پاران هن ول کي اتر ٿر ۾ ڀاڳ جي نشاني ۽ ڏکڻ ٿر ۾ وري ان جي ابتڙ نحوست يا نڀاڳ جي نشاني تصور ڪيو وڃي ٿو.
    ٻنهي قسمن جو ڏُٿ، هنن ٿرن ۽ ان جي ويجهن شهرن، جهڙوڪ اوٻاوڙو، ڏهرڪي، گهوٽڪي، نارو، چونڊڪو، فيض گنج، پڪاچانگ، ورڪشاپ شهر، چوٽياريون، ٽنڊو مٺا خان، کپرو هٿونگو، ڍليار، ڀٽ ڀائتي، ڏِنگ موري، کاهي، پٿورو، غلام نبي شاه، ڍورونارو، صوفي فقير،ڇور، نيوڇور، کوکروپار، کينسر، عمرڪوٽ، چيله بند، ڪُنري، نبي سر ٿر، نبي سر روڊ، ٽالهي، ڪانٽيو، ڇاڇرو، چيلهار، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلو، نئوڪوٽ، ڪلوئي، ڏيئي، ڪڍڻ، سَنهي گُوني ۽ ٻين ٿر ۽ اڇڙي ٿر جي ويجهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪرو ڪندا آهن ۽ هن وقت به مٿي ڄاڻايل سمورن شهرن جي بازارن ۾ سڱريون ۽ ڏئونرا وڪري لاءِ موجود آهن، نهري پاڻي تي ٿيندڙ ساين ڀاڄين وانگر هنن جا اگه به گهرج ۽ رسد جي حساب سان هيٺ مٿي ٿيندا رهن ٿا. هن وقت 50 کان 100 روپيا في ڪلو يا ان کان ٿورو گهڻو هيٺ مٿي وڪرو ٿي رهيون آهن. هنن مان ٻوڙ رڌو وڃي ٿو، ڏئونرن مان ساڌاڻو (آچار) به ٺاهيو ويندو آهي ۽ سڱريون اُس ۾ سُڪائي رکبيون آهن پوءِ اهي سڄو سال دالِين وانگر گهر ۾ ٻوڙ رڌڻ جي ڪم اينديون آهن. مئي يا جيٺ جي پهرئين هفتي ۾ سڱريون پچي سائي مان ڀُورو رنگ اختيار ڪري کوکا ٿي وڻن تان ڇڻي پٽ تي ڪرڻ شروع ٿيندا آهن، جيڪي ٻڪريون، رڍون ۽ گڏه شوق سان کائيندا آهن، ساوا ڏئونرا وڏا ٿي، پچي ڳاڙهو رنگ اختيار ڪري “پڪا“ ٿي پٽ تي ڇڻندا آهن. هي ٿري ميوو “پڪا“ ذائقي ۾ ڏاڍا مٺا هوندا آهن سو ماڻهو به شوق سان کائيندا آهن پر گهڻا کائڻ سان هاضمي جو سرشتو متاثر ٿيندو آهي. مئي يا جيٺ جي مهيني ۾، ڄار يا کٻڙ جي وڻ ۾ فيبروري يا ڦڳڻ ۾ لڳل ٻُور، کَکَڙ ۽ ماڇَڪ وارن مرحلن مان گذري پيرون ٿيندا آهن. ککڙ سمورا ساوا هوندا آهن پر ماڇَڪ واري مرحلي دوران هي ٻن مختلف رنگن ۾ رنگجڻ شروع ٿيندا آهن. اڇڙي (آف وائيٽ) رنگ وارن کي هتي “سيڙِهيا“، “سِگهڙيا“ يا “سيڙڪا“ پيرون سڏجي ٿو جڏهن ته ڳاڙهي رنگ وارن کي وري “رتِيا“ يا “راتڪا“ پيرون سڏين ٿا. هتي جڏهن پيرون پچندا آهن ته ڳوٺاڻا ٻار ۽ عورتون ٽولين ۾ وڃي ڳاڙها ۽ اڇا پيرون چونڊي پاڻ کائيندا، پنهنجي پيارن کي کارائيندا ۽ گهڻا هجڻ ڪري ڪوڪڙِ ٺاهي رکندا آهن. پيرون چونڊڻ وارا ٻارڙا ۽ عورتون مِٽي جي ٽِڀي کي رسي سان پنهنجي پيٽ وٽ ٻڌي پوءِ وڻ مان چونڊيل پيرون ان ۾ وجهندا آهن، اهي ٽِڀا جڏهن ڀرجڻ لڳندا آهن ته مٿيون آخري تهه رڳو سيڙهين پيروئن جو ڏبو آهي. هي ڏُٿ وڏن شهرن ۾ يا سنڌ جي ميداني علائقن ۾ رهندڙ مائٽن ۽ دوستن ڏانهن سُوکڙي طور به اماڻيو ويندو آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مٿي ڄاڻايل ڪجه شهرن ۾ پيرون مڻن جي حساب سان خريد ڪري وڏن شهرن ڏانهن نيا پئي ويا جتي انهن مان صابڻ ٺاهيا ويندا هئا پر پوءِ اهو سلسلو ڪجه سالن بعد بند ٿي ويو. مئي يا جيٺ جي هن مهيني ۾ پيرون به مٿين شهرن ۾ وڪرو ٿيڻ ايندا آهن. پيرون تمام نازڪ ٿري ميوو آهي سو وڻ مان پٽجڻ کان پوءِ ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ پاروٿو ٿي ڌَپ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. هڪدم پٽي فِرج ۾ رکڻ سان انهن جي تازگي برقرار رکي سگهجي ٿي. وڻن مان پيرون پاڻ پٽي کائڻ جو مزو صبح سوير هجي ٿو جو ان وقت پيرون اڃا ٿڌا هوندا آهن. اتر ۾ جيئن انگُورن کي سُڪائي ڪِشمِش ٺاهي وڃي ٿي ايئن ئي هتي پيرون ڇانوَ ۾ سُڪائي “ڪوڪڙ“ ٺاهي ويندي آهي جيڪي پوءِ سڄو سال سُڪل ميوي طور واپرايا ويندا آهن. ڪنهن دور ۾ هتي پيرون مان ڳُڙ به ٺاهيو ويندو هو، تازا پيرون ماٽيءَ ۾ جهيرڻي سان گهڻي دير تائين لسي وانگر وِلوڙي، پوءِ ڪپڙي مان ڇاڻبا هئا، ٻج ۽ کلن وارو ڇاڻ مال کي چارڻ لاءِ کَڙ جو ڪم ڏيندو هو باقي بچيل پَتِ ۾ ننڍا ڦوٽا ۽ وڏڦ وجهي ڪجهه دير باه تي اُٻارڻ بعد ٿورو ٺاري ان مان ننڍيون ڳنڍيون ٺاهيون وينديون هيون. مٺي واسي دوست منگل سنگهه راٺوڙ، هائير سيڪنڊري اسڪول ڍورونارو جي استاد ڄام يونس سمون ۽ ڊيٻي واسي دوست محمود سهتي جو چوڻ هو ته ٿي سگهي ٿو ٿر ۾ ڪي سگهڙ عورتون اڃا به پيرون مان ڳُڙ ٺاهينديون هجن. اهو ڳُڙ وسڪاري ۾ هرُ ڪاهيندڙ هارين ۽ گهڻو پنڌ ڪرڻ سبب ٿڪجي پيل ٿرواسين کي کارائبو هو ته انهن جو سڄو ٿڪ لهي ويندو هو.
    جيئن ته ٿري ڏوٿين جي روزگار ۽ قدرتي ماحول جو گهڻو دارومدار وڻن ۽ ٻوٽن تي آهي، جيڪڏهن وڻ ۽ ٻوٽا بچندا ته هزارين ڏوٿين جو روزگار ۽ قدرتي ماحول به بچندو تنهنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته قدرتي ماحول ۽ روزگار جي هن هڪ وڏي ذريعي کي بچائڻ لاءِ مقامي قدرتي وڻن ۽ ٻوٽن جي خاتمي جا سبب معلوم ڪري آئينده انهن کي وڍجڻ کان بچائڻ لاءِ اُپاء ورتا وڃن ڇاڪاڻ ته ھاڻي رڳو قبرستانن، گهرن، اوطاقن جي اندر ڪو اڪيلو قدرتي وڻ بيٺل نظر اچي ٿو۔ انھن گهاٽن مقامي قدرتي وڻن ۽ ٻوٽن جي جاءِ تي حڪومت پاران 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ٻاھران درآمد ڪيل وڻ، ديوي جي والارٿي وئي آهي، ديوي به ڏاڍو قيمتي وڻ آھي، وڍجڻ کان پوءِ صرف ھڪ _ ڏيڍ سال ۾ واپس وڌي وڏو وڻ ٿي وڃي ٿو، ديوي جي ٻُور مان ماکيون رَسُ چوسين ٿيون، پلڙا يا سڱريون چوپائي مال لاءِ بھترين چارو آھن ۽ ڪاٺي ٻارڻ توڙي اڏاوت لاءِ ڪم اچي ٿي۔
    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وڻن، ٻُوٽن ۽ فصلن واري شعبي جي ماهر پروفيسر مٺل جسڪاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ جي باراني وڻن، ٻُوٽن يا فصلن تي ڪڏهن به ڪو تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي تنهنڪري اهي تيزي سان ناياب ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٿر ۾ برسات بعد قدرتي طور ٿيندڙ وليون، ٻُوٽا ۽ وڻ تحقيق بعد ٿر جي فصلن ۾ بدلائي گهٽ وقت ۾ انهن مان وڌيڪ اُپت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ٿر جا چونڊيل نمائندا ان کي پنهنجي ترقياتي ايجنڊا جو حصو بڻائين ۽ ٿر ۾ هڪ باراني يونيورسٽي يا گهٽ ۾ گهٽ باراني ڪاليج قائم ڪري اهو ڪم شروع ڪرائين ته ٿر جي قسمت بدلجي سگهي ٿي.
    انساني آبادي وڌڻ ڪري سرڪاري ادارن توڙي عوام پاران وڻ ۽ ٻُوٽا وڍي، ميدان صاف ڪري، اتي پڪا روڊ، گهر، اوطاقون، دڪان، مسجدون، مندر، اسڪول، کرا ۽ مال جا واڙا وغيره ٺاهي ڇڏيا، غريب ماڻهن گهرن ۽ مال لاءِ ڇنا اڏڻ لاءِ به وڻ وڍي انهن جون ڪاٺيون اڏاوت لاءِ استعمال ڪيون۔ علائقي ۾ سُئي گيس نه هئڻ ڪري ٻارڻ لاءِ به وڻن جون ڪاٺيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون۔ وڻن جي ڪاٺين مان ڪوئلو ٺاھيو وڃي ٿو، ٿُڙ وارن وڻن جون ڪاٺيون آري تي چيري فرنيچر به ٺاھيو وڃي ٿو، کاڻين جو ڪوئلو مھانگو ٿيڻ کان پوءِ سِرن جي بٺن جي مالڪن ڪوئلي بدران ڪاٺين کي بٺن ۾ ٻارڻ طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آھي، پڪا روڊ ٺهڻ کان اڳ وڻ وڍي انهن جون ڪاٺيون رڳو مٿي تي ڀري ۾، گڏھ، اُٺ يا بيل گاڏئ ۾ کنيون وينديون هيون پر هاڻي پڪا روڊ ٺهڻ کانپوءِ ٽرڪون، مزدائون، ڊاٽسنون توڙي ٽريڪٽر ٽراليون وڻن تائين پهچي ويون آهن جنهن سبب وڻن جي واڍي اڃا وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، کٻڙ يا ڄار جي وڻ جي ڪاٺئ مان گتو ٺهڻ ۽ پاڙ کي تبرڪ طور ڏندڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاڙي وڌڻ سبب ڄار جو وڻ ٻين وڻن جي نسبت وڌيڪ تيزي سان ختم ٿيندو پيو وڃي. هن وڻ جون ڪاٺيون ۽ پاڙون ٿر مان گاڏين ۾ ڀري سوين ڪلوميٽر پري وڏن شهرن تائين پهچايون وڃن ٿيون، کٻڙ جون پاڙون ڏندڻ طور استعمال ڪرڻ لاءِ هتان کان ڪجھ اسلامي ملڪن ڏانهن برآمد به ڪيون وينديون آهن.

