اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,240
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب
    سنڌ جا ٻه نواب، جي دنگئي پَلئي هئا، تن مان هڪڙي، هڪ اڇي ڏاڙهي وارو ماڻهو مقرر ڪيو، جو ٻئي نواب جي دِڳي مان ڳَرٽ ڳَرٽ ڇوڪرا برغلائي ايندو هو، جن کان ڍڳن ڍورن چارڻ ۽ ٻي خدمت چاڪري جو ڪم ورتو ويندو هو. ٻِئي نواب، وري هڪ چالاڪ ڳڀرو ڇوڪرو پاڻ وٽ رکيو هو، جو وري هُن نواب جي حد مان، اڇي ڏاڙهي وارن کي ڏٽا سٽا ڏيئي، کين مقرر سَراءِ ۾ آڻي ڪڍندو هو، جتي انهن کان چَڪي پيهڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
    هڪڙي ڏينهن پوڙهي ۽ ڇوڪري جو هڪ ٻئي سان پَلئه پيو. پوڙهي پَههُ پچايو ته، ”آئون، هن ڇوڪري کي هيٺاهيون مٿاهيون ڏئي، پنهنجي حد ۾ وٺي وڃان.“ ڇوڪري خيال ڪيو ته ”آءُ، هن پوڙهي کي پاڻ سان وٺي وڃان.“
    ٻئي پنهنجي پَهن گَهن ۾ مست ۽ مگن!
    نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي ڊهَه بَڊهَه (روبرو) ٿيا، تڏهن ڇوڪرو ٽاڙهه ڏيئي، رئندو رئندو، چاچا سائين، چاچا سائين، ڪندو، اچي پوڙهي جي پيرن تي پيو. روئي جو روئي پيو زارو زار! پوڙهي کي هن جي روئڻ تي رحم آيو. سو ڳرٽڙي پائي، پڇيائينس ته، ”ابا، روءُ نه، خبر ڪر ته روئين ڇو ٿو؟“ . ڇوڪري ڏاڍي ڍنَگَ پيچ ۽ ڦَند سان ڇَند ڪري، چيو ته ”بابو ويچارو راه رباني وٺي ويو، اما ۽ ٽي ڀينرون ڇڏي ويو آهي. ڏوڪڙ پيسو، ۽ ٻني ٻارو به آهي، پر سنڀالي ڪير؟ اما چيو ته، ”پٽ، تنهنجو چاچو هتان رُسي ويو آهي، اُن کي ڳولي ڦولهي اچ. ڏَسَ پَنڌَ ۽ پار پَتا، جيڪي ڏنا اٿس، سي سڀ چاچا، تو ۾ آهن، سو مهرباني ڪري هاڻي هَل، ۽ هلي سار سنڀال لَههُ. ، مطلب ته ڇوري، اهڙا ته حيلا هلايا، جو پوڙهو فريب ۾ ڦاسي ويو. ڇوڪري کي چيائين ته، ”پُٽ، ماٺ ڪر، روءُ رڙ نه، مون سڀ ڪاوڙ ڇڏي، هل ته هاڻي ئي هلون ٿا.“ ڇوڪر اڳيان، پوڙهو پويان. جڏهن مقرر سراءِ جي ڀرسان آيا، تڏهن ڇوڪري، پوڙهي کي چيو ته، ”چاچا، تون هل، انهيءَ جاءِ ۾، ته آئون جھنگ جو خيال لاهيو ٿو اچان.“ پوڙهو خوشيءَ سان سراءِ ۾ گهڙيو. اُتي ته اڳيئي جوان انتظار ۾ ويٺا هئا، جن پوڙهي کي پهچندو ڏسي، جھلي، چَڪَيءَ (جنڊ) تي ويهاري، ڪاسو اَن جو ڏيئي، چيائونس ته، ”پيھُ اَنُ، نه ته سِر جو خير نه ٿيندءِ“ . اتي پوڙهي سمجھيو ته، ”مار، ڇوڪرو راند هڻي ويو !“.
    ڀلا هڪ پيرسن، ٻيو جنڊ ڳورو ۽ اَن گهڻو، ويچارو سو ڪري به ڪري ڇا! جي تڪڙو ٿو هلائي ته اَنُ ڏارو پيو ٿئي، جي هوريان ته اَٽو نه پيو نِبري، اچي ويو سورن ۾! مٿانئس بيٺل ماڻهو، ٿورو ۽ ڏڏريل اَٽو ڏسي، کيس چون ته، ”پوڙها، هي ڇا ٿو ڪرين؟ اَڇي ڏاڙهي ۽ اَٽو خراب!“.
    مطلب: جڏهن ڪو ڪم، ڪنهن لياقت مطابق ڪيل نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    462
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    بھترين مثال .. . .
     
  3. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    واه واه سائين زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو