گوبند مالهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,239
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌي ناول ۾ اعليٰ مرتبو رکندڙ ليکڪ گوبند مالهي

    رکيل مورائي

    هند ۽ سنڌ جو هاڪارو اديب، دانشور ۽ ٻين ڪيترين خوبين جو مالڪ گوبند مالهي، 5 آگسٽ 1921ع تي ساهتي پرڳڻي جي نهايت اهم، پران وقت جي ننڍي شهر ٺاروشاهه ۾ جنم ورتو. هن سنڌ ۾ رهڻ دوران ئي ادبي ۽ سياسي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ هند ۾ وڃي آخري عمر تائين لکندو رهيو. ” ناول سمراٽ“ جو خطاب ماڻيندڙ گوبند مالهي، هند ۾ رهندڙ سنڌي جاتي ۽ سنڌي اديبن جي مستقبل کي ٺاهيندڙ شخصيتن مان هڪ اهم شخصيت آهي، هن ڪيترا ناول لکيا، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترائي نوجوان اديب، ادب جي ميدان ۾ پنهنجي رهبريءَ هيٺ آندا.
    [​IMG]
    گوبند مالهيءَ سنڌي ” آوازي ڪلچر“ کي هند ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترن هنڌن جا چڪر لڳايا ۽ ڀارت ۾ وسندڙ سنڌين کي وسائڻ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي ارپي ڇڏي ۽ ساڳئي وقت تخليقي ڪم به ڪندو رهيو.

    گوبند مالهي هند جي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ” اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو اڏيندڙ به آهي ته وڏو ناٽڪ نگار ۽ ناٽڪ ڊائريڪٽر به رهيو آهي. کيس سندس ناول ” پيار جي پياس“ تي هند سرڪار جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ 1973ع سال لاءِ انعام سان نوازيو ويو. هن ڪيترين ڪهاڻين، ناولن ناٽڪن ۽ ٻين موضوعن کان سواءِ پنهنجي، آتم ڪٿا به پنجن جلدن ۾ لکي آهي. جيڪا وڏي مڃتا ماڻي چڪي آهي ۽ ٻيهر سنڌ ۾ پڻ شايع ٿي آهي.

    گوبند مالهي شايد پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن تي ” ڪونج“ ۽ ” سپون“ رسالن، خاص نمبر ڪڍيا. ان کان سواءِ سندس شخصيت ۽ ادبي ڪارج تي ممبئيءَ جي هڪ اديب، هولارام هنس هڪ ڪتاب ” گوبند مالهيءَ جي سنڌي ناول ۾ يگاني دين“ نالي ليکو آهي. شايد هيءُ ئي اڪيلو اديب آهي، جنهن تي ممبئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي وئي آهي ۽ ان ڪتاب کي ممبئي يونيورسٽيءَ پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي : ” گوبند مالهي، شخص ۽ اديب“. هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي. اهو ممڪن آهي ته مون جهڙي ٿوري علم رکڻ واري پاٺڪ کان گوبند مالهيءَ جا ڪي ڪتاب ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويا هجن، تنهن هوندي به سندس جيڪي ڪتاب مون کي ميسر ٿي سگهيا آهن، انهن جو تعداد 51 آهي.

    هن سنڌي ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ ٻولين جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آهي. ورهاڱي کان اڳ هو پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه مان پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيو جتي سندس ملاقات گوبند پنجابيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت ترقي پسند ادب کي ڇاپڻ لاءِ پريس قائم ڪري چڪو هو ۽ اتان ئي ”نئين دنيا“ نالي پبليڪيشن جاري ڪري چڪو هو، جنهن پاران سنڌيءَ ۾ ڪي اصلوڪا ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ڪري ڇاپي چڪو هو، ڪراچي ۾ گوبند مالهيءَ جي دوستن ۾ شيخ اياز، نارايڻ شيام، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اي ڪي هينگل، موهن پنجاپي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند شامل آهن، جيتوڻيڪ حشو ڪيولراماڻي کائنس عمر ۾ وڏو هئو تڏهن به سندن دوست ڪوٺي سگهجي ٿو. هي سڀ اهي شخص هئا جن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند سنڌي اديب هند لڏي ويا، پر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سنڌ نه ڇڏي ۽ هتي ئي رهي پيو، هند ۾ وڃي گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ٽمورتيءَ ” نئين دنيا “ جاري ڪئي جيڪا آخر تائين اي جي اتم جي سمپادڪيءَ هيٺ ڪتاب ڇاپيندي رهي، نئين دنيا پبليڪيشن جا ڪيترائي ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار ڪتاب آهن، جيڪي وري وري ڇپائڻ جهڙا آهن.

