• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو خوبصورت ثقافتون ۽ انهن سان رسمون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
سنڌ جي ثقافت ۾ ڪيترون ئي خوبصورت شيون آهن پر اڄ اوهان کي ڪجهه شيون ڏيکارينداسين اميد ته پسند اينديون.. جيئن رلي، ٽوپي، اجرڪ، سنڌي پوتيون، کتون، سنڌي کوسا يا وري اهڙيو ٻيون شيون جيڪي سنڌين جو شان آهن جنهن مان صاف صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي ماڻهو سنڌي آهي..
سڀ کان پهريان ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جيڪا سڀ کان گهڻي مشهور آهي،، جيڪا شادي ۾ گهوٽ کي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي ويندي آهي.. وري ڪجهه رسمن مطابق اها اجرڪ موڪلائڻ مهل ڪنوار کي پارائي ڇڏبي آهي باقي ٽوپي ته گهوٽ کي هوئين پارائيني آهي.. جنهن سان صاف ظاهر ٿيندو آهي ته اهو گهوٽ سنڌي آهي..
10308289_323233361157744_5099647653077895243_n.jpg
هاڻي هي آهي رلي جيڪا سنڌ جي تمام پراڻي ثقافت آهي.. هي رليون هر سنڌي جي گهر ۾ موجود هونديون آهن. جڏهن ڪو مهمان ايندو آهي ته گهر جون سگهڙ عورتون جهٽ ڪري کٽ تي وڇائينديون آهن. جيڪا گهر ۾ سونهن ڪنديون آهن. رليون تمام گهڻي قسمن جون هونديون آهي ڪي ٽُڪ تي ته ڪي ننڊي ٽڪري تي ته ڪي بال تي ته ڪي جهاز تي کي چنڊ تي.. پر هاڻي ته هي شيون مهاجر به استعمال ڪندا آهن شوق ڪري وٺندا آهن سنڌين کي ڏسي.. ۽ هي رلي مائٽ پنهنجي نياڻي کي ڏاج
10364080_323233244491089_2051324296602567391_n.jpg


کٽ.. جيڪا سنڌين جي ثقافت آهي اڪثر هر سنڌي جي گهر ۾ موجود آهي خاص ڪري سنڌني جو وڏين وڏين اوطاقن ۾ به کٽون رکيل هونديون آهن.. ۽ خاص ڪري ماڻهو پنهجي ٻارن کي ڏاج ۾ کٽ لازمي ڏيندا آهي کٽ جو به گهڻيون ئي ڊزائينون هونديون آهن.. تقريباََ هر گهر ۾ گهر جي ڀاتين مطابق کٽون هونديون آهي ڪٿي 5 ته ڪٿي 6 جيڪا گهر ۾ هئڻ لازمي آهي.. پر خاص ڪري هالا جون کٽون ڪجهه گهڻيون مشهور آهن.
10306545_323233277824419_4592411791628464268_n.jpg


سنڌي پوتي جيڪا سنڌ جون نياڻيون مٿي تي ڍڪينديون آهن.. ۽ اها پوتي گهوٽ کي شادي جي ڏينهن ۽ مهندي جي رسم ۾ پارائيبي آهي جنهن کي ٻِٽَ ڪري سڏيندا آهن اجرڪ جي مٿان پارائيندا آهن.. ۽ پو انهي پوتي سان گهوٽ جو پلو ٻڌندا آهن ڪنوار جي پوتي سان.. جيڪا رسم لازمي هوندي آهي.. يا وري عورتون اهي پوتيون اندر ٻاهر پائي وينديون آهن..
10363927_323233324491081_1009927641109491916_n.jpg
10363553_323234127824334_5633698595088866580_n.jpg
10314585_323234137824333_7103548033198113448_n.jpg


سنڌي وينجڻو اهو به هر سنڌي جي گهر ۾ موجود هوندو آهي خاص ڪري ڳوٺ جي گهرن ۾. جڏهن عورتن جا ور ايندا آهن ته انهن کي ماني کارائيندي هوا ڏينديون آهي. ۽ اهو وينجڻو شادي ۾ به ڪم ايندو آهي ڇو جو ان سان اهم رسم ٿيندي آهي اهو وينجڻو ڪنوار وارن جو هوندو آهي. جڏهن گهوٽ گهر ۾ اندر داخل ٿيندو آهي ته ڪنوار جي ڀيڻ گهوٽ کي انهي وينجڻي سان ڏاونڻ ڏيندي آهي جيڪا رسم تمام سٺي هوندي آهي. ٻيو وري لائٽ وڃڻ مهل به ڪم ايندي آهي هاهاها
10336660_323234347824312_8435521727318430643_n.jpg


دٻڪي جيڪا تمام ضروري آهي خاص ڪري سنڌين جي گهرن ۾ ئي رکيل هونديون آهن.. پنجابين ۽ مهاجرن جي گهرن ۾ ته رٻڙ جون دٻڪيون هونديون آهن پر سنڌي خاص ڪري کجي جي ٺهيل دٻڪي استعمال ڪندا آهن.. اها دٻڪي گهر ۾ به سونهن ڪندي آهي انهي دٻڪين جا به گهڻئي قسم آهن هڪ خاص قسم جي هوندي آهي جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار کي شادي جي ڏينهن ماني کارائيبي آهي..
10300173_323234357824311_289897537831171153_n.jpg

10170772_323233224491091_2723834499785026435_n.jpg
10155122_323233424491071_2255520963609686919_n.jpg


سنڌ جو سهڻو لباس جيڪو سنڌي جون ڪجهه نياڻيون پائي بيٺيون آهن، تمام خوبصورت لباس جيڪو پري کان ڏسندي ئي سڄاڻجي وڃي ته اهو سنڌي لباس آهي،،
10313385_323234304490983_1317065191256007073_n.jpg


سنڌي کوسا جيڪي سنڌي جون نياڻيو اڪثر ڪري شوق سان وٺنديون آهن خاص ڪري ٽوپي اجرڪ جي ڏهاڙي تي سنڌي شيون پائينديون آهن جيئن کوسا سنڌي لباس يا وري سنڌي سڳي جيڪا وارن ۾ سوهن ڪندي آهي..

1904254_323234287824318_6927387072078368481_n.jpg
10313461_323234097824337_5552001823363277846_n.jpg


 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سنڌ سان سچائي وڏي ڳالهه آ
ڌرتي سان وفائي وڌي ڳاله آ
اوهان جا ميرَ غالب ۽ اقبال ڀلي هجن پرَ
اسان سنڌين جي ڀٽائي وڌي ڳالهه آ
 

تنهنجو مياري ڏوهي آهيان

جوئي آهيان سوئي سنڌ

توکي ڳايان رنگ رچايان

محمد خان مجيدي
 
سنڌ سان سچائي وڏي ڳالهه آ
ڌرتي سان وفائي وڌي ڳاله آ
اوهان جا ميرَ غالب ۽ اقبال ڀلي هجن پرَ
اسان سنڌين جي ڀٽائي وڏي ڳالهه آ


images
 
Back
Top