سنڌ يونيورسٽي مان پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ وارو هڪ بي سفارشي ميرٽ نوجوان، سنڌ جي هر اداري ۾ درخواستون ڏئي نوڪري حاصل ڪرڻ لا چڪر لڳائيندو رهيو پر ڪنهن به کيس ملازمت نه ڏني. کيس انٽرويوز لا ضرور گهرايو ويندو هو پر رفرنس نه هُڻ ڪري واپس موٽڻو پوندو هو. هن دفعي به کيس انٽرويو لا گهرايو ويو هو ۽ هو انتظار ۾ ويٺو هو. بل آخر هن هڪ ٻيو حل سوچيو ۽ موقعو ڏسي اداري جي پٽيوالي سان لهه وچڙ رکي معلومات هٿ ڪرڻ لڳو نوجون : يار ! تون اندر جو ماڻهون آهين! توکي ضرور هر ڳالهه جي خبر هوندي ! ڀلا اهو ٻُڌا ته هي انٽرويو پيا وٺن ! ڪا پوسٽ خالي آهي به يا نه! پٽيوالو : سائين جي سچ پُڇندي ته پوسٽ ڀرجي چُڪي آهي ۽ هي فارملٽي پوري ڪرڻ لا انٽرويو آهي ! ها سائين! پر پرئين تائين هڪ پوسٽ ضرور خالي ٿيڻ واري آهي ! تون چاهين ته اُن ڏينهن اچ ته توکي صاب سان ملائي ڇڏيان ! نوجوان : هان ! يار تون ته ڀلوڙ ماڻهون آهين ! ڀلا ڪهڙي پوسٽ آهي ۽ ڇو خالي ٿي رهي آهي! پٽيوالو : مُهنجي پوسٽ ادا! پگهار وڌي ئي نه ٿو ! صاحب جي چانهه ۽ بسڪوٽ به ان پگهار مان پوري ڪريان پيو! صاب کي چيم ته پرئين تائين مُهنجو پگهار وڌا نه ته آئون استعيفا ڏئي ڇڏيندُس ! پو صاب جي اها مفت جي چانهه ۽ بسڪيٽ ته ويا نه!