ڪاپي ڪلچر تحت مئٽرڪ پاس ڪندڙ هڪ سنڌي موالي شاگرد کي پيءَ نظراني ۽ پٽ جي پاس ٿيڻ لاءِ باس طور ڪي لڏون ڏنا ته وڃي پنهنجي هٿن سان مسجد جي مولويءَ کي ڏئي اچ جو هن اها باس مڃي هُئي. لڏون وٺي مسجد جو امام صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڇوڪري جي مٿي تي دُعا جا هٿ ڦيريندي چوڻ لڳو مولوي : ماشا الله مُبارڪ هُجنئي! ٻچا پڻهين سا مُلاقات ٿيندي ته ضرور تُهنجي تعريف ۽ 8 لڏون موڪلڻ تي شڪريو ادا ڪندُس ! شاگرد : (پريشاني) ته پوءِ مولي صاحب ! بابي سان 12 لڏن جو شڪريو ادا ڪجو!