سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ فائين اٽي جي نالي ۾ زهر جي مارڪيٽنگ : ايم ايڇ پنهور

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,302
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ فائين اٽي جي نالي ۾ زهر جي مارڪيٽنگ : ايم ايڇ پنهور

    سنڌيڪار : ايوب شيخ

    گذريل ست هزار ورهين کان انسانذات ڪڻڪ ۽ ٻيا اناج اُپائي، فصلن تي وڌيڪ تحقيق ڪري، دنيا جي آبادي وڌڻ جي باوجود طاقتور غذا فراهم ڪري رهي آهي. پر اڄ دنيا ۾ موجود حالت کي پرکڻ جي گهرج آهي. انسانذات جي سموري تاريخ ۾ ڪڻڪ اڪيلو اناج آهي، جنهن ۾ وٽامن، منرلز، ڇاڻ يا ڦوڳ (Lignin) ۽ ٻيون شيون موجود آهن. ان ۾ وٽامن ”بي“ (B) ۽ وٽامن اي (E) موجود آهي. وٽامن اي جسم ۾ موجود گهرڙن جي طاقت وڌائي ٿي، توڙي ڪمزور گهرڙن جي مرمت جو ڪم ڪري ٿي، جنهن ڪري سرطان جا اثر گهٽجن ٿا. ان جو ڦوڳ وڏي آنڊي ۾ گرمي کي گهٽائي ۽ جسم ۾ پيدا ٿيندڙ سمورا زهر بي اثر بڻائي ٿو. ڇاڻ يا ڦوڳ ڪاري يا ناسي رنگ جو هوندو آهي.

    فلور ملن مان تيار ٿيندڙ زهر:

    پر فلور ملون ڪڻڪ مان اهو ڇاڻ ڪڍي اڇو اٽو ٺاهين ٿيون، ڇاڻ يا ڦوڳ نه هجڻ ڪري اهي اڇي رنگ جون ڊبل روٽيون جيڪي اسان “صاف” سمجهي استعال ڪريون ٿا، اصل ۾ ان ڇاڻ يا ڦوڳ نه هجڻ ڪري اهي رڳو 72 ڪلاڪن اندر ئي کائي سگهجن ٿيون، پر جي ان ۾ اهو ڇاڻ موجود هجي ته ان جي ڄمار وڌي وڃي ٿي. فلور مل ۾ تيار ٿيندڙ اهي ڊبل روٽيون جن جي ڄمار ئي 72 ڪلاڪ هجي ٿي، اها اسٽور يا دڪان تي ئي 72 ڪلاڪن ۾ پهچي ٿي. جنهن ڪري اها پاروٿي ٿيڻ جي ڪري انساني جسم ۾ زهر جو مقدار وڌائي ٿي.
    سو، اڇو اٽو يا ان وانگر ٻيون بيڪري جون شيون بنا ڇاڻ هجڻ ڪري ڪڻڪ جي طاقت کان خالي هونديون آهن. ان ۾ رڳو نشاستو يا (Endo sperm) هوندو آهي جنهن مان توانائي جو هڪ حصو ملي ٿو. فلور ملز بچي ويل ڇاڻ يا ڦوڳ ( بوسو) ڳئن، مينهن، ٻڪرين، گهوڙن ۽ ٻين جانورن جي چاري ۾ استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته اسٽور جي خانن ۾ جيڪو بنا ڇاڻ اٽو هفتن جا هفتا وڪرو ٿئي ٿو اهو 72 ڪلاڪن ۾ ئي پنهنجي هئيت تبديل ڪري نقصانڪار ٿيڻ شروع ڪري ٿو.

    پراڻي زماني ۾ ڳوٺن جون عورتون فجر جو ڪُڪڙن يا مُلان جي ٻانگن کان اڳ ئي جنڊ تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٽو پيهنديون هيون ۽ اهو هٿ سان پيٺل اٽو گهرن ۾ساڳئي وقت استعمال ڪيو ويندو هيو.

    سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ زهر جي مارڪيٽنگ:

    اسان ۾ هڪڙي ڳالهه اها پيدا ٿي ته “ هي زمانو جنڊ پيهڻ جو ناهي” ان ڪري اسان ڊيزل انجڻ جي مدد سان ڪڻڪ پيهڻ کي ٻطرفو زهريلو ۽ نقصانڪار بڻائي ڇڏيو. هڪ پاسي ان مان ڇاڻ ڪڍي ان ڪڻڪ کي بي سَتو ڪري ڇڏيو ۽ وري ڊيزل ان سان گڏ هلندي رهي، جنهن جا ذرا اٽي ۾ ملندا ويا. اهڙي طرح ڏکڻ ايشيا ۽ سنڌ ۾ زهر پکيڙڻ جو هڪ نئون رواج پيدا ڪيو ويو.
    گذريل ڪجهه ورهين کان خوراڪ ۽ صحت جي ڳانڍاپي ۽ اثرن تي ڳچ لکيو ويو آهي. دل جون ڪيئي بيماريون خوراڪ جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. پتي ۽ گڙدن ۾ پٿرين جو ڪارڻ به خوراڪ ئي آهي. بلڊ پريشر، وڌ-شگر ۽ گهٽ-شگر، ٿولهه، ڏندن جي بيمارين، قبضي، بدهضمي، موڪا، مختلف سرطان، نظر خراب ٿيڻ، سستي، گيسر ۽ جسم جي بچاءَ جي سرشتي جو ڪمزور ٿيڻ جي ڪري ليس زڪام ٿيڻ کانسواءِ جسم ۽ دماغ جي اهم ڪمن تي خوراڪ ئي اثرانداز ٿئي ٿي.
    اسان جيڪي شهرن ۾ رهون ٿا سي “بهتر خوراڪ” جي نالي ۾ “بدتر خوراڪ” استعمال ڪريون ٿا. اسان منجهان گهڻ کي خبر ئي ڪانهي ۽ جن کي خبر به آهي ته اهي وري ان پاسي لاپرواهه ٿيا ويٺا آهن.
    مان نه ڪڻڪ کائيندو آهيان ۽ نه کائي سگهندو آهيان. منهنجي پيٽ ۾ الرجي پيدا ٿي هئي جنهن ڪري ڪڻڪ ۾ موجود گليوٽن مون سان وڙهندي هئي. اها الرجي بنهه ٿورڙن ماڻهن کي ٿيندي آهي. مونکي آميريڪا ۾ ڊاڪٽر سر فرانسس آوري صلاح ڏيندي چيو هيو ته “ تون ڪڻڪ بدران پالش نه ٿيل چانور کاءُ” هن چيو هيو ته چانور پالش ٿيڻ سان ان مان ڪيئي اثر نڪري وڃن ٿا. مان 1964ع کان ان تي باقاعدي عمل ڪندو آهيان.

    ڪجهه عادتون مٽائڻ بابت:

    ڇا ان ڳالهه جو وقت نه اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي کاڌ خوراڪ جي سمورن پاسن کي جانچيون ۽ جتي جتي کائڻ جي عادتن ۾ تبديلين جي گهرج هجي اهي تبديليون ڪريون. “جيءُ خوش ته جهان خوش” وانگر جي جيءَ ۾ مزو ڪونهي ته نه فيملي سان خوش هونداسين نه دنيا مان لاڀ وٺي سگهنداسين. انهن عادتن جي بدليءَ سان اسان وري نئوبنا ٿي سگهنداسين. جيڪي نقصان ڪري ويٺا آهيون سي پورا ڪري سگهنداسين. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان وري دنيا ۾ موٽي نه اينداسين. پر پنهنجي جيئري جسم جي ٿيل نقصانن جي پورائي جو وقت ته مليل آهي. فضول خرچي سان گهڻو ۽ خراب کائڻ بدران بهتر پر ٿورو کائڻ کان وڏو عقل جو ڪم ٻيو ڪونهي.

    ڪئنسر يا سرطان جي باري ۾:

    ڪئنسر يا سرطان مختلف عضون ۾ ٿي سگهي ٿو. اهو ڪنهن به وقت، ڪنهن کي به ۽ ڪهڙي به علائقي ۾ ٿي سگهي ٿو. اها وڏي ڄمار ۾ ٿيندڙ بيماري ناهي. ان جو انجام اڪثر موت آهي. پر سرطان کي سمجهڻ وسيلي ان جي خطرن کي ڄاڻڻ سان ڪيئي خطرا ٽاري سگهجن ٿا. سرطان انساني جسم ۾ “بيمار” گهرڙن جي بيماري آهي. اهي بيمار گهرڙا يا Cell جسم جي باقاعدي ٿيندڙ سرگرمي سان گڏ هلي نه ٿا سگهن ۽ جتي هجن ٿا اتي پنهنجي ڊيگهه ويڪر وڌائيندا رهن ٿا.

    اچو ته سرطان جي هڪ نموني کي ڏسئون. انساني جسم ۾ موجود وڏو آنڊو سمورن عضون جي خراب مادن جي گڏ ٿيڻ جي جڳهه آهي. ڦڦڙ، جيرو، لبلبو، پتو ۽ بڪيون ان وڏي آنڊي سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڳنڍيل آهن. انهن جي ننڍڙين نلڪين مان خراب ۽ زهريليون رطوبتون نيڪال ٿيڻ لاءِ اتي پهچن ٿيون.

    مشينن ۾ صاف ٿيل اڇو اٽو، کنڊ وغيره ۾ لڳ لڳدار مادو هجڻ ڪري اهي آنڊي جي اندرين ڀتين سان چنبڙي پوي ٿو ۽ هاضمي ۾ دير ڪري ٿو. انهن ڀتين تي اهو چنبڙيل مادو آهستي آهستي نرم مان سخت ٿي آنڊي جي بناوٽ ۽ سرگرمي کي تيزيءَ سان متاثر ڪري ٿو، جنهنڪري جسم مان زهريلا مادا ۽ خراب رطوبتون نيڪال نه ٿيون ٿين. اهي زهر وري جسم ڏانهن موٽ کائين ٿا ( جيئن سنڌوءَ ۾ پاڻي جي وهڪري نه هجڻ ڪري سم جو زهر واپس سنڌودرياءَ ۾ واپس اچي ٺٽي جي زمينن کي تباهه ڪري رهيو آهي: سنڌيڪار) انهن زهريلن مادن جي جسم جي مختلف عضون ڏانهن موٽ ٿيڻ جي ڪري هڪ اڌ عضوو تيزيءَ سان متاثر ٿئي ٿو. جنهن ڪري انهن عضون جا گهرڙا اول ڪمزور ۽ پوءِ بيمار ٿي سرطان ۾ تبديل ٿين ٿا. ان حالت ۾ خرابي تڏهن وڌي وڃي ٿي جڏهن اسان گوشت واپرايون ٿا، جيڪو مختلف ڪيمائي مادن وسيلي مارڪيٽ ۾ تازو لکيل هوندو آهي پر جسم ۾ موجود بيمار گهرڙا ان جو ٻوجهه سهي نه سگهندا آهن ۽ مري ويل گهرڙا سرطان جي رفتار وڌائي ڇڏيندا آهن.

    قاعدي موجب جنهن مهل ڪنهن کي خبر پوي ٿي يا احساس ٿئي ٿو ته کيس سرطان آهي ته جنهن حالت ۾ اها خبر کيس پوندي آهي اها حالت ان کان اڳ ڪيترن ورهين کان جاري هوندي ۽ جسم ۾ سرطان جا گهڙرا پنهنجي ڪم سان لڳا پيا هوندا. اهڙي حالت ۾ ڪڻڪ جا داڻا يا وٽامن جي شيشي جلد ۾ ڪجهه نه ڪري سگهندا. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪڻڪ خوراڪ آهي علاج ناهي. وٽامنز وري خوراڪ کي سگهارو ڪندڙ آهن. ڪڻڪ جسم کي سگهارو، مضبوط ۽ صاف رکي ٿي ۽ بدن ۾ گهرڙن جي مرڻ جي رفتار کي گهٽائي ٿي. ان ڪري مستقل بنيادن تي اهي تبديليون ڪرڻ جي گهرج آهي. انهن عادتن جي بدلجڻ سان جسم تي جيڪي هاڪاري اثر پوندا اهي پڻ ڪجهه وقت وٺندا. پر جي سرطان پنهنجي اڳين ڏاڪي تي پهچي ويو آهي ته پوءِ جسم تي هاڪاري اثر پڻ گهٽ پوندا. پر جي اها خوراڪ شروع ڪجي ته سرطان جي رفتار ۾ گهتٽائي آڻي سگهجي ٿي. ڪجهه خاص حالتن ۾ اهڙي خوراڪ سان جسم اندر زهرات جي صفائي پڻ تيز ٿي سگهي ٿي.

    سرطان بابت ڪجهه مريضن جون ڳالهيون:

    آميريڪا ۾ ڪجهه ماڻهن کي آنڊي جو سرطان ٿيو. ڊاڪٽرن کين باقي عمر پنج ورهائي ٻڌائي. انهن مريضن ڇا ڪيو جو آنڊي ۾ موجود سخت ٿيل زهريلن مادن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ علاج شروع ڪيو. کين خبر هئي تي وٽامن اي ڪڻڪ جي ڇاڻ يا تيل مان ٺهي ٿي. هڪ مريض ان پيهڻ جي پراڻي طريقي ڏانهن موٽيو. اسان وٽ اهو طريقو پنجاهه ورهيه اڳ هر گهر ۾ هيو. جنڊ پيٺل اٽي واپرائڻ سان اهو مريض 20 سال جيئرو رهيو. پاڪستان ۾ جيڪو “فائين آٽا“ جي نالي سان اڇو اٽو ملي ٿو ان جي واپرائن سان سرطان جو امڪان وڌي رهيو آهي. پاڪستان ۾ آنڊي جي سرطان ۾ واڌارو اچي رهيو آهي، جنهن جو سبب اڻ ڇاڻيل اٽي بدران فائين اٽو کائڻ آهي.

    پٿر جو جنڊ ۽ جديد مشيني ٽيڪنالاجي:

    اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته ڦيٿي جي ايجاد (1700 کان 1000 ق م) کانپوءِ جنڊ وجود ۾ آيو هوندو. ان ۾ ٻه پُڙ ٿين ٿا. هيٺيون پٿر جو حصو مقرر هنڌ تي يبٺل هوندو آهي جڏهن ته مٿئين حصي ۾ مرڪز تي سوراخ ۽ پاسي ۾ جنڊ هلائڻ لاءِ ڳنُ پيل هوندو آهي. گهرن ۾ عورتون آهستي آهستي جنڊ هلائينديون هيون، پٿرن جي گرمي پد به نه وڌنڌو هيو، جنهن ڪري ڪڻڪ جو ڇاڻ توڙي ان جون وٽامنز زيان نه ٿينديون هيون. جيڪو اٽو پيهبو هيو اهي 15 ڪلاڪن اندر کاڄي ويندو هيو، جنهن ڪري ڪڻڪ يا ان مان ٺهيل اٽو تازو ۽ صحت بخش هوندو هيو. اسان جي ڪلچر ۾ سنهو اٽو رڳو سَيون ٺاهڻ لاءِ ڪتب آڻبو هيو. مشيني ٽيڪنالاجي هڪ پاسي ڇاڻ کي الڳ ڪري، ٻئي پاسي گليوٽن الڳ ڪري ٽئين پاسي ان مان نڪرندڙ نشاستو گرم مشينن تي سنهو پيهي ان جو الهه تلهه وڃائي پيش ڪن ٿا.

    جديد فلور ملون:

    پهرين ۽ ٻين مهاڀاري لڙاين جي وچ واري عرصي ۾ ( 1915ع کان 1939ع) يورپي فلور ملون ڏکڻ ايشيا ۽ اسان جي پاسي پهتيون. اهي ڊيزل تي هلنديون هيون. انهن جا ٻه قسم هيا. هڪڙيون پٿر جي چڪين سان ۽ ٻيون فولاد جي پُڙن سان اٽو پيهنديون هيون. پر ٻنهي جي پيهڻ جو طريقوساڳيو هيو. اهي ٻئي شديد پريشر پيدا ڪري پوءِ اٽو پيهنديون آهن. جنهن سان اٽي جي پيسائي ۽ رفتار وڌي ويندي هئي. ان ۾ گرمي 180 ڊگري فيرن هائيٽ پيدا ٿيندي آهي. جنهن ڪري ڪڻڪ ۾ موجود گهم اڏامي ويندي آهي، ڪڻڪ جو وزن 2.5 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي، جڏهن اٽو پيهجي ٻاهر نڪرندو آهي ته اهو گرم هجڻ ڪري هٿ لاهڻ جهڙو به نه هوندو آهي. ان ۾ وٽامنز ڪيئن بچنديون، اٽي جو ڇاڻ به سنهو ٿي پيهجي ويو ته ڪڻڪ جي طاقت ڪيئن بچندي. آئون جڏهن ڪڻڪ استعمال ڪندو هيس ته بنا دير چڪي ۽ جنڊ جي پيٺل مانيءَ جو فرق محسوس ڪري سگهندو هيس.

    اسان جي ڳوٺ ۾ چڪي لڳائي وئي:

    1933ع ۾ اسان جي ڳوٺ ڀرسان اٽي پيهڻ جي چڪي لڳائي وئي. عورتون ٻارن ۽ مردن سان وڙهي ڪڻڪ ڏئي کين چڪيءَ تان ان پيهائڻ لاءِ موڪلينديون هيون. ڪجهه ماڻهو اٽي جي سنهي هجڻ ۽ بهتر نظر اچڻ ڪري ان جي ساراهه ڪرڻ لڳا، پر ٿوري وقت اندر پيٽ جون بيماريون ۽ هاضمي جي شڪايت پيدا ٿيڻ شروع ٿي. جن کي سور پيو سي مشين جي پيسائي جا مخالف ٿيا ۽ جن کي سور نه پيو سي وري انهن کي “ڄٽ” ۽ جديد ترقيءَ جو دشمن سمجهڻ لڳا. انهن جي اڪثريت وري عورتن جي جنڊ پيهڻ کي وڏو ظلم سمجهڻ لڳي. عورتن به جنڊ پيهڻ ڇڏي ڏنو، هاڻي ڪڏهن ڪڏهن اهي جنڊ دالين ۽ مصالحن جي پيسائي لاءِ ڪتب اچڻ لڳا.

    مسئلي جو حل:

    مختلف ڪمپنين پاران Grinder ننڍيون پيهڻ جون مشينون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي آهستي آهستي اناج کي پيهن ٿيون. ان سان ڪڻڪ جون سموريون خاصيتون بچيل رهن ٿيون. اهي گرمي به خارج نه ٿا ڪن. جي اسان جنڊ پيهي نه ٿا سگهئون ته ننڍيون ننڍيون مشينون استعمال ڪري فلور ملز جي اڻ ڏٺل طريقن مان نجات حاصل ڪري سگهئون ٿا. اڇي اٽي مان جان ڇڏائي سگهئون ٿا ۽ پاڻ کي صحتمند رکي سگهئون ٿا.

    ( حوالو: اصل مضمون Wheat a Wonderful grain which we have converted into deadly poison جو سنڌي ترجمو)

    عوامي آواز ميگزين تان ورتل

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,302
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ رهنمائي لاء اسان ڊاڪٽر ممتاز قريشي کي عرض ڪنداسين ته وڌيڪ ڄاڻ ڏين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هر ساهه واري جي زندگي کي قائم و دائم رکڻ لا خوارڪ تمام ضروري آهي ۽ انساني خوراڪ ۾ ڪڻڪ جي اهميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي. الله پاڪ ڪڻڪ جي هر هڪ داڻي ۾ انساني جسم کي گهرجندڙ ڪيترائي اهم ۽ ضروري جزا شامل ڪيا آهن.

    [​IMG] [​IMG]
    ڪڻڪ جو ٻاهريون تهه هڪ قسم جو حفاظتي پردو آهي، جيڪو هڪ قسم جي سخت جزي هسڪ (HUSK) جو ٺهيل هوندو آهي. ان جي بلڪل هيٺان فائبر سيليلوز (Cellulose) موجود هوندو آهي ۽ فائيبر جي هيٺان ( بلڪل اندرين گهرائي ۾) هڪ قسم جي پروٽين ”گليوٽن“ هوندي آهي. ان کان علاوه ڪجهه مقدار ۾ چرٻي، ڪاربوهائيڊريٽ ( Sugar) ، وٽامنز ۽ مختلف منرلز وغيره به موجود هوندا آهن.
    ڪڻڪ ۾ موجود اهي سڀ جزا انساني جسم جي هر هڪ گهرڙي ۾ ٿيندڙ مختلف عملن لا استعمال ۾ ايندا آهن. اهو قدرت جو اسان تي هڪ وڏو انعام آهي ته جن جن شين جي انسان کي زندهه رهڻ لا ضرورت آهي اهي وافر مقدار ۾ ڪڻڪ ۾ موجود آهن.

    اڄ جي ڪڻڪ ، پنجاهه سال پهرين واري ڪڻڪ کان ڪافي مختلف آهي. ان جي داڻي جي سائيز ۽ ان جي افاديت ڏينهون ڏينهن گهٽبي وڃي. ان جو اهم ڪارڻ ذراعت واري شعبي ۾ گهڻي کان گهڻي پيداوار جي لالچ ۾ مختلف قسمن جي ڪيميڪلز جو بي جا استعمال ڪرڻ آهي. جڏهن ڪڻڪ ئي صحت جي اصولن مطابق پوکي نه ويندي ته پو ان مان ٺهندڙ مختلف قسم جا اٽا به مطلوبه معيار جا نه هوندا. ان کان علاوه جديد مشينري جي استعمال سان به ڪڻڪ جا اهي اهم جزا مڪمل بناوٽ ۾ باقي نه رهندا آهن جنهن جيڪري موجوده ڪڻڪ مان ٺهندڙ اٽا انساني جسم کي تمام گهٽ فائدو پهچائي رهيا آهن.

    مٿين مضمون ۾ تمام اهم معلومات ڏني وئي آهي. خاص طور تي وٽامن E بابت تمام اهم معلومات موجود آهي. هي وٽامن اسان جي جسم جي گهرڙن کي مختلف قسم جي نقصان پهچائيندڙ ڪيميڪلز (Toxin products)کان محفوظ رکي ٿو. ان سان گڏوگڏ جسم جي مختلف قسم جي ڪينسر کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ به وٽامن E اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
    اهو سوال به پنهنجي جا تي اهم آهي ته ڪڻڪ جو بنا ڇاڻيل اٽو بهتر آهي يا ڇاڻيل اٽو انساني صحت لا وڌيڪ ڪارآمد آهي. ان بابت به مضمون ۾ سُٺي روشني وڌي وئي آهي.
    موقعو مليو ته ڪڻڪ، انساني صحت ۽ بيماريون جي نالي سان الڳ مضمون لکي ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪندس. انشاالله.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    حقیقت آھی .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    بهترين ڄاڻ ملي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ويهي سوچي ٿو ته لڳي ٿو ته جديد مشنري سسٽم اسان کي صفا ناڪاري ڪري ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو کاڌا جيڪي اسين کائون ٿا اهي اسان لا زهر بڻجي ويا آهي. اسان جي علائقي مان سم نالو گذري ٿو جنهن ۾ ملن جو فضلو وهندو رهندو آهي جيڪو سمنڊ ۾ڇوڙ لا نيڪال ٿئي ٿو. اسان جي علائقي ۾ گهڻو ڪري سبزي ان گٽر واري پاڻي تي پوکي وڃي ٿي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته گٽر تي پوکين ٿا. ڀلا جيڪا شي زهريلي پاڻي تي پوکي وڃي ان ۾ ڪهڙا منرلس ۽ ڪهڙا مادا هوند پو اسان پاڻ ئي انسان پنهنجا ئي قاتل ٿيا سين . هوڏانهن ان جي وڌ کان وڌ پيدا وار لا ڏينهوڏينهن نوان ٻج پيا متعارف ٿين جيڪي پيداوار ته وڌيڪ ڏين ٿا پر ڇا اهي اسان کي اها قدرتي غذائيت به ڏين ٿا؟ جتي ماڊرن ورلڊ جو ذڪر ڪجي ٿو هر فيلڊ ۾ اتي صحت جي به حالت ڏسو ته دنيا صحت جي لحاظ کان ڪهڙن مسئلن کي فيس پئي ڪري روز بروز نئون بيماريو پيون جنم وٺن. ان ۾ به اسان سچا نه ٿيا سين ڊاڪٽر جيڪي اسان جي جياپي جو سهارو هوندو سي به ميڊيڪل ڪمپنين جي ور چڙهيا پيا آهن . بس الله پاڪ هي سسٽم هلائي پيو. نه ته اسان جا لڇڻ اهڙا آهن دنيا ڪڏهو ڪي ختم ڪريو ويٺا هجون ها.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. .commail.com Zia Sindhi

    .commail.com Zia Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه سائين واه جي معلومات اسان ت صرف ڳوٺجي بوءِ قائم رکڻ لاءِمل جي اٽي بدران بوسي ۽ڇاڻ وارو اٽو پئي کاڌو پر ھاڻي خبر پيئي ت اسان جي ڳوٺاڻي بوءِ ڪيتري قدر فائديمند آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو