ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,903
    ورتل پسنديدگيون:
    27,232
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ

    الطاف شيخ

    منهنجا ڪالم پڙهندڙ هڪ پروفيسر صاحب جو ڪالهه لطيف آباد کان فون آيو ته هن کي منهنجو فون نمبر ڪٿان هٿ آيو آهي ۽ هو مون کان هڪ مشورو يا کڻي چئجي ته صلاح وٺڻ ٿو چاهي.

    ”ضرور! ضرور!“ مون وراڻيومانس. پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته ان قسم جا فون ايندا رهندا آهن جيڪي اڪثر ٻاهر وڃڻ يا نوڪري بابت هوندا آهن. آهي ته سڄي دنيا ۾، پر اسانجي ملڪ ۾ هيڪاندي بيروزگاري وڌي وئي آهي. ماڻهو مجبور ٿي ويا آهن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ بدران ڪيترا پنهنجا پروا اهڙا ظالم آهن جو انهن کي نوڪرين جا ڏٽا ڏيئي بيوقوف بنائين ٿا ۽ کين اجھو ۽ لٽو به وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. هن پروفيسر صاحب جو به ڪجهه ان قسم جو مسئلو هو.

    ”سائين منهنجي پٽ گذريل سال انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي آهي پر نوڪري ناهي،“ هن پنهنجي پريشانيءَ بابت ٻڌايو، ”نيٽ (ڪمپيوٽر) تي Search ڪرڻ بعد هن جو ملائيشيا جي هڪ ڪمپنيءَ سان رابطو ٿيو آهي جنهن هن کي ٻڌايو ته هنن جي ڪمپنيءَ ۾ انجنيئرن جي وڏي کوٽ آهي. Online (ڪمپيوٽر) ذريعي هنن اسان جي نينگر کان فارم ڀرايو آهي ۽ ڪالهه ڪئالالمپور (ملائيشيا جي گاديءَ واري شهر) کان ان ڪمپنيءَ جي باس جو فون آيو آهي ته نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ وارن کي 600 آمريڪن ڊالر رجسٽريشن في موڪلڻي پوندي جيئن هو انهن کي نوڪري لاءِ رجسٽرڊ ڪري سگهن ۽ پوءِ کين ويزائون موڪلين.

    مون هن کان فون نمبر پڇيو جيڪو ڪوالالمپور شهر جي لئنڊلائين جو نه هو ڇو جو ملائيشيا جي ڪوڊ 60 بعد 3 نه هو جيئن ڪراچيءَ جو ڪوڊ نمبر پاڪستان جي نمبر 92 بعد 21 آهي. پر هي سنئون سڌو موبائيل (Cell) فون نمبر هو. مون هن کي چيو ته مونکي دراصل خوشي ٿيندي ته ڪنهن به هم وطنيءَ کي ملائيشيا يا ٻاهر جي ملڪ ۾ سٺي نوڪري ملي وڃي پر هي ڪم مونکي فراڊ وارو ٿو لڳي ۽ توهان جا پئسا ضايع ٿي ويندا. مون ان ئي وقت ان نمبر تي فون ڪيو. ڪو چيني همراهه هو مون هن کان سندس ڪمپنيءَ جو لئنڊ لائين نمبر گهريو ته هو آئين بائين شائين ڪرڻ لڳو. مون هن کي ملئي زبان ۾ چيو ته اسان ملائيشيا جي سفارتخاني مان توهان جي ڪمپني جي موجودگي جو ڪنفرم ڪرڻ چاهيون ٿا. منهنجي ان چوڻ تي هن يڪدم کڻي فون رکيو۔ ٻئي دفعي وري فون ڪيومانس ته وري ڪٽي ڇڏيائين.

