• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساليوُوڊ جي اُڀرندڙ اداڪاره ! شادي ۽ مون ڪئي هُئي! نالو ياد ناهيم

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اڄ ڪلهه سنڌي ميڊيا ۾ عورت فنڪارائن ۽ گُلوڪارائن جي اينٽري به ڌڙا ڌڙ پئي ٿئي ۽ خاص پروگرام به ڪمرشيل پيا ٿين. شايد اُهي ئي آهن جن کي سنڌي چئنلن تي ڪم جو معاوضو به ملي ٿو پو ڀلي کين سنڌي زبان ايندي هُجي يا نه ، ڊائلاڪ ڊيلوري اچي يا نه ، موالي پروڊيوسر ته بس سندن ادا ڏسي آپي کان نڪري ويندا آهن ۽ اهڙين فنڪارن جي گهڻي قدر وزٽ به اهڙن پروڊيوسرن جي دفترن ۾ رهي ٿي ته هڪ اهڙي ئي ساليووُڊ جي نئين ۽ غير سنڌي فنڪاره کان سوشل ميڊيا جرنلسٽ انٽرويو پئي ڪيو جنهن جي ڪنهن چئنل جي پروڊيوسر جيڪو پروگرام مئنيجر به هو شادي ٿيڻ واري هُئي
جرنلسٽ : ميڊم ! ياد پيو اچي ته! ٻه سال پهرئين به آئون هڪ نجي ٻي زبان جي چئنل تي توهانجي شادي رسم وقت انٽرويو ڪري چُڪو آهيان! توهانجي شادي ته اُتي جي پروگرام مئنيجر حنيف سان ٿي هُئي نه!
اداڪاره : (ڀرپور مسڪراهٽ سان) ها! مونکي چڱي طرح سان ياد آهي ! ته شادي ته برابر مون ڪئي هُئي ... پر مونکي ان صاحب جو نالو نه پيو ياد اچي ! الاهي چئنل جو آهن ! ڪم ڪرڻ وڃجي ٿو ته هڪ رڪارڊنگ کان پو اُتي.....
جرنلسٽ : جي جي !
اداڪاره : بحر حال ! توهان چئو پيا ته ڪو 2 سال پهرئي وارو حنيف نالي هو ! ته ضرور صحيح هوندو! ڇو جو الاهي چئنل کُلي ويا آهن ڪيترن جا نالا ياد رکي سگهجن ٿا.
 
Back
Top