• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وارينٽي ختم! ڪمپني به نئي پروڊڪٽ ڪڍڻ بند ڪري ڇڏي آهي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
گهر ۾ روز روز جي ڪِل ڪِل ، تون ! تون ! مان! مان! هر وقت گهر ۾ جهيڙي آخرڪار مُڙس کي هڪ فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته ساهرن سان ڳالهائي ۽ ڪا ڌمڪي ڏئي جان ڇڏائي. بل آخر هُن شرم کان ذاتي مُلاقات ڪري ڳالهه ڪرڻ بجاان ڪم لا نئين ايجاد موبائل جي ايس.ايم.ايس کي پنهنجي ٽول بنائڻ جو سوچيو ۽ سس کي هن ريت ميسيج موڪليو
مڙس : توهانجي پراڊڪٽ، مُهنجي ضرورت مطابق ڪانهين، ان ڪري ان جي واپسي ڪري ٻي پراڊڪٽ جي التجا ڪريان ٿو.
سَسُ : شايد ايجنٽ هن پراڊڪٽ صحيح طريقي سان استعمال نه ڪري سگهيو آهي ۽ دٻي ۾ ڏنل پرسڪپشن غور سان ڪونه پڙهي آهي ۽ ٻيو ته! جيئن ته هاڻ پراڊڪٽ جي ڏنل وارينٽي به ختم ٿي چُڪي آهي! ۽ سيل ڪرڻ وقت ريفنڊ يا تبديلي جي پاليسي به زير غور نه هُئي ! تنهنڪري ايجنٽ کي التماس آهي ته پراڊڪٽ کي پرسڪرپشن پڙهي ضرورت مُطابق استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري! پرسڪرپشن جو هڪ ڪلاز سمجهاڻي لا ڏجي ٿو ته پراڊڪٽ کي وارن کان جهلي ڏينهن ۾ ٻه دفعا صبح ۽ شام نيراني ڌلائي ڪرڻ سان پراڊڪٽ پنهنجو اثر ڏيکاريندي. ٻيو ته ڪمپنيبه نئين پراڊڪٽ ٺاهڻ بند ڪري ڇڏي آهي نه ته ريگيولر ڪلائنٽ سمجهي ٻي پراڊڪٽ ضرور ريپليس ڪري سگهجي ها! ڪنٽيڪٽ لا مهرباني!
 
Back
Top