• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واڙي ۾ ڪيتريون رڍون بچيون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
رياضي جو هڪ اُستاد شاگردن کي جوڙ ڪٽ جو حساب ڪتاب سمجهائي رهيو هو
استاد : هاڻ توهان مونکي ٻُڌايو ته جيڪڏنهن هڪ واڙي ۾ 12 رڍون هُجن ۽ اُنهن مان 3 ڀڄي وڃن ته باقي ڪيتريون رڍون بچنديون ! ها زاهد تون ٻُڌا!
زاهد : سائين هڪ به نه!
اُستاد : (ناراض ٿي) تون ڪونه پڙهندي ! اڙي ڀوڪ اهو معمولي حساب ڪتاب به نٿو اچئي!
زاهد : سائين ! مونکي لڳي ٿو ته توهانکي حساب ڪتاب ڪرڻ نٿو اچي ! ڇو جو توهانکي رڍن جي خبر ئي ڪانهين! هڪ ڀٺندي ته سڀ اُن پويان ڀٺي وينديون! ته پويان ڇا بچندو!
 
Back
Top