سنڌي ناول

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌي ناول

    ناول انگريزي لفظ آهي جنهن جي معنٰي ”نمونو“ يا ”نواڻ“ آهي. ناول انساني جذبات سان گڏوگڏ قومي زندگيءَ جو عڪس پڻ هوندو آهي. انگريزي ادب ۾ ناول کي اهميت ان جي نتيجي ۾ برپا ٿيل انقلابن جي سبب کان آهي.

    ناول جون فني خوبيون

    پلاٽ، سيرت سنگاري، خاص مقصد، حقيقت پسندي، فصاحت ۽ بلاغت ۽ اخلاقيات ناول جي اهم خوبين منجهان آهن.

    ناول جا قسم

    ناول جا هيٺيان مکيه قسم آهن

    واقعاتي ناول
    ڊرامائي ناول
    جاسوسي ناول
    سماجي ناول
    نفسياتي ناول
    تاريخي ناول

    سنڌي ناول جي تاريخ

    سنڌي ناول جي ابتدا ترجمن کي سمجهڻ گهرجي يا اصلوڪن سنڌي قصن ۽ ڪهاڻين کي اِهو هڪ ادبي بحث آهي. محمد اسماعيل عرساڻي سنڌي قصن کي سنڌي ناول جي ابتدا ڪوٺيو آهي جن ۾ ڀنڀي جي ڳالهه، سڌاتورو، ۽ ڪڌاتورو شامل آهن

    سنڌي ناول جو اوائلي دور 1870ع کان 1923ع

    هن دور کي ترجمن جو دور به چئي سگهجي ٿو. ديوان اڌارام ۽ ساتو نولراءِ گڏجي ڊاڪٽر جانسن جي ناول ”راسيلاس“ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. تنهن کانپوءِ ڪيترائي ناول ترجمو ٿيا.

    1910ع ۾ سيرو مل ساگراڻيءَ جو طويل ناول ”هردلعزيز“ عرف ”چندرڪانتاسنتي“ قسطوار ڇپيو


    اوائلي خودساخته ناول

    مرزا قليچ بيگ اصلوڪا سنڌي ناول لکيا. هن 1888ع ۾ پهريون اصلوڪو سنڌي ناول ”دلارام“ ۽ ٻيو ”زينت“ 1895ع ۾ لکيو. بيگ صاحب کانپوءِ لعل چند امرڏنو مل به ڪافي اصلوڪا ناول لکيا جن ۾ ”چوٿ جو چنڊ“ ۽ ”ڀرم جي ڀلائي“ شامل آهن

    ڊاڪٽر گربخشاڻي 1915ع ۾ ”نورجهان“ ناول لکيو. هن دور ۾ سماجي، اخلاقي، رومانوي ناول لکيا ويا. ڪجهه جاسوسي ناول پڻ هن دور ۾ لکيا ويا


    سنڌي ناول جو ٻيو دور1923ع کان 1947ع

    هي دور سياسي ڪشمڪش جو دور هو. سياسي ۽ تاريخي ناول لکيا ويا. صاحب سنگهه شاهاڻي جو ”بلو کوکر“ (1930ع) ۽ عبد الرزاق جو ناول ”جهان آرا“ (1931ع) ڪافي مشهور ٿيا

    محمد عثمان ڏيپلائي هن دور جو اهم نالو آهي. پاڻ 1939ع کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ گهڻو ڪري تاريخي ناول لکيائين جن جو تعداد لڳ ڀڳ هڪ سئو آهي. ان کان علاوه پروفيسر رام پنجواڻي، نارائڻ داس ڀمڀاڻي به هن دور ۾ اصلوڪا ناول لکيا

    هن دور ۾ مجموعي طور تي سياسي ۽ تاريخي ناول لکيا ويا جيڪي حقيقت تان پردوکڻن ٿا. پر ورهاڱي سبب سنڌي ناول ٻين صنفن وانگر وري پوئتي پئجي ويو.


    ورهاڱي کانپوءِ وارو دور

    هن دور ۾ ناول ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ترقي ڪئي جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. تنهن هوندي به ڪجهه ناول نگارن ڪامياب تجربا ڪيا. تنهن جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو

    سراج الحق ميمڻ_ سراج الحق ميمڻ پڙاڏو سوئي سڏ، مرڻ مون سين اءُ، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگه ترشنا اهم ناول لکيا. پهريان ٻه ناول ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي داستان آهن

    ڊاڪٽر نجم عباسي_ ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي ناولن نه فقط ڌرتي جا ڏک ۽ مسئلا ٻڌائي ٿو پر سندن قابلِ قبول حل پڻ ڏئي ٿو. سندس ناول بلنديون، تلاش ۽ پيار ڪهاڻي تمام گهڻا مشهور ٿيا

    آغا سليم_ آغا سليم هن دور جو منفرد اديب آهي. هو سونهن، سچائي، تهذيب ۽ اعلٰي انساني قدرن جو علمبردار آهي جيڪو هن جي ناولن اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻپورو انسان، روشنيءَ جي تلاش ۽ هم اوست مان ظاهر ٿئي ٿو

    ناول جي صنف تي ڪيترائي لاها چاڙها آيا پر ناول جيئن اڳ هميشه هر مشڪل ۽ آسان دور ۾ لکبو رهيو اڄ به نه فقط لکجي ۽ پڙهجي رهيو آهي پر ان ۾ ڪجهه نوان تجربا پڻ ٿي رهيا آهن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين ادا پڙهڻ ۾ تمام مزو آيو ۽ ڪجهه معلومات ۾ اضافو ٿيو مهربانيون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي دور جي ناول جي ڳالهه ڪبي ته ان ۾ طارق عالم ابڙو، سندري اتمچنداڻي، غلام نبي مغل، اسحاق انصاري، حيدر دريا زئور، اخلاق انصاري ۽ ٻيا شامل آهن ....

    سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي سنڌيء ۾ ناول موجود آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو