• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڍول گھراڻو جي شاعري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
غزل ڍول گھراڻو

ڏسي هرڪو حسن تنهنجو ديوانو ٿي ويو هوندو

نماڻن تنهنجي نظرن جو نشانو ٿي ويو هوندو .

پياريو جام تو جنهن کي پرين پلٽي جي نيڻن جو

تنهنجي محبت ۾ سو مجنون مستانو ٿي ويو هوندو .

بنا تنهنجي ته محفل ۾ هوندي سڃ اي ساقي

سوا مئه جي مئخاني جو ويرانو ٿي ويو هوندو .

پنهنجي چپڙن کي تو چوري جھونگاريو جي تو چاهت مان

زهر ڪيڏن ته پيا ڪن جو پئمانو ٿي ويوهوندو .

ادا تنهنجي اڳيان قاتل جھڪيا ڪيئي ته ڪنڌ هوندا

ڏسي حيران حسن تنهنجو زمانو ٿي ويو هوندو .

ڪري ڪنهن تي ڪرم پيارا ڪئي جو مهر محبت جي

لمحو هر تنهن تي لالڻ جو سهانو ٿي ويو هوندو .

جدائي تنهنجي الفت جي ملي جنهن ڍول کي مٺڙا

ختم ان جي حياتي جو بهانو ٿي ويو هوندو
 
منهنجي اها ڪوشش آهي ته اسان جا جيڪي قلمڪار شاعر پنهنجي تحريرن ۽ تخليقن کي رکيو ويٺا آهن انهن کي ادبي دنيا ۾ آڻجي
 
Back
Top