• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تاريخي جنگي جهاز وڪٽري جو سير

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڪراچيءَ جو ڪو سيٺ لنڊن سير ڪرڻ لاءِ ويو سندس فرمائش هُئي ته کيس پُراڻيون تاريخي شيون مقام ۽ مڪان ڏيکاريا وڃن. هڪ گائيڊ جو بندوبست ٿيو جيڪو کيس تاريخي جهاز (وڪٽري) ڏيکارڻ ويو. لارڊ نيلسن هن جنگي جهاز ذريعي گهڻي بحري جنگيون کٽيون هُيون. ان جنگي جهاز جو سير ڪندي گايڊ جهاز جي عرشي (تخت) تي نصب ٿيل پِتَل جي هڪ ميز وٽ بهي رهيو ۽ سيٺ کي چوڻ لڳو
گائيڊ : (غمزده لهجو) ۽ سر !... هيءَ آهي اُها جڳهه !... جتان ڪري لارڊ نيلسن پنهنجي جان گهور ڪئي هُئي !
سيٺ : (ميز وٽان جهٽڪو کاي پري ٿيندي) واقعي... ! هي ميز ته پوءِ خطرناڪ ٿي ! ڏس بيوقوفن ! ڪين کيس عرشي جي رستي ۾ رکي ڇڏي آهي !.. ذري گهٽ آون به ان ميز سان ٽڪرائجي ڪرڻ وارو هوس !
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top