مونکي ته ڪوڙ ڳالهائڻ کان نفرت آهي بيبي!

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
شهرن جي فليٽن ۽ بنگلن ۾ اچي رهندڙ عورتون شايد هاڻ گهر جي ڪم ڪرڻ کان بيزار ٿي پيون آهن ۽ کين ڪم لا ماسي گهرجي ٿي. هڪ اهڙي پو ڍائي بيگم صاحبه به هُئي جنهن هڪ سنڌي کي بيوقوف بڻائي ساڻس ٻي شادي ڪئي هُئي ان ملازمت لا ماسين جو انٽرويو وٺڻ شروع ڪيو
بيگم : (انٽر بويو ختم ڪري) ٺيڪ آ ! هاڻ آخري ڳالهه ! اُميد ته تون ڪوڙ ڪونه ڳالهائينديئن ! جي تو صحيح جواب ڏنو ته تُهنجي نوڪري پڪي!
بيگم : سچ ٻُڌائجئين ! ڇا تون ڪوڙ ڳالهائي سگهندي آهين !
ماسي : بيگم صاحبه ! ٻچن جو قسم جو ڪوڙ ڳالهايان! مونکي ته ڪوڙ کان نفرت آهي بيبي صاحبه!
بيگم : مثال ڏئي سمجها!
ماسي : سچ پُڇين ته بيگم صاحبه مون پاڻ ڪڏنهن به زندگي ۾ ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي. ها ايترو ضرور آهي ته مونکي گهر جي مالڪياڻي جي ڪري ۽ چوڻ تي ڪڏنهن ڪڏنهن فون تي ! ته ڪڏنهن دروازي تي وڃي ! مهمانن کي اهو چوڻو پيو ته سائنڻ گهر ڪانهين ! شاپنگ تي ويل آهي يا پيڪن ۾!
 
Back
Top