    مون حيدرآباد واري همراهه کي چيو ته هي ڪم ظاهري طرح فراڊي نموني جو لڳي ٿو جو هيڏي وڏي ڪمپني جيڪا انجنيئر پئي رکي ان جي آفيس ئي ڪانهي. ڇو جو موبائيل فون مان توهان کي ڪهڙي خبر ته اهو ماڻهو ڪٿي موجود آهي يا ڪٿي آفيس آهي. توهان جا موڪليل پئسا هن جي اڪائونٽ ۾ Online ته جمع ٿي ويندا جيڪي هو ملائيشيا جي ڪنهن به شهر ۾ يا ڀرواري ملڪ سنگاپور، ٿائلنڊ يا انڊونيشيا ۾ ويهي توهان جا موڪليل پئسا ڪڍي سگهي ٿو ۽ توهان جو ڪير داد فرياد ٻڌندو. هرڪو چوندو ته توهان پئسا موڪليا ڇو؟

    ٻي ڳالهه جيڪا هر پڙهندڙ جي معلومات ۽ ڪامن سينس لاءِ لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته ملائيشيا جهڙو هر امير ملڪ، ڪنهن ڌارئين غريب کي گهرائي ملازمت ڏيڻ جي عيوض پئسا نه گهرندو. ملائيشيا جي حڪومت يا ان ملڪ جو ڪو خانگي ادارو توهان کي جيڪڏهن پاڻ وٽ ملازمت لاءِ چونڊي ٿو ته هو توهانکي نه فقط ويزا ۽ ٽڪيٽ موڪليندو پر ملائيشيا پهچڻ سان توهانکي پگهار جو ڪجهه حصو ائڊوانس ۾ ڏيندو جيئن توهانجو اوستائين گذر ٿي سگهي جيستائين مهنو پورو ٿئي ۽ پگهار ملي.

    هڪ ٻي ڳالهه هن نوڪريءَ ۾ صاف مشڪوڪ لڳي ٿي اها هيءَ ته اها ڪهڙي ڳالهه ٿي جو نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪندڙ هر هڪ 600 ڊالر جمع ڪرائي. کڻي ڪيڏي به وڏي ڪمپني هجي هوءَ لا تعداد انجنيئر ته نه رکي سگهندي. ۽ فرض ڪريو ته مختلف ملڪن مان 50 ڄڻا اپلاءِ ٿا ڪن ته معنيٰ پنجاهه ڄڻن جا پئسا هضم ٿي ويا. سچ هي آهي ته ڪيترا ويچارا ههڙن ٺڳن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاسيو وڃن.

    ان قسم جا ڪيترائي ٺڳيءَ جا اشتهسار ڪمپيوٽر (Net) تي يا ملڪ جي اخبار ۾ ايندا رهن ٿا. اهڙن اشتهارن مان هڪ ڪروزر جهاز (وڏي پئسينجر جهاز) ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ ”بُئائز“ جي ضرورت جو هوندو آهي. اهو اشتهار هر پنجين ڇهين مهيني انگريزي اخبار ۾ نمايان ٿيندو آهي ته آمريڪا کان انگلنڊ هلندڙ Luxurious (خوبصورت) پئسينجر جهاز تي مسافرن جي خدمت چاڪري لاءِ نوجوان ڇوڪرن جي ضرورت آهي (جيئن مسافر کڻندڙ هوائي جهازن تي ايئر هوسٽس ۽ اسٽيورڊس جي ضرورت پوندي آهي) هن نوڪري لاءِ فقط مئٽرڪ تائين تعليم ڪافي ٻڌائي وئي ......“

    هاڻ سائين اسان جهڙو ملڪ جنهن ۾ انجنيئر ۽ ڊاڪٽر به بيروزگار ويٺا آهن، جتي ڪيترا غريب پئسي نه هجڻ ڪري وڌيڪ پڙهيو نٿا سگهن، اتي توهان سمجي سگهو ٿا ته ڪيترا ماڻهو apply ڪندا هوندا. هڪ اهڙي نوڪري جنهن ۾ وڏو پگهار هجي، گهمڻ ڦرڻ هجي، رهائش ۽ ماني ٽڪي مفت هجي.......... وغيره.

    ”هن نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ طريقو هن ريت ڏنل هو:پهرين 12 ڊالرن جي ڊرافٽ سان گڏ درخواست موڪليو.“ ان بعد فارم پهچي ٿو. ”جيڪو ڀري موڪلڻ وقت 300 ڊالرن جو ڊرافٽ موڪليو جيئن توهان کي ٽڪيٽ موڪلي نوڪري لاءِ لنڊن يا نيويارڪ گهرايو وڃي ته اچي جهاز Join ڪريو.“

    سڀ ڪجهه موڪلڻ بعد......... هڪ مهنو، ٻه مهينا، ٽي مهينا گذري وڃن ٿا پر ڪو اتو پتو نه.......... هر ڪو پنهنجو منهن مٿو پٽي چپ ٿيو وڃي.......... ڪيڏي ظالم مذاخ آهي.... غريب ۽ مجبور ماڻهن سان! ......... اشتهار ڏيڻ واري جي ڳولا ڪر ته اهو نه ملي. جهازا ران ڪمپني جو اتو پتو معلوم ڪر ته اهو نه ملي. سوين هزارين ماڻهو ٺڳبا رهن ٿا. فقط چند ماڻهو جيڪي پئسو موڪلڻ کان اڳ چڱي طرح پڇا ڳاڇا ڪن ٿا اهي بچيو وڃن. مون کان به ڪيترائي ماڻهو پڇندا رهن ٿا. ان بابت هڪ اڙدو اخبار ۾ به ٻه چار مضمون به لکي چڪو آهيان ۽ تمام گهڻو پڙهي ويندڙ هن اخبار ڪاوش ذريعي به پڙهندڙ کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته هڪ پئسينجر جهاز ته وڏي ڳالهه آهي جو اُن ۾ ڪيترن ئي انسانن جي زندگي Involve آهي، هڪ عام ننڍي مال برادر جهاز تي به ڪو ائين اڻ پڙهيل ۽ اڻ تجربيڪار ماڻهوءَ کي نوڪري نٿو ڏئي سگهي، چاهي کڻي هو جهاز جو مالڪ هجي.

    گذريل ٽيهارو کن سالن کان بين الاقوامي سامونڊي قانون مطابق جهاز تي نوڪري ڪرڻ واري کي چاهي اهو ڪئپٽن هجي، رسا ڇڪڻ وارو خلاصي، سئلون (ميس) ۾ ڪم ڪندڙ بئاءِ يا بورچي يا کڻي ڀنگي (ٽوپس) هجي، هن کي ڪجهه ”ضروري Mandatory ڪورس“ ڪري امتحان پاس ڪرڻا آهن. سو ڪيئن اسان جي بدين، گمبٽ، ملتان، خضدار، جو مئٽرڪ پاس بييروزگار يڪدم جهاز تي نوڪري ۾ لڳي سگهي ٿو! ٻي ڳالهه ته هڪ مال برادر جهاز تي ته ميس ۾ ماني ٽڪي کارائڻ يا ڪمرا صحيح رکڻ لاءِ ٽي چار بئاء به ڪافي آهن. پئسينجر جهاز تي کڻي ڏهن ڄڻن يا هل کڻي ويهه ڄڻن جي ضرورت هجي ۽ هتي اسان جا سوين نوجوان پئسا موڪلڻ بعد ائين پيا خوش ٿين ڄڻ نوڪري ملي وئي هجين. ڇا ڪجي اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو جيڪي پنهنجي چوڌاري رڳو رشوت جو راڄ ڏسن ٿا، جتي سرڪاري نوڪريون به وڪاميون وڃڻ ٿيون، اتي هو اهوئي سمجھن ٿا ته هر ملڪ ۾ نوڪري پئسن تي ٿي ملي. جيتوڻيڪ ڌارين ملڪن ۾ نوڪري ڏيڻ وارو پنهنجي ڪاروبار لاءِ گهرايل ملازم کي پاڻ پئسو ڏئي ٿو. سو اسانجي ماڻهوءَ کي سمجھي وڃڻ کپي ته جتي پئسي جي گهُر آهي اُتي فراڊ آهي.

    هڪ ٻي ڳالهه جيڪا هنن پئسينجر جهازن بابت پنهنجي پڙهندڙن کي ٻُڌائي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته هنن Luxurious جهازن جو ٽڪيٽون تمام ڳريون ٿين ٿيون. مثال طور لنڊن کان نيويارڪ جي هوائي سفر جي ٽڪيٽ هڪ لک رپيا آهي ته پاڻي واري جهاز جي ڏهه لک آهي جو انهن جهازن جا ڪمرا، کاڌو پيتو ۽ رهائش وغيرهه سيون اسٽار هوٽلن جيان ٿئي ٿي جن ۾ اوٽ موٽ جي ڏهاڪو کن ڏينهن جي سفر ۾ مسافر لاءِ اوچي کان اوچا کاڌا، شراب، ناچ گانن ۽ جوا جا بندوبست رکيا وڃن ٿا ۽ ههڙن جهازن تي سفر ڪرڻ وارا دنيا جا امير ترين ماڻهو ٿين ٿا ۽ مسافرن جي خدمت لاءِ ٺلهه، ٽنڊو قيصر ۽ مٽيارين جا مئٽرڪ فيل نر نه رکيا وڃن ٿا پر سهڻي کان سهڻيون، ٻه يا ٽي زبانون ڳالهائڻ واريون ڇوڪريون رکيون وڃن ٿيون....۽ پوءِ به سفر مڪمل ڪرڻ بعد مسافر ”شڪايت جي رجسٽر“ ۾ لکي ويندا آهن ته اهڙيون سهڻيون نه هيون، ايڏيون سمارٽ نه هيون وغيره وغيره. ظآهر آهي اسان جهڙي مولوي ملڪ جا مون جهڙا پوڙها ڏاڙهي وارا به PIA تي ڇوهه پيا ڇنڍيندا آهن ته ڪهڙيون ته پوڙهيون پڪيون ايئر هوسٽس آهن. انهن کان ته کدڙا ڀلا.......... وغيرهه، سو اهڙي تناظر ۾ ڇا ڪروزر (مسافر جهاز) جي مئنيجمينٽ ڳوٺ چوهڙ جمالي، ڳوٺ غيبي ديري ۽ ٽنڊومستي جي مئٽرڪ پاس ڇوڪرن کي رکندي ته اچي هسپانوي، فرينچ ۽ نارويجن ڳالهائڻ وارن مسافرن کي منهن ڏين، جن کي انگريزي ئي ڳالهائڻ نٿي اچي! بهرحال قدرت انهن ظالمن کي غرق ڪري جيڪي اسانجي غريب ۽ مجبور ماڻهن سان هن قسم جون ٺڳيون ٿا ڪن.

    مون جهڙي هڪ اديب جو ڪم آهي ته معاشري ۾ ٿيندڙ ههـڙن فراڊن کان عوام کي آگاهه ڪريون. ڪيتري عرصي کان هڪ ٻيو فراڊ پڻ نظر اچي رهيو آهي. پنهنجي ئي ملڪ ۾، پنهنجا ئي ٺڳ ماڻهو مجبور ۽ بيروزگار ماڻهن کي نوڪري ڏيارڻ جو وعدو ڪن ٿا. هنن کان ٻه ٻه لک رپيا کن وٺي هنن کي اهو چون ٿا ته هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ ويزا به هو وٺي ڏيندا ۽ ڪئالالمپور هوائي اڏي تي لهڻ سان هنن جو ايجنٽ کين فئڪٽري ۾ وٺي هلندو جتي هنن لاءِ رهائش ۽ جاب جو بندوبست رکيو ويو آهي. پوءِ کين گهر ويٺي ٽڪيٽ به ملي ٿي، پاسپورٽ تي مهيني کن جي ويزا به لڳي ملي ٿي، هر شيءِ اصلي آهي. ڪئالالمپور هوائي اڏي تي هو پهچي ٻاهر نڪرن ٿا ته پاڪستاني ايجنٽ جو ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ساٿي، هنن سان اچي ملي ٿو ۽ هنن کي ٻڌائي ٿو ته هنن جي رهائش ۽ نوڪري جو بندوبست سندن فئڪٽري ۾ آهي. هو کانئن پاسپورٽ وٺي ٻڌائين ٿو ته انهن تي هو visit ويزا بدران ورڪ ويزا لڳرائيندو. فئڪٽري ڏي موڪلڻ لاءِ هو ٻه ٽئڪسيون گهرائي ٿو، جن ۾ کين وهاري ٽئڪسي وارن کي ملئي زبان ۾ سمجھائي ٿو ۽ پاڻ پٺيان پٺيان پنهنجي ڪار ۾ اچي ٿو. ڪنهن هنڌ ٽرئفڪ جئم ۾ هن ايجنٽ جي گاڏي غائب ٿي وڃي ٿي. ٽئڪسي ڊرائيور کين ڪئالالمپور جي سينٽرل مارڪيٽ ۾ اچي لاهين ٿا ۽ کانئن ڀاڙو گهرن ٿا.

    ”ڀاڙو؟ ڇاجو ڀاڙو؟“ هو وائڙن وانگر پڇن ٿا، ”ڪٿي آهي فئڪٽري؟“

    ”ڪهڙي فئڪٽري؟ توهان جي دوست ته اسان کي چيو ته هنن مسافرن کي مارڪيٽ لاهي، ڀاڙو وٺجو.“

    هاڻ نه پاسپورٽ، نه نوڪري، نه رٽرن ٽڪيٽ! پرديس ۾ غريب ڪيڏانهن وڃن. سندن فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي. نه مڪاني ماڻهو نه ملڪ جو سفارتخانو...... ڇو جو روزانو ان قسم جا واقعا ٿيندا رهن ٿا. هو غير قانوني ڇو ٿا اچن......... پنهنجو پاسپورٽ سوگھو ڇو نٿا رکن، ڪوڙن ايجنٽن جي چوڻ تي ڇوٿا ڌارئين ملڪ ۾ اچي مسئلا پيدا ڪن....... بهرحال چوڌاري غريبن تي موچڙو پوي ٿو جن کي ايئرپورٽ تي يا جيل ۾ وهاريو وڃي ٿو، جيسين سندن مائٽ رٽرن ٽڪيٽ لاءِ پئسو موڪلين.

    سو منهنجا پڙهندڙو ولايت وڃڻ جو شوق اسان سڀني کي آهي پر توهان جيڪو به قدم کڻو سوچي سمجھي کڻو. لوڀ ۽ لالچ ۾ اچي ظالم ايجنٽن ۽ ٺڳ ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي پاڻ کي تڪليف ۾ ۽ پنهنجن پيارن کي پريشانين ۾ مبتلا نه ڪيو.

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 مئي 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,564
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين معلومات ادا.. ڪجهه عرصو پهريان منهنجي پاڙي ۾ ڪنهن ڇوڪري سان اهڙو واقعو ٿيو هو.. 5 لک ڏئي اي ايس آئي جي سيٽ ورتائين ڪجهه ڏينهن ڀڃ ڍوڙ ڪيائين ۽ اصل خوشي ۾ نه پيو ماپي.. جڏهن ته پوليس واري وردي به ڪوڙي مليس. جڏهن نوڪري تي وڃي پهتو ته دردناڪ خبر مليس ته تنهنجي نوڪري هتي ناهي تون ڪير آهي ڪنهن گهرايو اٿئي؟؟؟ خبر مليس ته نوڪري جالي آهي ويچارو اصل ٽُٽي پيو.. گهر جا سڀ زيور وڪڻي ڇڏيائين مال زيپر وڪڻي 5 لک ٿيس ته.. هڪ دم سڄا پئسا ٻڏي ويس گهڻو ڊوڙيو پر جنهن کي 5 لک ڏنئين سو الائي ڪيڏهن ڀڃي ويو هٿ به نه آيو ڪيس اڃان جاري آهي..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,240
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    5 لک ۾ ڪوئي ڌندڌو ڪري ها ته بهتر هجي ها. ايندڙ نسلن کي به فائدو ٿئي ها.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,564
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ادا بس قسمت ۾ هيس سو ٿي ويس هاڻي هٿ صاف ڪري وتندو گهٽين ۾ هلي.. 12 پڙهيل ماڻهو ڪهڙو ايس آئي ٿيندو. وٺي سڀ ڪجهه کپائي ڇڏيئين.. هاڻي ته غربت کي منهن ڏيڻو ٿو پوين.. خدا جي قدرت جو 2 ، 3 مهينا اڳ انهن جيڪا ٻيا زيور ٺهرايا ته اهي به چوري ٿي وين.. الله ان جي گهر تي رحمت وسائي ڪا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,240
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    الله رحيم آهي. انشاء الله ڏکيا ڏينهن گذري ويندن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,824
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    پاڻ وٽ اها هاڻي عام ڳالهه ٿي پئي آهي ته نؤڪريون ٻه هُج. يا ٻاهر مُلڪ جتي ڪم ڀلي جان هُجي پر گهُمڻ ڦِرڻ ۽ جام پئسو هُجي يا وري پنهنجي مُلڪ ۾ سرڪاري نؤڪري جتي بنا ڪم جي پگهار ملندو رهي ۽ آرام ۾ هُجون. انهي کان علاوه ٽين ڪم لاءِ ڪوئي تيار ناهي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪُت خلق وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟
    نيٺ اهو ئي سڀ ٿئي ٿو جيڪو سائين مٿي لکيو آهي ۽ مثال ڏِنا آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو