سڀني کي خبر آهي ته سقراط هن دُنيا جو پهريون ۽ عظيم فلسفي ٿي گُذريو آهي پر شايد اها ڪنهن کي به خبر نه هُجي ته هُن ڪڏنهن به ڪو ڪتاب ڪونه لکيو هو! سبب اهو هو ته هُن کي لکڻ پڙهڻ ايندو ئي ڪونه هو! شايد توهان لا تعجب جي ڳالهه هُجي جي اوهان کي ٻُڌايان ته سقراط انتهائي بدصورت شڪل وارو شخص هو، اُن جي هڪ شاگرد سندس تشبيهه جو مثال هڪ اهڙي مجسمي سان تعبير بڪيو جنهنجو مٿيون حصو ته ڀلي مضحڪه خيز هُجي پر جنهن جي اندر ۾ ديوتا جي تصوير هُجي! چون ٿا ته سُقراط جي ما دائي هُئي پر هو پاڻ پيشي جي لحاظ کان مجسمه ٺاهيندو هو! سقراط رندگي ڀر پئسو ڪمائڻ ۾ سنجيده ڏسڻ ۾ نه ايندو هو، ان جو اهو سبب هو جو هن جي زال سان هُن جي هر وقت اڻ بڻت رهندي هُئي ۽ جهيڙو رهندو هو! سقراط جي قوت برداشت وري ڪمال جي هُئي. شهر ۾ هو واحد شخص هو جيڪو اگهاڙن پيرن سان برف تي گهمندو ڦرندو رهندو هو.