ڇنڇر جو ڏينهن هو، مهراڻ يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر جيڪو حيدرآباد شهر ۾ رهندو هو، هر وقت غائب دماغ ۽ ڪمزور ياداشت وارو رهندو هو، هڪ ڏينهن سندس ساٿي پروفيسر جيڪو هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ لائبري ۾ گهڻو ڪم هوس هن پنهنجي دوست پروفيسر کي هڪ خط ڏئي پوسٽ لازمي پوسٽ ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي ته وڇڻ ساڻ ئي پوست ڪري ڇڏي. پروفيسر دوست يقين ڏياري حامي ڀري. ٽئي ڏينهن سومر تي جڏنهن ان پروفيسر جي ملاقات ٿي ته هن پنهنجي دوست کان خط پوسٽ ڪري ڇڏڻ جو پُڇيو، پروفيسر هڪدم ڪاوڙ ۾ اچي ويو ته ٻيلي اهڙي بي اعتباري ! چوڻ لڳو ته چيم نه ته پوسٽ ڪري ڇڏيم ! پر جي اڃان به بي اعتبار آهين ته (کيسي مان اُهو خط ڪڍي واپس ڪندي) هان هي وٺ! نٿو يقين اچئي ته هاڻ پاڻ وڃي پوسٽ ڪري ڇڏ !