    گوبند مالهيءَ لکڻ کان سواءِ هند ۾ جيڪا سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪئي اها پڻ ساراهڻ جوڳي آهي پر هن جيڪي پنهنجون لکڻيون ايڪونجاهه ڪتابن ۾ ڏنيون آهن اهي سنڌي ادب جو اهڙو حصو آهن، جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. گوبند مالهيءَ هند ۾ آوازي ڪلچر کي ڦهلائڻ لاءِ ڪيترائي فورم جوڙيا، جن سڀني کي هو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهيو. هڪ طرف تخليقي ڪم ڪرڻ ۽ ٻئي طرف سنڌيت جي ڦهلاءَ لاءِ جيڪا هن تبليغ ڪئي، اها خود هڪ تاريخ ۾ لکڻ جهڙي آهي. ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز واري ڀڳونتي ناواڻي، مالهي صاحب جي دريافت هئي، جنهن پنهنجي مٺڙي آواز سان هند جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڇڙ وڇڙ ٿي رهندڙ سنڌين کي ته پاڻ ۾ جوڙيو پر سنڌ جي سنڌين کي به هند جي سنڌين سان ڳنڍيو.

    گوبند مالهيءَ هند ۾ سنڌي ناٽڪ کي جيڪو اوڄ ڏياريو اهو پڻ مثالي اهميت رکي ٿو. ان سڀ جي باوجود گوبند مالهي، هڪ عظيم سنڌي ناول نويس طور سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام تي رهندو، ان مقام لاءِ سرحدي حد بنديون ڪا به معني نه رکنديون، جڏهن به سندس ذڪر نڪرندو ته سندس نالو احترام سان کنيو ويندو اهڙي پڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجو اهڙو مقام ٺاهي ويو آهي. هو اول ۽ آخر سنڌي ناول جو اهڙو ليکڪ آهي جنهن جو مثال سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ ٻيو ڪو به نه آهي.

    گوبند مالهي سڄي زندگي سنڌ پرست ڪميونسٽ رهيو پر آخري عمر ۾ هو سڀني ترقي پسند دوستن کي چوندو هئو ته ” هاڻ مون ڪميونزم کي تصوف ۾ وهنجاريو آهي“ ان ڳالهه مان ڀلي ڀت سمجهي سگهجي ٿو ته هو آخري عمر ۾ تصوف ڏانهن لاڙو رکندو هئو. ٻئي طرح سندس ڪهاڻين توڻي گهڻن ئي ناولن مان اهڙو اشارو ملي ٿو، جنهن مان سندس لاڙو يا مزاج تصوف يا ويدانت ڏانهن محسوس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو به سچ آهي ته جيڪي شخص/اديب/شاعر ساڻس مليا آهن انهن سڀني هن کي صوفي طبعيت رکندڙ ڪوٺيو آهي. هو پنهنجي طبعيت ۾ بنهه سادو سودو، کاڌيءَ جي پهراڻ ۽ پاجامي ۾ هڪ ساڌو يا سنت وڌيڪ لڳندو هئو هڪ ليکڪ يا دانشور گهٽ.

    گوبند مالهيءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ خوش نصيبي اها آئي جو هو پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ 1989ع ۾ هڪ ڀيرو سنڌ ڏسي سگهيو، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ سندس زندگيءَ جي آخري رهجي ويل خواهش هئي. ساڻس سنڌ اچڻ واري وفد ۾ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، ڪرشن کٽواڻي، قيمت هريسنگهاڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ۽ وينا شرنگي گڏ آيل هئا، پر وفد ۾ جيڪا آجيان گوبند مالهيءَ جي ٿي اها مثالي هئي. هو سنڌ ڏسي ويو سنڌ جي سفر بابت هڪ ڏکوئيندڙ سفر نامو لکيائين، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي پذيرائي ماڻي. پنهنجي آتم ڪٿا جا پنج جلد لکيائين ۽ ڏهين فيبروري 2001ع تي ممبئيءَ ۾ دهانت ڪيائين. سندس وڇوڙي جو ڏک هند توڻي سنڌ ۾ هڪ جيترو محسوس ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سندس وڇوڙو ٻنهي ملڪن جي سنڌين لاءِ هڪ جهڙو ڏکوئيندڙ هيو سندس وڇوڙي سان سنڌي ادب کان هڪ عظيم سنڌي ناول نويس موڪلائي ويو، جنهن جو پوراءُ هند توڻي سنڌ اڄ جي تاريخ تائين نه ڪري سگهي آهي ۽ بس.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 مئي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو