هوءَ روز شام جو اچي مُهنجي گهر ويهي رهندي هُئي. هن لاءِ اسان جي گهر جا دروازا هر وقت کُليل رهندا هُئا ۽ اسان به کيس هر وقت کارائيندا پياريندا رهندا هُئاسون ڇو جو هوءَ هُئي به ايڏي سٻاجهڙي ۽ پياري، عاجزيءَ واري، جنهنڪري امان بابا به مُروت ۾ اچي کيس ڪُجهه نه ڪُجهه ڏئي ڇڏيندا هُئا پر مونکان سندس اها روز روز جي خدمت ڪرڻ نه پُڄندي هُئي. اسانجي گهر ۾ هُن جي اها چوٿين پيڙهي هُئي ۽ جيئن ته نه هُن جو ڪو گهر گهاٽ هو ۽ نه ڪو ڪم ڪاڄ، ايستائين جو سندس ٻار به رُلندا رهندا هُئا. هوءَ پوءِ بيمار رهڻ لڳي ۽ سند ڪي ٻار ته انهيءَ غربت ۾ وڃي رب حوالي ٿيا يا ڪي ته پئدا ٿيندي ئي مري ويندا هُئا. آخر اسان ئي هُن جا پنهنجا هُئاسون ڪهل ڪرڻ وارا جو هوءَ چئن پيڙهن کان اسان وٽ هُئي. پر هاڻ هُنجو ۽ مُهنجو گُذارو به مشڪل رهڻ لڳو. آخر انسان ڪيستائين برداشت ڪندو، هر ڳالهه جي به ڪاحد هوندي آهي. هن منهنگائيءَ جي دئور ۾ پاڻ به ماڻهو پالي نٿو سگهي ته هوءَ وري پيٽ سان اچي ٿي. مون ته چاچيءَ کي چيو ته اچ پنهنجي امانت کڻي وڃ يا ان کي ٻئي ڪنهنجي حوالي ڪري اچ جو هاڻ اسان ان بيمار ۽ مريل حالت واري ٻليءَ کي سنڀالي نه ٿا سگهون.