هڪ رات مُڙس گهر دير سان آيو، زال ويچاري انتظار ڪري سُمهين رهي. زال به تراڪ هُئي ۽ مڙس جو رات دير ڪري اچڻ سان پوسٽ مارٽم ڪري ڇڏيندي هُئي. ان رات به هو گهر دير سان آيو، گهر جي لائيٽ به بند هُئي سو زال جا داٻ دڙڪا ٻُڌڻ کان بچڻ لاءِ پير اگهاڙي، جُتو بغل ۾ دٻائي آهستي آهستي ڀت ٽپي گهر آيو ۽ ننڍي ٻار جي پينگهي ۾ ويهي کيس جهوليندو رهيو ۽ زور زور سان لوري به ڳائڻ لڳو ته زال به ننڊ مان سڄاڳ ٿي پئي زال کي ڏسي ۽ داٻ دڙڪن کان بچڻ لاءِ مڙس : سفوران! تون به بيهوشيءَ جي ننڊ ٿي سمهين ! ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن جو ٻار روئي روئي اڌ ساڻون ٿي هاڻ مس وڃي سُتو آهي! توکي ته هوش ئي ڪونهين! زال : اکيون ڦوٽاري ڏس ! ٻار مونسان گڏ سُتل آهي.