    ڄاڻايل مقامي قدرتي وڻن لاء سڀ کان پھرين اسان کي اھو ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته اھي وڻ ٻين وڻن وانگر ھڪ ڀيرو وڍڻ کان پوء ٻيھر ڪڏھن به پوکي نٿا سگھجن، ڇاڪاڻ ته انھن کي وڌي وڻ ٿيڻ لاءِ وڏو وقت گھربل ھجي ٿو، اسين ھينئر جيڪي قبرستانن، مساڻن، اوطاقن وغيره ۾ ڪنڊي ۽ کٻڙ جا ٿُلهي ٿُڙ وارا ڌُوڌا وڻ بيٺل ڏسون ٿا، انھن جي ڄمار گھٽ ۾ گھٽ ته به ھڪ صدي کان وڏي ٿيندي تنھنڪري جيڪي به مقامي وڻ اڃا وڍجڻ کان بچيل آهن انھن کي ھر حالت ۾ محفوظ ڪيو وڃي، سرڪاري ترقياتي ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته روڊ، اسڪول، اسپتالون توڙي ٻيون ترقياتي رٿائون تعمير ڪرڻ وقت ڪوبه وڻ نه وڍجڻ کپي، نيون آباديون ۽ اڏاوتون وڻن واري جاءِ کان پاسيرو ڪيون وڃن، گهرن، اوطاقن، مال جي واڙن وغيره ۾ خوبصورتي لاءِ مقامي وڻ رکيا وڃن۔ گهرن ۾ رڌ پچاء لاءِ وڌ ۾ وڌ ڇيڻا گيس جا پلانٽ لڳايا وڃن يا سڪل ڇيڻا ٻاريا وڃن، ڪاٺين مان صرف ديوي جون ڪاٺيون استعمال ڪيون وڃن۔ فرنيچر جي مختلف شين جهڙوڪ ڪرسين، ميزن، ڪٻٺن، چوکٺن، دروازن، درين، کٽن لاءِ پنھنجي پھچ آھر لوھ يا المونيم وغيره استعمال ڪرڻ کپي جن کي اُڏوھي به نه ٿي لڳي ۽ ڪاٺ کان وڌيڪ پائدار به آهن۔ حڪومت پاران قانون پاس ڪري هر مقامي وڻ جي ڪنھن به مقصد لاءِ واڍي تي مڪمل پابندي لڳائي ڏنڊ مقرر ڪيو وڃي۔ جيئن جهنگلي جيوت جي شڪار تي ڏنڊ مقرر آھي، انگريزن جي دور کان نافذ ھڪ قانون، جنھن موجب "زمين جا مالڪاڻا حق رکڻ وارو زميندار به پنھنجي زمين تي وڻ پوکي ته سگھي ٿو پر سرڪار جي اجازت کان سواء انھن مان ڪو ھڪ وڻ به وڍائي نٿو سگھي " تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي، ٻيلي کاتي، ضلعي انتظاميائن، سياسي پارٽين، سماجي تنظيمن ۽ مقامي ادارن پاران اخبارن ۽ ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن ذريعي توڙي روڊن رستن تي بورڊ لڳائي انهن سان عوام کي ناياب ٿيندڙ قدرتي وڻن جي اهميت جو احساس ڏياريو وڃي ته جيئن قدرتي ماحول جو تحفظ ٿي سگهي. جنهن تيزي سان هي وڻ ختم ٿي رهيا آهن اها رفتار برقرار رهي ته ٿري وڻ، ميوا، ڏُٿ ۽ روزگار جو هي وڏو ذريعو تمام جلد تاريخ جو حصو بڻجي ويندا..

    ڪاوش مڊويڪ ميگزين 7 مئي 2014 ۾ ڇپيل
    ____
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حيرت اٿم ته اتي ماکي ايڏي سستي ٿي وڪامي، جڏهن ته هتي هاڻ اصل ماکي ته اڻلڀ ٿي پئي آهي.

    سچ ته بهترين ۽ معلوماتي ليک آهي. ڏُٿ ٻڌو ته گهڻو هيو پر اها خبر ڪانه هئي ته ڏٿ حاصل ڪرڻ جا ايترا گهڻا ذريعا آهن جيڪي هاڻ اڻلڀ ٿيندا وڃن. ڪرڙ ۽ کٻڙ جيڪي اسان جي علائقي ۾ جام هيا سي اڻلڀ آهن، هاڻي واريء جا دڙا ئي ختم ٿي ويا آهن تنهنڪري اهي وڻ ۽ ٻوٽا به ناياب ٿي ويا آهن.

    نور محمد سمون صاحب سدائين سهڻا، تاريخي ۽ معلوماتي ليک ونڊ ڪندو رهندو آهي. ان لاء سندس ٿورا.

    ڪٿي عبدالواحد آريسر جون سٽون پڙهيون هيون جنهن ۾ ڏٿ ۽ لطيف جو ذڪر هيو.

    لطيف جڏھن سنڌي ماڻھن جي خوراڪ، ڏٿ ۽ ڏونرا بيان ڪري ٿو. ان وقت حقيقت ۾ ھو سنڌي عوام جي اقتصادي تباھي ۽ بربادي بيان ڪري رھيو آھي. جيڪا غير ملڪي حاڪمن ۽ فاتحن جي اچڻ، لٽ مار ڪرڻ ۽ بربريت جي راڄ قائم ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي ھئي. سنڌ جا سرسبز علائقا ڇڏي سنڌي ماڻھن بيابان ۽ ويرانيون انھيءَ ڪري وسايون جو ھنن کي حاڪمن جي ظلم ۽ جبر پنھنجا وسندڙ ماڳ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ـ
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. .commail.com Zia Sindhi

    .commail.com Zia Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ٽمندين نيڻين آن ڪي کاھوڙي گڏيا. شاه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو