هندو مذهب ۾ ديني تعليم تي صرف هڪ گروه برهمڻ جي اجاره داري هُئي. ان ڪري انهن ٽن هزار سالن واري پُراڻي مذهب جا سڀئي منصف برهمڻ ئي هُئا. چار ويد ، ڪئي اپنشد، ڇهه شاستر ۽ ارڙهن پرانن تي مشتمل هڪ وسيع ذخيرو موجود آهي. رامان ۽ مها ڀارت رزميه قصا آهن. عوام جو مذهب پرانن، رامائڻ ۽ مها ڀارت تي مُبني آ. آريه قوم هندستان جي اُترئين ذرخيز علائقن تي قبضو ڪيو ته قديم رهائشين کي ڀيل، گونڊ ۽ ٻين دراوڙ ۽ ڪاري رنگ جي قومن کي دکن ۽ مشرقي ڀارت جي پري وارن جابلو علائقن ۽ جهنگن سان جُڙيل علائقن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو. جيڪي بچي ويا اُنهن کي شودر ۽ غير آريه قوم قرار ڏنو ويو.
سنسڪرت زبان ۾ (درن) رنگ کي چئبو آهي، انهن ڪاري رنگ وارن شودرن کي ذڪر ٿيل سڀني ڪتابن جهڙوڪ (چارويد، گهڻائي اپنشد، ڇهه شاستر، رامائڻ ۽ مها ڀارت) وغيره کي هيٺين ذات قرار ڏنو. جڏنهن ته گوري رنگ وارا (برهمڻ)، ڳاڙهي رنگ مائل (ڪشتري) ڦڪي رنگ مائل (ويشند) سڏيا وڃن ٿا ۽ هي ٽئي گروه اوچي ذات وارا سڏجڻ لڳا. ڪاري رنگ وارا هيٺين ذات وارا (اڇوت) سڏيا ويا. جنهنکي محض ڇُهڻ سان وڏي ذات جو ماڻهون ناپاڪ ٿي پوندو آهي.
آبادي جي اڪثريت اڄ به (شودرن) تي مشتمل آهي. هي اڇُوت هڪ عام کوُهه مان پاڻي نه نٿا ڀري سگهن. مندر ۾ داخل نٿا ٿي سگهن، انهن جي هٿ جو کاڌو پيتو اوچي ذات وارا استعمال نٿا ڪري سگهن. هي کاڌي پيتي جون شيون وڪرو نٿا ڪري سگهن، ڪو ڌوٻي هنن جا ڪپڙا نٿو ڌوئي سگهي، ڪو حجام سند سنوارت نٿو ٺاهي سگهي. هي آبادي کي پري جهنگن ۾ يا گندن علائقن ۾ رهائش رکن ٿا. هي وڏي ات وارن جي پاڙي ۾ به نٿا رهي سگهن. سنڌي زبان ۾ کين پُست قوم چيو وڃي ٿو.