Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڪراچيءَ ۾ خوبصورت ڇوڪريون لفٽ بهاني ماڻهن کي ڦرڻ لڳيون
ڪراچي ۾ نارٿ ناظم آبادجي رهواسي عباس رضا بئنڪ مان نڪتو ته شاهراه فيصل تي نرسري کان ٿورو اڳتي ٽريفڪ سنگل وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري جنهن جي هٿ ۾ پرس هو ان عباس رضا کان لفٽ وٺڻ جو اشارو ڪيو. عباس رضا سوچيو ته هو گاڏي روڪي يا نه روڪي پر انساني همدردي جي جذبي تحت ان گاڏي روڪي ته ڇوڪري گاڏي جي ويجھو آئي ۽ ان عباس رضا کي چيو ته ان کي گلستان جوهر پهلوان ڳوٺ تائين وڃڻو آهي. ان کي لفٽ گھرجي ان وٽ بس جو ڪرايو نه آهي.عباس رضا جيڪو ڪار ساز کان مڙي پنهنجي گھر نارٿ ناظم آباد وڃي رهيو هو اهو ڇوڪري جي مدد لاءِ تيار ٿي ويو. ان ڊرائيونگ سيٽ سان گڏ واري سيٽ جو دروازو کوليو ته ڇوڪري هڪدم گاڏي ۾ ويهي رهي. ان دوران ان ڇوڪري ڪنهن کي موبائيل تي ايس ايم ايس ڪيو جنهن ايس ايم ايس ذريعي ئي جواب اچي ويو، ان تي عباس رضا ان کان پڇيو ته ڪنهن جو ايس ايم ايس آهي ته ان چيو ته ان جي ڀيڻ جو آهي. هوءَ ايس ايم ايس ڪري رهي آهي. ڇو ته آءُ ڇهين وڳي گھر پهچي ويندي آهيان پر هن وقت ساڍا ست ٿي رهيا اهن ان جي ڪري هوءَ منهنجي لاءِ فڪرمند آهي.ڳالهين دوران ڇوڪري پنهنجو نالو ارم ٻڌايو جڏهن عابس رضا ڊرگ روڊ کان گاڏي گلستان جوهر جي ملينيم هال ڏانهن موڙي ته ڇوڪري چيو ته هو فلڪناز پلازه کان ايئرپورٽ واري رستي ڏانهن هلي جيڪو ويجھو پوندو. جنهن تي عباض رضا اهو ئي رستو ورتو جيڪو ڇوڪري کيس ٻڌايو هو. جڏهن عباس رضا جي گاڏي رابعه سٽي جي ويجھو پهتي ته لفٽ وٺندڙ ڇوڪري کيس گاڏي روڪڻ لاءِ چيو جڏهن عباس رضا گاڏي روڪي ته گاڏي سان گڏ ٻه موٽر سائيڪلون اچي بيٺيون جن تي ٻه ٻه ڄڻا هئا. انهن موٽر سائيڪل تان لهندي ئي عباس رضا جي لوندڙي تي پستول رکيو ۽ گاڏي جو پويون دروزاو کولي اندر ويهي رهيا ۽ چيو ته جئين اسان چئون ٿا ائين ڪريو. عباس رضا نوجوان جي ٻڌايل رستي ڏانهن هلڻ شروع ٿيو. هو ان کي پهلوان ڳوٺ ڏانهن وٺي ويا پوءِ ڇوڪري چيو ته مون کي پنهنجو ٻٽون ۽ موبائيل فون ڏي. اها ئي ڇوڪري جيڪا ٿوري دير اڳ ڊنل ڊنل هئي ۽ اهڙو ڊرامون ڪري رهي هئي. ان وڏي رعب سان ٻٽون ڦريو، ٻٽون ۾ چئن هزارن کان وڌيڪ رقم، اي ٽي ايم ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ هو.جنهن تي ڇوڪري ڪريڊٽ ڪارڊ جي آخري حد معلوم ڪئي ۽ پوءِ اي ٽي ايم ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جا نمبر معلومڪيا. انڪار ڪرڻ تي پٺيان بيٺل همراهه زور سان ان جا وار ڇڪيا ۽ زبردستي پاس ورڊ حاصل ڪيو ان بعد عباس کي گلستان جوهر ۽ ملير جي علائقن ۾ گھمائيندا رهيا. ملير هاٽ جي ويجھو انهن هڪ بئنڪ مان اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي 40 هزار روپيه ۽ ڪريڊت ڪارڊ ذريعي 93 هزر روپيه ڪڍرايا ۽ ان بعد اهي عباس رضا تي زور ڀريندا رهيا ته اهو پنهنجيي ڪنهن ويجھي مائٽ يا دوست کان وڌيڪ رقم گھرائي. ان تي هن چيو ته دوست ۽ ڀائر مون کي پيس انه ڏيندا. ان بعد انهن عباس رضا جي ڀاءُ کي فون ڪرايو پر ان جو فون بند هو.ٽي ڪلاڪ لڳاتار گھمائڻ کان پوءِ انهن عباس رضا کي ملير جي ٻڪراپڙي وٽ ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ هڪ ٽيڪسي ۾ ويهي هليا ويا. ملزم هڪٻئي سان ڳالهائڻ وقت هڪٻئي جا نالا وٺي نه رهيا هئا. ڪراچي ۾ خوبصورت ڇوڪرين ذريعي نوجوانن کي اغوا ڪري انهن کي ڀنگ وٺڻ جي وارداتن ۾ گذريل 3 مهينن کان 50 سيڪڙو واڌارو ٿي ويو آهي. اهڙن واقعن ۾ گهڻو ڪري ماڻهو پاڻ سان ٿيل ويڌن جو ڪنهن سان به ذڪر نه ٿا ڪن، ڇو ته اهڙي ڳالهه ڪرڻ سان انهن جي بدنامي جو خدشو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو روزانو ڏينهن ڏٺي اهڙيون وارداتون ٿي رهيون آهن. ڪراچي جي 6 ٽائونن کي اغوا ڪندڙن پنهنجو ڳڙهه بنايو آهي جنهن ۾ جميش ٽائون، گلشن اقبال ٽائون، نارٿ ناظم آباد، گلبرگ ٽائون، ڪلفٽن ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون وغيره شامل آهن. اهڙن گروپن جو شڪار اهي ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي آفيسن جي وقتن اڪيل
سفر ڪندا آهن. جڏهن ته ڪيترا گروهه رستي هلندي ننڍن ٻارڙن کي اغو ڪري انهن جي والدين کان ڀنگ گھرندا آهن.اهڙن گروهن ۾ اهي ئي ماڻهو شامل آهن جيڪي اڳ گاڏيون ڦريندا هئا ۽ انهن کي في گاڏي 15 کان 20 هزارن جي رقم ڏئي ويندي هئي. پر هاڻي اغوا جي اهڙين وارداتن ۾ اهي ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ هڪ لک روپين کان وٺي 10 لک روپين تائين ڪمائي وٺندا آهن. اطلاعن موجب اهڙو گروهه هفتي ۾ ٻه وارداتون ضرور ڪندا آهن. جڏهن ته اهڙي ٿورڙي مدي واري اغوا جو سلسلو گڏاپ ٽائون کان شروع ٿيو هو. پر هاڻي ملزمن جو ڏوهه ڪرڻ جو طرقو مٽجي ويو آهي. هاڻي اهڙا گروپ تمام خوبصورت ڇوڪرين ذريعي اهڙيون وارداتون ڪن ٿا. جڏهن به ڪا خوبصورت ڇوڪري ڪنهن گاڏي واري کي بيهڻ جو اشارو ڪري ٿي ته اهو خوبصورت ڇوڪري کي ڏسندي ئي بيهي رهي ٿو پوءِ ٿوري در کان پوءِ اوچتو انهن جا ساٿي ظاهر ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهن کي ڦري وٺن ٿا.چيو وڃي ٿو ته اهڙيون ڪارروايون شام جو 5 وڳي کانپوءِ شروع ٿين ٿيون. اهڙي طرح ڪراچي ۾ خوبصورت ڇوڪرين جي جي ڄار ۾ اچي ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿين ٿا ۽ ڪجهه ڪلاڪن جي اندر انهن جي مائٽن کا ڀنگ وٺي کين ڇڏي ڏيندا آهن. ڪراچي ۾ هڪ گروهه اهڙو به آهي جيڪو رستي تي هلندي 10 کان 14 سالن جي ٻارن کي اغوا ڪري ويندو آهي. پهريان اهڙن ٻارن جي والدين جي باري ۾ معلومات گڏ ڪندا آهن ۽ پوءِ انهن جا فون نمبر حاصلڪري وقت اچڻ تي انهن جا ٻار اغوا ڪري اهڙن مائٽن کي وڏو ڀنگ حاصل ڪندا آهن. ڪيترن اغوائن ۾ گھريلو ملازم به شامل هوندا آهن چيو وڃي ٿو ته ملازم ڀنگ حاصل ڪرڻ لاءِ چائنه جو موبائلي استعمال ڪندا آهن. انهن کي آءِ ايم آءِ جي نمبرن سان ٽريس ڪري نه ٿو سگهجي ڇو ته چائنه جي موبائيلن جو آءِ ايم آءِ نمبر سڄي لاٽ تي هوندو آهي ان ڪري چائنه موبائيل استعمال ڪندڙ کي پوليس ڪڏهن به ٽريس ڪري نه ٿي سگهي