جو ئي آھيان، سو ئي آھيان

'سچل سارو سچ' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جو ئي آھيان، سو ئي آھيان!
    ھندو مومن ناھيان مان!
    ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آءٌ جو ئي آھيان، سو ئي آھيان!
    ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاھل نالو ظاھر چوي
    ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو پنٿ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بھار بسنت چوي
    ڪو ميراثي ڪلونت چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو ملان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي
    ڪو روزيدار نمازي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو رد چوي ڪو بد چوي، ڪو بيديني بيحد چوي
    ڪو مشرڪ ڀي ملحد چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شر ڀريو شيطان چوي
    ڪو بزرگ جو مستان چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو سست چوي ڪوسرمست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي
    ڪو عاشق روز الست چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رھنما رفيق چوي
    ڪو غرقي منجھ عميق چوي، آءُ جو ي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو رنگ ڪو بي رنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي
    ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي
    ڪو ازلي مست موالي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اھا برحق چوي
    مونکي مرشد عبدالحق چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو خاص چوي ڪا عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي
    ڪو ’سچو‘ سچو نام چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
     
  3. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    حق موجود، سدا موجود!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو