جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان تيار ڪيل روبوٽ جتي زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجون خدمتون نڀائي رهيا آهن.اتي هاڻي هنن کان آپريشن جو ڪم به ورتو وڃڻ لڳو آهي .برطانيه جي هڪ اسپتال جي آپريشن روم ۾ جديد روبوٽ لڳاياويا آهن جيڪي آپريشن دوران سرجن جو هٿ ونڊائيندا.دائونسي نالي هن روبوٽ جا چار هٿ آهن .جن جي مدد سان هي ڪينسر سميت ڦڦڙن ۽ ڪاڪڙي جهڙين ڳنڀير بيمارين جو آساني سان علاج ممڪن بڻائي سگهندا .هي روبوٽ انسان جي جسم جو ٿري ڊي ايڪسري بوٿ ۾ موجود اسڪرين تي ڏيکاري ٿو.جنهن جي مدد سان سرجن جي لاءِ مرض جي تشخيص ۽ سرجري آسان ٿي وڃي ٿي هن روبوٽ جي قيمت صرف ٻه ملين پائونڊ رکي وئي آهي.