• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روسين جو سڀ کان وڏو هٿيار گاريون آهن جنهن کي هو مات چون ٿا.

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
روسي جنهن شيءَ ۾ سڀني کان اڳيا آهن ان جو ته جاپاني به مقابلو نٿا ڪري سگهن. امريڪي ته الاهي پُٺيان آهن اُها شيءَ آهي (گاريون ڏيڻ) . هي روسين جو سڀ کان وڏو هٿيار آهي جنهنکي هو (مات يعني شڪست) چوندا آهن جنهن سان هوٻين کي مات يعني شڪست ڏيندا آهن. روس جو هڪ مزاح نگار لکي ٿو ته.
مات هڪ آرٽ آهي يا سپورٽ ! ان جو اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪري جي مات آرٽ هُجي ها ته يقينن اُن کي صدارتي ايوارڊ ملي ها.
چون ٿا ته جرمن جي فوج مان ڪي روسي قيدي ڀڄي آيا ته اُهي جرمني لباس ۾ هُئا. روسي علائقي ۾ ڳوٺاڻين انهن کي پڪڙي ورتو ۽ چوڻ لڳن
ڳوٺاڻا : توهان جرمن جا جسوس آهيو ! ڇا ثبوت آهي ته توهان روسي آهيو !
ته هُنن جاسوسن انتهائي غليظ غليظ گاريون ڏيڻ شروع ڪيون !
ڳوٺاڻا : مهرباني ! ثابت ٿي ويئو ! ته تو تهان واقعي روسي آهيو ! ايتريون ۽ روانيءَ سان گاريون ڏيڻ ڪو به غير روسي نٿو ڏئي سگهي.
هڪ امريڪي اداري روس جي سبزي منڊيءَ ۾ ٽي ڪلاڪ انٽرويو ڪيو! جڏنهن ان کي ايڊٽ ڪري گاريون ڪڍيون ويون ته پروگرام مس وڃي ٽي منٽ بچيو!
 
Back
Top