• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يونائيٽيڊ نيشن جي رزلٽ کڻي ڇا به اچي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
يونائيٽيڊ نيشن جي رزلٽ کڻي ڇا به اچي؟
تحرير : عبدالرزاق ميمڻ

يونائيٽيڊ نيشن جي رزلٽ کڻي ڇا به اچي، مُفاد پرست وڏيرا ، چوڌري، ملڪ وغيره ۽ٽڪي ٽڪي تي وڪجندڙ ۽ پارٽيون بدلائيندڙ سنڌي فيوڊل ۽ ڪامورا ڇا به کڻي سوچين، پر غيور باغيرت پيپلا، جيالا، غريب ورڪر ۽ جان نثار پنهنجي قائد کي قتل (شهيد) ڪرڻ وارن کي سُڃاڻين ٿا، هي اُهي آهن جن لاِءِ بيبيءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ خطرو ظاهر ڪيو، ۽ نالا ڏنا. هي اُهي آهن جن ڪارساز کي انڌيري ۾ آڻي پهرين اُتي بيبيءَ کي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جتان بيبي بچي وئي ۽ انهن جون واڳون سڌيون سنيون مشرف جي هٿن ۾ هُيون ۽ اُنهن جي ڇاڙتن ڏانه پڻ وڃن ٿيون، پوءِ ڀلي ڇو نه اُهي پيپيءَ جي اندر جا خُفيه هٿ ۾ ان ۾ شامل هُجن، جانثار ۽ جيالا پنهنجي شهيدن ذوالفقار علي ڀُٽو، شاه نواز، مُرتضي، محترمه شهيد نينظير ڀُٽو جي قاتلن کي سُڃاڻين ٿا. ۽ لاچار، بيوس وڏيرن جي وس ۾ هوندي اها آشا رکن ٿا ته شهيدن جو رت ضرور رنگ لائيندو.

يونائيٽيڊ نيشن جي رزلٽ کڻي ڇا به اچي
 
Back
Top