
نوابشاهه ۾ صبح جو سوير لڳ ڀڳ چئين وڳي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن جن ۾ هڪ ماڻهو فوت جڏهن ته 50 کان مٿي زخمي ٿيا آهن. زلزلي جي شدت 4.3 هئي. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ اڄ اسڪولن جي به موڪل ڪئي وئي آهي.
پهريون جهٽڪو ٽي وڄي 51 منٽن تي، ٻيو جهٽڪو چار وڄي 11 منٽن تي جڏهن ته ٽيون جهٽڪو 4 وڄي 50 منٽن تي آيو. جنهن سبب ماڻهن ۾ سخت خوف ڇانيل رهيو.