فيس بوڪ رائونڊ اپ 14

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيس بوڪ رائونڊ اپ

    محمد سليمان وساڻ

    فيس بوڪ جي دنيا تي موجود ڪيترن ئي سنڌين کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي رهي آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ سڄي سنڌ پيدل جهاڳي ڪراچي پهتل عوامي جمهوري پارٽي جي پُر امن قافلي کي ته گهڻو پهريان ئي دروازا بند ڪري روڪيو ويو هو جيئن اهي سنڌ اسيمبلي پهچي نه سگهن، پر اها وڪيلن جي مستي چئجي يا سنڌ حڪومت ۾ موجود ڪارين رڍن جي سازش، وڪيل سولائيءَ سان اسيمبلي جي احاطي ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ خوب نعري بازي، هلڙ بازي ڪن ٿا ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ وزير انهن سان ملاقات پڻ ڪئي آهي. جڏهن ته ساڳيي ئي ڏينهن سنڌ روينيو کاتي جي ملازمن تي پريس ڪلب اڳيان تشدد ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جي اهڙي ٻٽي معيارن تي لکڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته فيس بوڪ جي دوستن ته ان تي خوب لکيو آهي پر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ان ٻٽي معيارن تي انتظاميه کي وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوشل ميڊيا جي دنيا تي سنڌ جي وزير اعلى جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل اها تقرير به بحث جو موضوع رهي جنهن ۾ هن ٿري ماڻهن ۽ ٿري عورتن بابت اهڙا ته رمارڪس ڏنا آهن جيڪي سخت مذمت جوڳا آهن. اهي بيان اها پت وائکي ڪري رهيا آهن ته سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت جي سوچ ڪهڙي معيار جي آهي.

    سنڌ ۾ مندرن تي ٿيل حملا ڪهڙي سوچ ڪري رهي آهي ۽ صوفياڻي سنڌ جو هاڻ دنيا ۾ ڪهڙو پيغام وڃي رهيو آهي. اها ڳالهه سوچڻ سان گڏ اهڙن عملن کي روڪڻ لاء جنگي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ مندرن تي حملن وارا واقعا ايڏو تيزي سان پکڙي رهيا آهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي اسان جا ئي ماڻهو ان ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ فيس بوڪ سان گڏ عملي طور به احتجاج ٿيا آهن پر اهي مئوثر ناهن، ماڻهن جو تعداد گهٽ آهي ۽ حڪومت به ڪو توجهه ڪانه پئي ڏئي. 11 مئي تي سوشل ميڊيا تي مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان شيئرنگ ٿيندي رهي. ان ڏينهن کي جتي حقيقي مائرن سان محبت جو اظهار ڪندي شاعري پيش ڪئي وئي، ڀيٽائون پيش ڪيون ويون، احساس ۽ ڳوڙها شيئر ڪيا ويا اتي پنهنجي ڌرتي ماء سان به محبت جو وچن ڪيو ويو.

    هن هفتي ڪتابن ڇپڻ ۽ ڪتابن جي مهورت جون تقريبون به خوب ٿيون آهن ۽ انهن جي سوشل ميڊيا تي به پذيرائي ٿي آهي. گوهر شيخ جي ڪتاب “پنڃرا تنهنجي پنبڻين جا” جي مهورت سنڌي ادبي سنگت گمبٽ پاران ڪئي وئي جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻارن لاء ڇپايل شاعريءَ جي مجموعي “پنهنجي ٻولي پياري ٻولي” جي مهورت سنڌي ادبي سنگت پاران حيدر آباد ۾ منعقد ڪئي وئي. هوڏانهن 11 مئي تي محقق، شاعر، ليکڪ ۽ ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر اياز قادريء جي ياد ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي چيئر ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران “اياز حسين قادري ڪانفرنس” ڪراچي جي نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي. هن ڪانفرنس ۾ ملڪ جي نامياري شخصيتن اياز قادري جي شخصيت ۽ سندس ڪيل علمي ۽ تحقيقي ڪم تي روشني وڌي. ان موقعي تي ٽن ڪتابن وقت چوي آء بادشاهه، ديوان فقير ۽ سفر عقيدت جي مهورت ڪئي وئي.

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ فيس بوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر پاران هن هفتي ڊجيٽل ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. هن هفتي جيڪي ڪتاب آنلائين آندا ويا انهن ۾ رضوان گل جي شاعريء جو ڪتاب پيار جي پهرين بارش، شاعريء جو ڪتاب برکا بوند بهار جي، اقبال بلوچ جي ڪهاڻين جو ڪتاب سانول جا سور، هوش چند ۽ ڪوٽ لکپت : ڪليم ٻٽ، نفسيات : ڊاڪٽر علي احمد قاضي، آخري رات : ممتاز مرزا، سنڌي ڊرامه جي تاريخ : آفتاب حسين کوهارو، دنيا جا عظيم افسانا : رشيد ڀٽي، سنڌ باد جو سفر : علي بابا شامل آهن. سڄي دنيا ۾ اي بوڪ ۽ ڊجيٽل بوڪ تيزي سان ترقي ڪئي آهي پر اسان وٽ پبلشر ۽ ليکڪ ان سلسلي ۾ اڳتي ڪونه پيا اچن. سڀني دوستن، پبلشرز ۽ ليکڪن کي اها اپيل ڪجي ٿي ته پنهنجي ڪتابن جون سافٽ ڪاپيون سنڌ سلامت کي اي ميل ڪن جيئن سندن پيغام ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن ذريعي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين تائين پهچائي سگهجي.

    فيس بوڪ ڪهڙي تبديلي ۽ ڪيئن تبديلي آڻي سگهي ٿو؟ اهو بحث به هلي رهيو آهي پر سنڌ جا اڪثر نوجوان فيس بوڪ تي انٽريسٽ گروپ جوڙي رهيا آهن ان طرح هو پنهنجو وقت ته بهتر پيا گذارين پر اڃا تائين سنڌين جي گڏيل آواز وارو ڪو مئوثر گروپ سامهون نه اچي سگهيو آهي. اڄڪلهه فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ جا اهم ۽ فائدي وارا ٽول بڻجي چڪا آهن جن ذريعي تمام گهٽ قيمت تي ۽ تمام جلدي ڪروڙن ماڻهن تائين پهچي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي آنلائين شاپنگ گروپ آنلائين مارڪيٽنگ ذريعي پنهنجو بزنيس هلائي رهيا آهن. هي هڪ سولو طريقو آهي جنهن ذريعي اوهان پنهنجي ويب سائيٽ جوڙيو ۽ آرڊر بوڪ ڪريو ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ يا ٽي سي ايس ذريعي پنهنجون شيون وڪڻي سگهو ٿا. هن وقت تائين سوشل ميڊيا ذريعي مان 100 کان وڌيڪ اهڙن گروپن جي وزٽ ڪئي آهي پر ڪو هڪ به اهڙو ناهي جيڪو سنڌ جي ثقافتي شين، هنري شين يا وري سنڌ جي روايتي تحفن کي وڪڻندو هجي.

    روزانه عوامي آواز 13 مئي 2014
    ____
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو