ڏور به اوڏا سپرين! ڪامران اڪبر سومرو هو پارڪ جي ڇٻر تي ليٽيو پيو هو، رات جو پهر هو، اڀ ۾ ڪيترا ئي تارا چمڪن پيا، پهريُن تاريخن جو چنڊ جهڙ جي پويان لڪيل هيو! هن جي ڪنن ۾ موبائل جي ايئر فون لڳل هئي، هو سرمد سنڌيءَ جو گانو ٻڌي رهيو هو، “تنهنجي ياد جي وري آ وير...” ٿوريءَ دير ۾ هن گانو بند ڪري، گهر جو فون نمبر ملايو... “هيلو امي! مان توهانکي ڏاڍو ياد ڪيان پيو!” فون جي هن پاسي کان جواب آيو، “الائي ڏينهن کانپوءِ ياد آئي اٿئي! مون کي ته هر پل اوهانجي غير موجودگيءَ جو احساس هوندو آ... گهر بالڪل خالي خالي لڳندو آ... تون جيڪي گلن جون ڪُنڊيون وٺي آيو هئين، انهن ۾ لڳل گل به مايوسيءَ ۾ ڪوماڻجي ويا آهن! صندل، جنهن تي ويهي تون شعر لکندو آن، اهو به تو کي ياد ڪري ٿو...!” “امي مان جلدي ايندم، بس ڪجهه ڏينهن ۾” “امي!” “هون...”(سڏڪن ۾ جهيڻو آواز) “امي، آسمان ۾ ته ڏسو، ستارا ڪيئن نه چمڪن پيا...! هو ڏسو ٽيڙو!” “ها، انهن جي ڀر ۾ هڪ روشن ستارو به ڏس، ڪيڏو نمايان آهي!” “امي! ڪير ٿو چئي اسان الڳ آهيون!؟ جڏهن ته اسان ايڏو ويجها آهيون جو هي ستارا ۽ چنڊ، اسان هڪ مهل ئي، ساڳئي وقت ڏسي سگهون ٿا!” هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ستارن جو عڪس ڌنڌلو ٿيندو ويو... فون جي لائن ڪٽجي وئي ۽ سرمد جو گانو وري هلڻ لڳو، “تنهنجي ياد جي وري آ وير... لڳي رهي آ، ٿڌڙي هير...”
“امي! ڪير ٿو چئي اسان الڳ آهيون!؟ جڏهن ته اسان ايڏو ويجها آهيون جو هي ستارا ۽ چنڊ، اسان هڪ مهل ئي، ساڳئي وقت ڏسي سگهون ٿا!” ماء ڪائنات جي عظيم ترين شخصيت آهي