ڪونه ٿو گهران راشد مورائيءَ

منصور سرور

سينيئر رڪن
”اڌ واٽ تان واپس ٿي ورڻ ڪونه ٿو گهران

دم آهي ته ڪا هار مڃڻ ڪونه ٿو گهران

سچ آهه حياتي تي ڪوئي ڀروسو ناهي

”منزل کان اڳي پوءِ به مرڻ ڪونه ٿو گهران“
 
”گذر ٿيا سال پر پيدا نه ٿيو ڪو فرق عادت ۾

جهالت سان پيا جهيڙيون ذهينن جي قيادت ۾

زمانا! داد ڏيڻو نيٺ پوندئي منهنجي همت جو

ڏٺي هوندي ڪمي ڪڏهين نه توڪا استقامت ۾
 
”مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آٺا هي،

ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر،

جوکي ۾ وڌم جيءَ ڪيم جنگ امن لاءِ،

انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر“
 
Back
Top