Sindhi Media
سينيئر رڪن
حيرت آهي! جنهن توهان کي 9 مهنا يا 7 مهنا پنهنجي پيٽ ۾ سانڍي پنهنجي پوري جواني فدا ڪري زنده رهڻ تائين توهان لاءِ دُعا جا درواز کولي رکيا اڄ ان جي مُحبت ۽ ڀلائيءَ جي اظهار لاءِ توهان کي ڪو ايوينٽ (جيئن هيٺ مون لکيو آهي) ياد ڪونهين جيڪو توهان جي جسم کي ڪانڊاري کيس ياد ڪري سگهي. ۽اهڙن لاءِ جيڪي دُنياداريءَ ۾ مست ماءُ جي محبت وساري چُڪا آهن لاءِ به ڪي وڌيڪ ڳوڙها ڳاڙائي کين ياد ڏياري. افسوس آهي 3 ڪروڙ سنڌين تي جيڪي ڪنهن وڏيري تي مقالا ته لکي سگهن ٿا پر ماءُ ۽ پُٽ وچ ۾ بيتيل ايونٽ نٿا ٻُڌائي سگهن بس سوشل ميڊيا تي محض رسمي هيپي مدرس ڊي لکي سمجهن ٿا ته هُنن ماءُ ڏهاڙي تي کيس دل جي گهرائين سان ياد ڪري ورتو آهي.
TO DAY MOTHER's DAY IS BEING CELEBRATED WORLD-WISE!
REMEMBER IF YOU RE-CALL ANY EVENT IN PAST R PRESENT SPENT WITH YOUR DECEASED OR ALIVE MOTHER PARTICIPATE WITH US AND SHARE YOUR TEARS WITH COMMENTS IF YOU REALLY LOVE YOUR MOTHER
مُهنجي ڪنهن به غلطيءَ تي جڏنهنن بابا جي مار ملندي هُئي ته امان وچ ۾اچي بچائي وٺندي هُئي ! هڪ ڏينهن مان سوچڻ لڳس ته ! ڀلا جي ڪنهن ڏينهن امان مار ڪڍيم ته ڇا بابا مونکي امان جي مار کان بچائيندو !
ان تجربي خاطر مون ڪوشش ڪئي ته امان ڪو به ڪم چوندي ته ڪونه ڪندُس يا اُبتو ڪندس ته پاڻهين امان به بابا وانگر ونجڻو کڻي اچي ڪٽيندي !
هڪ ڏينهن امان چيو ته بازار مان ڏهي وٺي اچ ! مان ڪونه وٺي آيس !
امان مانيءَ وقت مونکي ٻوڙ گهٽ ڏنو ته مون ضد ڪري گهڻي ٻوڙ جي تقاضا ڪئي ته هن پنهنجي حصي جي ٻوٽي ڪڍي ڏني!
امان چوڻ لڳي ته مٿي آرام سان صندل تي ويهي ماني کاءُ ته مان پٽ تي رلي وڇائي ماني کائڻ لڳس !
اجايا ڪم ڪري پاتل ڌوتل ڪپڙا لمحن ۾ ميرا ڪري ڇڏيم!
ڪا به ڳالهه ڪندي يا چوندي هُئي ته مُهنجو لهجو گستخانه۽ بدتميزيءَ وارو ٿي پوندو هو !
اهڙن سڀني مُتواتر حرڪتن ڪندي هاڻ پڪ ٿي ته امان جو پيمانون لبريز ٿي ويو هوندو ! اجهو ٿي ونجڻو کڻي اچي ڪُٽيم جيئن بابا ڪُٽيندو هو !
پر هي ڇا ! امان کي ونجڻو کڻندي به ڏٺم ! ۽ هن مونکي پيار مان ڏسي مونکي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ ونجڻي سان هوا هڻندي چوڻ لڳي !
اجُو(مُهنجو نڪ نيم) ڇو مُهنجا پُٽ ! توتان صدقي وڃان ! اڄ ڪلهه بيمار بيمار پيو لڳين !
بس پوءِ ڇا ٿيو ! مُهنجون اکيون اهڙيون ته اوور فلو ٿيون جا اُنهن مان نڪرندڙ لُڙڪ وهڻ بند ئي نه ٿين !

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: