نثري نظم! مائرن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ڪامران اڪبر سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2014۔

  1. ڪامران اڪبر سومرو

    ڪامران اڪبر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پي ايڇ ڊي اسڪالر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڏور به اوڏا سپرين!
    ڪامران اڪبر سومرو


    هو پارڪ جي ڇٻر تي
    ليٽيو پيو هو، رات جو پهر هو،
    اڀ ۾ ڪيترا ئي تارا چمڪن پيا،
    پهريُن تاريخن جو چنڊ
    جهڙ جي پويان لڪيل هيو!
    هن جي ڪنن ۾ موبائل جي
    ايئر فون لڳل هئي،
    هو سرمد سنڌيءَ جو گانو ٻڌي رهيو هو،
    “تنهنجي ياد جي وري آ وير...”
    ٿوريءَ دير ۾ هن گانو بند ڪري،
    گهر جو فون نمبر ملايو...
    “هيلو امي!
    مان توهانکي ڏاڍو ياد ڪيان پيو!”
    فون جي هن پاسي کان جواب آيو،
    “الائي ڏينهن کانپوءِ ياد آئي اٿئي!
    مون کي ته هر پل اوهانجي غير موجودگيءَ جو
    احساس هوندو آ...
    گهر بالڪل خالي خالي لڳندو آ...
    تون جيڪي گلن جون ڪُنڊيون وٺي آيو هئين،
    انهن ۾ لڳل گل به مايوسيءَ ۾ ڪوماڻجي ويا آهن!
    صندل، جنهن تي ويهي تون شعر لکندو آن،
    اهو به تو کي ياد ڪري ٿو...!”

    “امي مان جلدي ايندم،
    بس ڪجهه ڏينهن ۾”
    “امي!”
    “هون...”(سڏڪن ۾ جهيڻو آواز)
    “امي، آسمان ۾ ته ڏسو،
    ستارا ڪيئن نه چمڪن پيا...!
    هو ڏسو ٽيڙو!”
    “ها، انهن جي ڀر ۾ هڪ روشن ستارو به ڏس،
    ڪيڏو نمايان آهي!”

    “امي! ڪير ٿو چئي اسان الڳ آهيون!؟
    جڏهن ته اسان ايڏو ويجها آهيون
    جو هي ستارا ۽ چنڊ،
    اسان هڪ مهل ئي، ساڳئي وقت ڏسي سگهون ٿا!”
    هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا،
    ستارن جو عڪس ڌنڌلو ٿيندو ويو...
    فون جي لائن ڪٽجي وئي
    ۽ سرمد جو گانو وري هلڻ لڳو،
    “تنهنجي ياد جي وري آ وير...
    لڳي رهي آ، ٿڌڙي هير...”
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    “امي! ڪير ٿو چئي اسان الڳ آهيون!؟
    جڏهن ته اسان ايڏو ويجها آهيون
    جو هي ستارا ۽ چنڊ،
    اسان هڪ مهل ئي، ساڳئي وقت ڏسي سگهون ٿا!”

    ماء ڪائنات جي عظيم ترين شخصيت آهي
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ماءُ جهڙي هستيء کي سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو