پنج سالن جو رضوان، چئن سالن جي نوري سان پنهنجي گهر جي گهٽي ۽ سامهون وارو روڊ پار ڪري ٻئي گهٽي ۾ ڪنهن گهر ۾ هم عمر دوستن کيڏڻ وڃي رهيا هُئا. روڊ پار ڪرڻ وقت رضوان کي پنهنجي ما جي هڪ نصيحت ياد اچي وئي نصيحت 1 : شريف ٻار هميشه تهذيب ۽ اخلاق سان برتا رکندا آهن. اها نصيحت ياد ڪندي هُن پنهنجي دوست نوري جو هٿ، هٿ ۾ ورتو ۽ چوڻ لڳو رضوان : اچ نوري ! آئون تُهنجو هٿ جهلي توکي روڊ پار ڪرايان! نوري : (هٿ ۾ هٿ ڏيندي) ٺيڪ آهي! پر مُهنجي پاپا جي هي نصيحت ضرور ياد ڪجئين جنهن به هڪ ڏينهن مُهنجي ٽيچر جو هٿ هٿ ۾ جهلي ائي چيو هو نصيحت 2 : وفادار دوست جڏنهن هڪ دفعو هٿ وٺي وٺندا آهن ته پو ڪڏنهن به ڇڏي ڪونه ڏيندا آهن.