You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
هن دل جون آسون ڀيل ڪري،
هو جيون ويو آ جيل ڪري،
ٿو روز پڙهان دردن جي ڪٿا،
وئي قسمت اهڙو کيل ڪري،
هي من جي دهرتي ٺوٺهه صفا،
رب خير جي بارِش هيل ڪري،
ويو وسڪاري ۾ مور مري،
پئي دانهون ڪيڏيون ڊيل ڪري،
مون ڇا ڇا اياز سوچيو هو،
ويو منصوبا سڀ تيل ڪري،