• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حادثي جو چشمهديد گواه هڪ ڀولڙو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
يورپ جو هڪ جهاز معمولي پرواز تي هو ته اوچتو ڪري تباهه ٿي حادثي جو شڪار بڻجي ويو. ان حادثي ۾ سوا هڪ ڀولڙي جي باقي سڀ مسافر هلاک ٿي چُڪا هُئا. حادثي جي تحقيقاتي ٽيم جي هڪ آفيسر ان بندر کان اشارن جي ذريعي حادثي واقع هُئڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٽيم : جڏنهن حادثو وقوع ٿيو ته مُسافر ڇا ڪري رهيا هُئا !
ڀولڙو : (ڀولڙي پنهنجن ٻنهين هٿن کي پاڻ ۾ملايو، وهاڻي وانگر مٿي هيٺان رکيو ۽ اکيون بند ڪري سمهي رهيو!)
ٽيم : اوه ! ته سڀ مُسافر سُتا پيا هُوا!
آفيسر وري ٻيو سوال ڪيس
ٽيم : چڱو هاڻ ٻُڌا ته جهاز جي پائلٽ ڇا پئي ڪيو !
ڀولڙو : (تحقيقاتي ٽيم ۾ ٻه ڇوڪريون به هُيون ، ڀولڙي ڇا ڪيو جو سوال ٻُڌي هڪدم هڪ ڇوڪري جي جهولي ۾ وڃي ويهي رهيو، کيس ڀاڪر پائي، مُنهن ڪن جي ويجهو ڪري عجيب عجيب آواز ڪڍڻ لڳو )
آفسير ڏسي فورن چيو
ٽيم : اوڪي ! اوڪي ! آ انڊر اسٽينڊ ! پائلٽ ايئر هوسٽس سان رامانس ڪري رهيو هو!
هن پو ٽيون ۽ آخري سوال هن چشميده گواهه کان ڪيو
ٽيم : هاڻ اهو ٻُڌا ! تون ان وقت ڇا ڪري رهيو هُئين !
بولڙو : (ڇوڪري جي هنج مان لهي آيو، سوال ڪرڻ واري آفيسر جي ٽوپي مٿي تان لاٿي ۽ پنهنجي مٿي تي رکي ۽ پو جمپ ڏئي وڃي هڪ خالي ڪُرسي تي ويهي رهيو ! پنهنجا ٻئي هٿ خالي ڪرسي جي ٻانهن تي ائين رکيا جيئن هو جهاز جو اسٽيرنگ پڪڙي بيٺو هُجي ۽ پو هو پنهنجي مُنهن مان جهاز هلائڻ جي غون غون جو آواز ڪڍڻ لڳو!
ٽيم : اوڪي ! اوڪي! سمجهه ۾ اچي ويو اهو جهاز تو پئي هلايو! ته حادثي جو شڪار ٿي ويو!
 
دانگي ڀولڙي کان پڇو تون عشق فلم ۾ ذري گهٽ عامر خان کي ماريو هو وري پيو جهاز هلائين لڳي ٿو نظرون رومينس جي طرف هونديس
 
Back
Top