سنڌي شاعريءَ جون ڪجهه اهم صنفون

'سنڌي شاعري' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,239
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌي شاعريءَ جون ڪجهه اهم صنفون


    ڪافي

    ڪافي سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف آهي جنهن جو مکيه موضوع مجازي عشق جو درد ۽ فراق آهي. ڪافي گهڻو ڪري عورت جي بزباني گفتگو ڪئي ويندي آهي. وقت سان گڏوگڏ ڪافي جي موضوعن ۾ حُسن ۽ عشق کان علاوه ٻيا به ڪيترائي موضوع شامل ٿي ويا جهڙوڪ تصوف ۽ قوميت وغيره

    ڪي ماهر ان کي ”ڪافي“ ٿا چون ته ڪي وري ”قافي“. ڪي ماهر ان جي نسبت راڳ سان ڏيکارين ٿا ته ڪي وري شاعريءَ سان. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق ڪافي جو تعلق شاعريءَ سان آهي پر اڪثر ماهر ان کي راڳ سان منصوب ڪن ٿا. هو چون ٿا ته ڪافي امير خسرو جي ايجاد ڪيل صنف آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ٽاڪ منجهند مقرر ڪيو ويو. راڳواريءَ موجب اروهي ۽ امروهي جي سڀني سُرن لڳڻ سبب ڪافي امير خسرو ان کي ڪافي ڪوٺيو.

    ڪافيءَ جي هئيت

    هئيت جي لحاظ کان هن جا ڪيترائي قسم آهن جيئن يڪيون، ڏيڍيون، ٻه تڪيون ۽ چوء تاريون. ڪافيءَ جو وزن ڪڏهن عرض ۽ ڪٿي موسيقي تي ٻڌل هوندو آهي

    ڪن ماهرن مطابق سومرن ۽ سمن جي دور ۾ اسماعيلين جي چيل گانن کي ڪافي جو اوائلي نمونو سمجهيو وڃي ٿو. پر فني توڙي موضوعي لحاظ کان سچل کي ان جو موجد سڏيو وڃي ته وڌاءُ ناهي

    بيت

    ڳاهه سنڌي بيت جي قديم صورت آهي. اوائلي دور ۾ قصي ۽ رومانوي داستانن کي پر اثر بڻائڻ لاءِ ڳاهه چيو ويندو هو. ڳاهه جڏهن ترقي ڪئي ته ان بيت ۽ ڏوهيڙي جي شڪل ورتي

    سنڌي بيت هندي ڇندوديا سان مطابقت رکن ٿا. اسان وٽ ڇندوديا جا گهڻو ڪري ٻه قسم استعمال ڪيا ويندا آهن

    دوها ڇند_هن بيت ۾ ٻه سٽون ٿينديون آهن ۽ قافيو سٽن جي آخر ۾ ايندو آهي

    مثال

    تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي نه سک
    سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک (شاه)

    سورٺا ڇند_ٻه سٽا بيت پر قافيو وچ ۾

    مثال

    جوڳيءَ جاڳايو، ستو هوس ننڊ ۾
    تنهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري (قاضي قاضن)

    دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند جي ميلاپ جا پڻ ڪجهه تجربا ڪيا ويا ۽ اهڙيءَ ريت سنڌي ادب ۾ ڪجهه نيون صنفون وجود ۾ آيون

    مثال

    سي ئي سيل ٿيام، پڙهئام جي پاڻان،
    اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي ورئام (قاضي قاضن)


    بيت جا موضوع

    بيت هر موضوع تي چيا ويا آهن. ان ۾ حسن، عشق، فلسفو، فطرت نگاري، اعلٰي انساني قدر، مذهبي رجحان (ڪبت) ۽ نڙ بيت شامل آهن. جديد بيت جي صنف کي شاه لطيف چوٽ تي پڄايو. ٻيا اديب جن بيت تي ڪم ڪيو تن ۾ شيخ اياز، طالب المولٰي، استاد بخاري شامل آهن

    وائي

    وائي سنڌي شاعريءَ جي مقبول ۽ عام صنف آهي. شاه عبداللطيف پنهنجي سُرن جي هر داستان کانپوءِ وائي چئي آهي. ڪن عالمن مطابق وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شيءَ آهي پر حقيقت ۾ ٻئي الڳ الڳ صنفون آهن

    عام اصطلاح ۾ ڪنهن به ڳالهه ۽ ٻوليءَ کي وائي چئبو آهي. هن جو ڌاتو پرڪرت لفظ وايا ۽ سنسڪرت لفظ ورت آهي جنهن جي معنٰي ”هجر“ آهي. وائيءَ جو موضوع ته هجر ۽ فراق آهي پر ڪجهه موقعن تي وائيءَ ۾ هجر ۽ فراق نه هوندو آهي. فني لحاظ کان وائي کي بيت جي بدليل صورت سڏي سگهجي ٿو. وائي هڪ ڊگهو بيت آهي پر هن جي هر مصرع کانپوءِ پهرين سٽ جي پوئين اد جو ورجاءُ ٿيندو آهي. مثال طور

    عشق اسان وٽ آرائين، جيئن آيو جهول ڀري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري،
    موتئي جهڙي مرڪ پريئن جي، مڳرو ماٺ ڪري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري.
    شيخ اياز

    مولود

    هي نج سنڌي ٻوليءَ جي صنف آهي ۽ نعتيه شاعريءَ جي دائري ۾ اچي ٿي. مولود لفظ جي لغوي معنٰي آهي نئون ڄاول ٻار. اسلام برصغير ۾ سڀ کان پهريان سنڌ ۾ داخل ٿيو. مقامي ماڻهو نبي صلي الله عليه وسلم جن جي زندگيءَ مان متاثرٿي سندس ولادت جي نسبت سان شاعري ڪرڻ لڳا جنهن کي مولود چيو وڃي ٿو

    مولود جي فني جوڙجڪ

    مولود جي صنف فني اعتبار کان وائي ۽ ڪافي جي دائري ۾ اچي ٿي پر جيئن ته وائي ۽ ڪافي سازن ساڻ چئي ويندي آهي تنهن جيڪري مولود وائي ۽ ڪافي کان بنهه مختلف آهي. سنڌ ۾ مولود جي صنف ڪافي مقبول آهي ۽ مولود هڪ منفرد انداز سان ٽولن جي صورت ۾ چيا ويندا آهن


    غزل

    غزل سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ سنڌي ادب جي ڪنهن ٻي صنف کان گهٽ مقبول ناهي.

    غزل جي وصف

    علامه آءِ آءِ قاضي چوي ٿو ته لفظ غزل عربي زبان مان نڪتو آهي جنهن جو مفهوم آهي ”سهڻن سان محبت جو ڳالهيون ڪرڻ“. پر هڪ ٻيو لفظ غزالا آهي جنهن جي معنٰي آهي ڪتڻ يا وٽڻ. مونکي پڪ آهي ته غزل غزالا مان ئي ورتو ويو هوندو. هڪ ٻيو لفظ آهي غزال (هرڻي) ۽ ڪن جو رايو آهي ته غزل ان مان ئي نڪتل آهي. جيڪڏهن ان مان نڪتو هوندو ته به هرڻيءَ جي اڇانگ ۽ غزل گو شاعرن جي پرواز ۾ ڪافي مناسبت آهي.

    غزل جون فني خوبيون

    غزل ڪيترن ئي شعرن جو مجموعو هوندو آهي
    غزل جو هر شعر پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل مضمون رکي ٿو
    غزل جي پهرين شعر (مطلع) ۾ ٻنهي مصرن جو قافيو ساڳيو هوندو آهي
    غزل جي باقي شعرن ۾ قافيو ٻئي مصرع ۾ ايندو آهي
    غزل جي آخري شعر (مقطع) ۾ شاعر جو تخلص هوندو آهي

    غزل جون خاصيتون

    غزل حسن عشق سان سينگاريل هجي
    غزل جي ٻولي نرم ۽ شيرين هجڻ گهرجي
    غزل ۾ هلڪڙائپ نه هجڻ گهرجي
    غزل ۾ نهٺائي ۽ انڪساري هجي نه ڪي غرور ۽ وڏائي
    غزل ۾ عام ٻولي استعمال ڪئي وڃي

    غزل جا موضوع

    غزل بنيادي طور تي حسن ۽ عشق لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڪجهه وقت کان ان ۾ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن مثال جي طور تي تصوف، فلسفو، سماجي ۽ معاشرتي عنوان شامل ٿي چڪا آهن

    غزل جي تاريخ

    غزل سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ وسيلي آيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ فارسيءَ جو اثر ايتري قدر وڌي ويو جو ماڻهو فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا. ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي ۽ فارسي گڏي ڪري شاعري ٿيڻ لڳي. سنڌي غزل جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو

    غزل جو اوائلي دور

    غزل جو اوائلي دور ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور تي مشتمل آهي. نورمحمد خسته ۽ مرزا تقي ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي غزل چيا. سچل سرمست پڻ ٽالپرن جي دور ۾ غزل گوئي ڪئي

    غزل جو ٻيو دور

    انگريزن جو دور سنڌي غزل جي تاريخ جو ٻيو دور آهي. غزل هن دور ۾ گهڻي ترقي ڪئي. هن دور کي وڌيڪ ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي

    قدما جو دور_ هن دور جي غزل جو باني خليفو گل محمد آهي. هي پهريون سنڌي صاحبِ ديوان شاعر آهي. هن دور جو ٻيو ناميارو شاعر آخوند قاسم هالائي آهي.

    درمياني دور_ عبدالحسين سانگي هن دور جو ناميارو شاعر آهي. مرزا قليچ بيگ، مولانا عبدالغفور همايوني ۽ شمس الدين بلبل هن دور جا ناميارا غزل جا شاعر هئا.

    آخري دور_هن دور ۾ به ڪافي شاعر پيدا ٿيا جن ۾ مشهور هي هئا

    آغا غلام نبي
    محمد هاشم مخلص
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
    علي اصغر شاهه

    غزل جو جديد دور (ٽيون دور

    ورهاڱي کانپوءِ غزل جو جديد دور شروع ٿئي ٿو. هن دور ۾ ڪجهه شاعرن غزل کي روايتي انداز ۾ پيش ڪيو. پر ڪجهه شاعرن نوان نوان تجربا ڪري غزل کي پيش ڪيو جنهن سان غزل جي صنف کي اڳي کان وڌيڪ ڪاميابي ملي. هن دور جو مشهور شاعر شيخ اياز هو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    461
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    تفصيلي ليک. بھترين . . . ڪوشش جاري رکو ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,834
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مختصر پر جامع، ڄاڻ وارو ۽ ڪارائتو ليک آهي ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو