اسان قوم هُجڻ جي حيثيت سان لفظن جي استعمال ۽ پنهان طاقت تي ڪڏنهن به غور نه ڪري سگهيا آهيون ۽ بس بي مقصدي سان لفظن جي استعمال ۽ وهڪري واري سيلاب ۾ ٻُڏندا پيا وڃون جنهنڪري ڊڪشنري ۾ ڇپيل مٺا ٻول (لفظ) اسان جي ذهن ۽ فطرت جي ادائگي مان موڪلائي پيا وڃن. ۽ دلين کي زخمي ڪندڙ ٻولن يا لفظن جو استعمال ڪثرت سان پيو ٿئي. اسان اهو وساري چُڪا آهيون تهن ڪائنات ۽ دُنيا ۾ اصل قوت ٻولن (لفظن) جي آهي جنهنجو هڪ واضح ثبوت ڪائنات ۽ دُنيا جي شروعات لا پروردگار طرفان امر ٿيل مقدس لفظ (ڪُن) يعني ٿي وڃ جو آهي ۽ ان سان ڪائنات ۽ دُنيا تشڪيل ٿي وڃي ٿي. سوال آهي ته ڇا هاڻ انسان کي انسان ويجهو آڻڻ لاِ ٻول يا لفظن جو ذخيرو گُم ٿي ويو آهي؟ اڄ خبر نٿي پوي ته ڇو ماڻهن وٽ (مهرباني يا شڪريه) ادا ڪرڻ جو به صقت ناهي نه ئي اهڙا ڪثرت سان استعمال لا ٻول ! پنهنجي ڪوتاهي تي حضرت انسان وٽ معذرت ڪرڻ لا به نه جرات آهي ۽ نه ئي توفيق ! ٻولن يعني لفظن جي صحيح استعمال جي توفيق به هڪ نعمت آهي. هي نعمت به گهٽ ماڻهن جي نصيب ۾ آهي. خالي لفظن کي ڳڙڪائڻ يا ڪڍڻ سان به ڪو مسئلو حل طلب نٿو رهي. ٿيڻ ته ائين کپي جو ٻولن سان ماحول روشن ٿي پوي، ماحول خوش ٿي وڃي. وسارڻ نه گهرجي ته ٻول يا لفظ حقيقت آهن، ٻول امانت آهن، ٻول دولت آهن، ٻول طاقت آهن ۽ انهن کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي.