اڇوت ! مهاڀارت (هندُن جي مذهبي ڪتاب) مان اقتباس ورتل مها ڀارت هڪ قبائلي ڇوڪري (اڪلابيا) جي ڪهاڻي هن ريت بيان ڪري ٿي. ته اڪلابيا تير اندازي جو فن سکڻ لا پنهنجي اُستاد (درونا چاريه) وٽ ويو، اُستاد ان بنياد تي کيس تير اندازي جو فن سيکارڻ کان معذرت ڪئي ته هي فن صرف (ڪشترين) جي سکڻ لا آهي. هڪ دفعي استاد (درونا چاريه) پنهنجي شاگردن (ڪورن ۽ پانڊن) سان گڏ تير اندازي جي مشق ڪرڻ لا جهنگ ۾ ويو. ان جماعت سان هڪ ڪتو به هو. ڪتي جي ڀونڪڻ سان ئي هڪ تير اچي سندس مُنهن ۾ چُڀي ويو، ظاهر آهي ڪنهن لڪيل تير انداز ئي ڀونڪندڙ ڪتي تي نشانو لڳايو هوندو. درونا چاريه کي يقين هو ته هي ڪمال هُجي نه هُجي صرف ارجن (ديوتا) ئي ڪري سگهي ٿو. هُن تير اندازن کي گهرايو ته اڪلا بيا به جهنگ مان نڪري ٻاهر آيو ۽ اعتراف ڪرڻ لڳو ته ڪتي کي هُن ئي تير اندازي ڪري هلاک ڪيو آهي. درونا چاريه کائنس تير انازي سيکارڻ واري اُستاد جو نالو پُڇيو ڇو جو هو ته کيس تير اندازي سيکارڻ کان منع ڪري چڪو هو. ته هن ٻُڌايو ته هن سندس (درونا چاريه) ئي ڪنهن شاگرد کان تير اندازي سکي آهي. هن پنهنجي پهرئين حاضري کيس ياد ڏياريندي چيو ته اوهان جي انڪار تي مان جهنگ ۾ وڃي توهانجو هڪ مجسمو ٺاهيو ۽ اُن کان ئي هي فن سکيو. درونا چاريه پو استادي جي نذراني تحت هن جي ساڄي هٿ جو آڱوٺو گهريو ۽ فرمان بردار شاگرد اڪلابيا پنهنجي ساڄي هٿ جو آڱوٺو ڪٽي اُستاد جي حوالي ڪيو. پو ان کان پو اڪلابيا پنهنجي معور هٿ جي ڪري پوري عمر تير اندازي نه ڪري سگهيو. هي واقعو هندو ڌرم جي مذهبي ڪتاب (مها ڀارت) ۾ درج آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته برهمڻ صرف رنگ جي بُنياد تي پنهنجي هم مذهب، هم قوم انسانن کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ کان روڪڻ لا ڪهڙا حربا استعمال ڪندا هُئا.