انساني حقن، عورتن جي برابري ٻارن جي جبري مشقت ناقابل برداشت سمجهڻ وارا با اختيرا ماڻهون! آرٽسٽ ، موسيقار ، اديب ، ليکاري دُنياوي زندگي ۾ نئي تخليق جا نمائنده سڏبا آهن. هي اسانجو سوچيل سمجهيل ۽ واضح موقف آهي. ان جو اظهار، پنن جي صفحن تي، سئنيما اسڪرينن تي، ۽ ٽي وي چينلن تائين ڦهليل آهي ۽ جي اڃا به گهڻي وسعت گهرجي ته پنهنجي آرامده يا ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي ڪمپيوٽر جي مدد سان انهن جڳهين جي صورت حال جو معانو به ڪري سگهون ٿا جيڪا اسانکي گهربل هُجي ۽ ڊائلاگ جي صورت ۾ پئدا ڪري سگهون ٿا يعني ڊراما ٽائيز ڪري جيئن اڄ ڪلهه تمام گهڻي زور ۽ شور سان اسانجا ٽي وي نيوز چينلن جا اينڪر اخباري خبرن (ڪرنٽ افيئرس) کي ڊراماٽائيز ڪري پيش پيا ڪن.
ليڪن ! ويجهڙن ڏهاڙن ۾ جيڪو ڪُجهه ٿي رهيو آهي ڇا اُن جو ڪو رد عمل ڪٿي ظاهر ٿيو آهي . ڪٿي ڪنهنجي زبان سان ته ڪٿي ڪنهن طاقتور جي طرفان؟ انسانن جي هٿان انسانن جي مُسلسل تذليل پئي ٿئي ! ڪنهن کي تذلکيل جو ايترو ته بندوبست اهتمام سان ڪجي ٿو، جو لڳي ٿو ته زندگي جي ممڪنات کي هاڻ ختم ڪرڻ لا شعوري ڪوششون ٿي رهيون آهن، فرد جي بُنيادي حقن جي حصول لا، آزادي جي اظهار جي نالي تي ، ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جو ڪاوشون ڇا اهو واضح اشارو ناهي ته ڇا هي سڀ ڪُجهه اسان جي جبليت کي متحرڪ ڪرڻ لا ڪافي ڪونهين. انساني حقن جو تنظيمون، عويرتن جي برابري وارن حقن جون اجمنون، ٻارڙن جي جبري مشڪت کي ناقابل برداشت سمجهڻ وارا پو رُڳو اهي با اختيار ئي ڇو آهن. آخت رخليق جي سُتل هُئڻ سان تحرڪ جو وجود ڪيئن ايندو، احساس جي رڳن ۾ لرزش کي ڪيئن اُڀاري سگهبو ۽ فڪر جي گهيري ۾ عمق ڪيئن ڏيکاري ڏيندو!
ته اي مُهجي قوم ! توهان زنده ڇو آهيو؟ اقرار ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهين ته اسان اُهي ناهيون جيڪي هوندا هُئاسون. ڏک، پيڙهه، سچائي، اُميد، يقين، ايمان ڇا محظ اسان لاِ لفظ هُئا. ضرور چوندئو ! ته جي اسان انهن لفظن جو پاس نه رکيو ته ڪهڙي قيامت اچي وئي، ڪهڙو ڏوهه ڪبيرا ٿي ويو ! آخر ٻيون به ته ترقي ڪندڙ قومون به ته انهي ناپاسي سان زنده آهن، اسان ته ترقي پذير ماڻهون، ان سمت ۾ پيش رفت نه ڪري سگهيا آهيون ته پُٺيان ڪيئن رهجي ويا آهيون. اسان کائيندي، پيئندي ، سوچيندي، ٽهڪڙا هڻندي، زور آواز سان ڳالهائيندي پنهنجي انهن اظهار ڪرڻ جي طريقن تي قابض ته آهيون ته پو ڇو نه اسانکي به مُئل قوم بجا جيتي جاڳندي قوم ۾ شمار ڪرڻ گهرجي. اچو ته التجا ڪرڻ لا هٿ مٿي ڪريون. پر سوال اچي ٿو ته ڪنهن جي اڳيان؟ ٿورڙو غور وفڪر ڪري ٿڌي دل سان سمجهو ۽ مونکي به سمجهايو!