جڏهن سنڌ سان جند جڙي وڃي ....

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جڏهن سنڌ سان جند جڙي وڃي ....​




    علي قاضي


    جڏهن ڪنهن عورت جي ڪک ۾ پلجندڙ ٻار پهريون ڀيرو چرپر ڪري ٿو ته ان عورت کي پنهنجي ممتا ۽ سندس پيٽ ۾ موجود ان اجنبي سان شناسائي ٿئي ٿي، جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ ان ماءُ جي زندگي جو مقصد بڻجي وڃي ٿو/ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته ڇا هڪ ماءُ کي پنهنجي پيٽ ۾ موجود ٻار سان پهرين شناسائي ٿيڻ سان ئي بي پناهه محبت ٿي وڃي ٿي؟ ان سوال جو ڪو حتمي جواب ته شايد ئي ڪو ڏئي سگهي، پر اگر باريڪي ۾ وڃجي ته لڳي اهو ٿو ته ماءُ جو پنهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار سان شروع ۾ care ڪرڻ جو رشتو جڙي ٿو، انگريزي ۾ لفظ care جو ترجمو ”خيال ڪرڻ“ ان لفظ جي مڪمل روح جي ترجماني نٿو ڪري، بلڪه ماءُ جڏهن پنهنجي ٻار جي care ڪري ٿي ته معنيٰ اهو ان جو حد کان وڌيڪ ڌيان رکي ٿي، ان لاءِ فڪرمند ٿئي ٿي. مثال طور کائڻ پيئڻ ۾ ڌيان ڪرڻ، ڪا وزندار شئي نه کڻڻ، ڊاڪٽرن جا چڪر ڪاٽڻ وغيره. اهو سڀ ڪجهه هو پنهنجي ٻار لاءِ ان ڪري ڪري رهي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته She really cares for her babby ۽ ان ٻار جيڪو اڃا ڄائو به نه هوندو آهي، جو بي پناهه خيال رکڻ، ان ڏانهن ڌيان رکڻ، ان جو فڪر رکڻ جي ڪيفيت مان ئي محبت جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. معنيٰ خالص ۽ حقيقي caring ئي اهو ٻج آهي، جنهن مان خالص محبت جو ٻوٽو ڦٽي ٿو ۽ اڳتي هلي اگر ڪنهن محبت جي جذبي مان care ڪرڻ جو عنصر ختم ٿي ويندو ته پوءِ اها محبت به محبت نه بچندي. سو محبت جنم به caring جي جذبي مان ٿئي ٿي ۽ محبت برقرار به care ڪندي رهڻ سان ئي ممڪن آهي. ماءُ به نوَ مهينا پيٽ ۾ ۽ پوءِ جنم ڏيڻ کانپوءِ مسلسل ۽ متواتر پنهنجي ٻار جي care ڪندي رهي ٿي، ويندي اها ماءُ پوڙهي ۽ اولاد جوان ٿيو وڃي، پوءِ به ٻيو ڪجي نه ته اولاد جي گهر دير سان اچڻ تائين جاڳندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هو care ڪري ٿي. جوان جماڻ اولاد جي چهري تي پگهر ڏسي پنهنجي چادر يا رئي سان اهو پگهر صاف ڪندي مٺڙي انداز ۾ جڏهن چئي ٿي ته، ”الله، منهنجي ٻچڙي کي گرمي ٿي لڳي“، ته ان جي اکين ۾ موجود اٿاهه محبت ان ورهين جي caring جي جذبي جي پاڻي ۾ ترندي صاف ڏسي سگهجي ٿي.

    جڏهن ڪنهن نوجوان کي اهو چوندي ٻڌان ٿو ته مون کي فلاڻي ڇوڪريءَ سان پهرين نظر ۾ بي پناهه محبت ٿي وئي آهي، ته مون لاءِ پنهنجن چپن تي مرڪ کي روڪڻ ممڪن نٿو رهي، ڇاڪاڻ ته پهرين نظر ۾ ڪير ڪنهن کي تمام گهڻو پسند ته اچي سگهي ٿو پر محبت جو جذبو هڪ نظر ۾ پيدا ٿيڻ جي ڳالهه ائين ئي آهي، ڄڻ بنا ٻج جي ٻوٽو ڦٽي پوي. تنهن ڪري مون کي Love at first sight (ڏسندي ئي پيار ٿي وڃڻ) واري ڳالهه ڪڏهن به سمجهه ۾ نٿي اچي، ڇاڪاڻ ته محبت جي ٻج کي ڌيان جي مٽي ۽ اٿاهه خيال جو پاڻي ڏئي ٻوٽو ۽ پوءِ وڻ ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ فطرتي طور وقت گهربل هوندو آهي، پوءِ اها محبت ٻن انسانن وچ ۾ هجي يا ڪنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي گهر سان، پاڙي سان، شهر يا پنهنجي ڌرتي سان هجي. توهان اڪثر ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو ته ڏهاڪن کان پرڏيهه ۾ لڏي ويل سنڌي اڪثر پنهنجي ڌرتي سنڌ لاءِ سڪي رهيا هوندا آهن ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجن ٻچن ٻارن سان آمريڪا، يورپ يا ٻين ملڪن ۾ خوشحال زندگي گذاري رهيا هوندا آهن، پر کين سنڌ جي بدحالي جو اونو ۽ ڳڻتي انهن ملڪن کان وڌيڪ هوندي آهي، جتي هو آباد هوندا آهن. ان جو سبب اهو ئي آهي ته They care for Sindh (انهن کي سنڌ جو اونو آهي) پر انهن ئي ماڻهن جون ايندڙ پيڙهيون جيڪي پرڏيهه ۾ ئي پيدا ٿيون ۽ اتي ئي وڏيون ٿيون، انهن کي سنڌ لاءِ اها ڇڪ محسوس نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ ڌرتي تي نه ڄاوا ۽ نه ئي سنڌ ۾ رهيا، سو انهن وٽ سنڌ سان نسبت صرف اها ئي هجي ٿي ته سندن وڏا اتي پيدا ٿيا هئا. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته محبت جو جذبو خالص ۽ اصل روح ۾ تڏهن ئي پروان چڙهي ٿو، جڏهن ڪنهن شئي سان جڙي ڪري ان جو تمام گهڻو خيال ڪجي، پوءِ معاملو ڪنهن محبوب سان جڙڻ جو هجي يا ڌرتي سان. آئون اڪثر چوندو آهيان ته محبت ڪرڻ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن محبت ڪرڻ به اچي، ۽ محبت ڪرڻ اچڻ ته ٿي بعد جي منزل پر اڳ ۾ ته بنيادي ڏاڪو آهي تعلق جوڙڻ اچڻ جو. دراصل جڙڻ جو مرحلو اهم ۽ نازڪ هجي ٿو، جنهن ۾ تمام گهڻي ڌيان ۽ خالص پڻي جي ضرورت هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اگر بنيادي ٽانڪو ئي غلط لڳي ويو، يا پهريون جوڙ لڳائڻ ۾ ئي بي ايماني يا منافقي شامل ٿي وئي ته پوءِ تعلق ناقص ۽ غير جٽادار ٿيڻ جو امڪان تمام گهڻو هوندو. ڪنهن سان جڙڻ مهل دل ۽ دماغ ٻنهي ۾ توازن جي ضرورت هجي ٿي.

    شايد ئي ڪو ماڻهو هجي، جنهن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت نه هجي ۽ هر ماڻهو پنهنجي ڌرتي سان جڙيل هجڻ جو دعويدار به هجي ٿو، پر سوال اهو آهي ته اسان کي جڙڻ اچي به ٿو يا نه؟ آئون سمجهان ٿو ته جڙڻ لاءِ پهرين شرط پنهنجي ڪوڙي انا کي ختم ڪرڻ هجي ٿو، تنهن کانپوءِ ئي ڪنهن سان جڙي سگهجي ٿو ۽ ظاهر آهي ته اگر ڳالهه ڌرتي سان جڙڻ جي حوالي سان ٿئي پئي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ڌرتي واسي پاڻ ۾ جڙن، پنهنجي ڪوڙي انائن کي پاسيرو ڪري پاڻ ۾ ايڪتا پيدا ڪن. اسين اهو نٿا چئي سگهون ته اسان ڌرتي سان ته محبت ڪريون ٿا پر ڌرتي واسين سان اسان جو ڪهڙو واسطو! سنڌ ڌرتي سنڌين سان جڙيل آهي ۽ سنڌي سنڌ سان. سو اگر سنڌي پاڻ ۾ جڙندا تڏهن ئي هو سنڌ سان جڙي سگهندا. ڪڏهن ڪڏهن زماني جي ڪمن ڪارين سبب ماڻهو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان گهڻو ميل ميلاپ نه ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو چور يا هٿياربند پاڙي ۾ اچي وڃي ته پاڙي جا ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي ان جو مقابلو ڪندا آهن. ساڳي ريت سنڌ سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڌ واسين وٽ پاڻ ۾ گڏجڻ ۽ ڳنڍجڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانهي ۽ 6 ڊسمبر تي پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو ۽ 24 جنوري تي پنهنجي سنڌوءَ جو ڏهاڙو جنهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان کانپوءِ ان ڳالهه ۾ ته هاڻ ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته سنڌ واسي پاڻ ۾ ڳنڍجڻ ڄاڻن ٿا. هاڻ صرف ڏسڻو اهو آهي ته پنهنجي ان ايڪتا جي قوت کي سنڌ واسي حقيقي تبديلي لاءِ ڪڏهن ڪتب آڻيندا؟

    تازو گهوٽڪي ويجهو هڪ ڳوٺ حسين ٻيلي ۾ ڳوٺاڻن سان ڪچهري دوران هڪ پورهيت نوجوان مون کي چيو ته، هو اڳ ۾ ووٽ نه ڏيندو هو، پر هاڻ هن پنهنجي سوچ تبديل ڪئي آهي ۽ ان ڀيري هو تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. ان نوجوان جي ڳالهه ٻڌي مون کي خوشي ڀريل حيرت ٿي ۽ اهو احساس اڀريو ته اسان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙن جو سياسي فهم ڪنهن ريت شهرن ۾ رهندڙن کان گهٽ ناهي. ڳوٺ حسين ٻيلي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٿيل ڪچهرين مان اهو محسوس ٿيو ته معاشري ۾ معياري تبديلي آڻڻ لاءِ اسان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙن وٽ به اوتري ئي شدت سان خواهش موجود آهي، جيتري شهري علائقن ۾ آهي ۽ جنهن سماج جي ماڻهن جي دلين ۾ تبديلي آڻڻ واري خواهش هڪ لاٽ جيان ٻرڻ شروع ڪري ڇڏي ته ان سماج تي ڇانيل ناانصافين ۽ ڏاڍاين جا ڪارا ڪڪر ڊگهي عرصي تائين ڇانيل نه رهندا، ڇاڪاڻ ته لکين ڪروڙين ماڻهن منجهه ٻرندڙ لاٽ گڏجي وئي ته هڪ سج جيان سڄي سماج کي ان اونداهي مان ٻاهر ڪڍي ايندي. يقين رکجي ته اهي مڙئي ڳالهيون ناهن، ڇاڪاڻ ته اگر مثال طور ڪا سرڪار پنهنجي تي لهي اچي ته ڇا، ٻه يا ٽي سئو ڏوهاري سڄي سنڌ کي يرغمال رکي سگهن ٿا؟ ڇا سرڪاري اسپتالن جو نظام سڌري نٿو سگهي؟ تعليمي معيار بهتر نٿو ٿي سگهي؟ ڇا آبادگارن کي بارداڻي لاءِ ڌڪا کائڻ کان بچائي نٿو سگهجي؟ آخر اهڙو ڪهڙو معاملو آهي، جيڪو سڌاري نٿو سگهجي؟ اهي سڀ معاملا سرڪار سڌاري سگهي ٿي ۽ سرڪار کي عوام آڻي ٿو، سو جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا ته پوءِ سور به نه رهندا ساڳيا.

    هڪ دفعي اڳ به لکيو هئم ته مريض به ماڻهو آهن، پر پنهنجي مرض جا طبيب به هو پاڻ آهن ۽ جنهن ڏينهن علاج خاطر هنن ووٽ جي ڦڪي صحيح انداز ۾ استعمال ڪئي، ان ڏينهن سندن زندگي ۾ واضح تبديلي اچي ويندي. جنهن ڏينهن ووٽ جي موٽ ۾ انهن بنيادي ۽ معياري تبديلي جي گهر ڪئي، اهو ڏينهن ورهين کان عذابن ۾ جڪڙيل اسان جي سماج جي آجپي جو ڏينهن هوندو. جنهن ڏينهن لکين ڪروڙين ماڻهن جون دليون تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ ٻئي سان جڙي ويون، ان ڏينهن ڪو ڀوتار، ڪو رياستي ڏاڍ يا ڪا به جمود پسند قوت تبديلي کي اچڻ کان روڪي نه سگهجي

    بشڪريه روزانه ڪاوش اخبار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو