• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا هاڻ اسان پنهجي ڊيوٽي به نه ڪريون؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ ماڻهون هڪ کڏ کوٽي ۽ ٻي کڏ کوٽڻ ويو ته پويان وري هڪ ٻيو ماڻهون اچي ان کڏ کي واپس مٽي وجهي ڀريندو ويو. اهڙي طرح گهڻائي دفعا پهريون ماڻهون ويچارو کڏ کوٽيندو ويو ۽ ٻيو ماڻهون اچي ان کي ڀريندو ويو.
مون پريان بهي اهو سمورو لقا پئي ڏٺو ۽ مونکي ٻئي ماڻهو تي بُڇاڻ اچڻ لڳي ته ! وڌي اڳيان تنبيح ڪرڻ ويوسانس
آئون : ابا مٿو اچي خراب ٿيو اٿئي ڇا ! هو مزدور ويچارو گرمي ۾ ايڏي محنت ڪري کڏ کوٽيندو وڃي ۽ تون پويان ان کي مٽي وجهي ڀريو ڇڏين!
ٻيو ماڻهون : قاب ! اسان ٻئي هڪ ئي محڪمي جا ملازم آهيون ! اسانجو ٽيون ساٿي مالهي به هوندو آهي جيڪو کوٽيل کڏ ۾ اچي پودا وجهندو آهي. اتفاق سان هو اڄ موڪل تي آهي. ڇا ڪريون اسانکي به ته پنهنجي ڏهاڙي پوري ڪرڻي آهي نه ! هڪ ساٿي جو ڪم کڏ کوٽڻ ۽ مُهنجو ڪم پورڻ آهي جو!
 
Back
Top