ڪارونجهر جو البيلو عاشق فقير مقيم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,239
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    عباس کوسو
    مولا علي عليه السلام جو قول آهي ته ”جيڪڏهن توهان جي مرضي موجب ڪم نه ٿئي ته پوءِ جنهن به حالت ۾ هجو تنهن ۾ رڌل (سرها، خوش، مست) رهو.“ اڄ جڏهن آئون پڊن جي عاشق فقير مقيم ڪنڀر جي ٻيءَ ورسيءَ تي لکان ٿو، تڏهن مونکي الله ڄاڻي ڇو علي سائينءَ جو مٿيون قول ياد ٿو اچي. ٿر ۾ جڏهن ڏڪارن جا لامارا انساني ۽ حيواني جيوت کي ڳڙڪائڻ ٿي لڳا، ان وقت ٿر تي راڄڌاني جي هام هڻندڙ ڌريون پنهنجي پنهنجي حصي پتي تي ليکا چوڪا ڪنديون هيون، تڏهن ٿر ۾ ڪجھ ڪردار پنهنجي سڃاڻپ ۽ سونهن سان سامهون اچي ماڻهن جي زبان ٿيندا هئا.

    جيتوڻيڪ انهن جي من مطابق ڪم نه به ٿيندا هئا پر هي وڏي بهادريءَ سان جيئڻ جا درس ڏيندي ملندا هئا، چپن تي مرڪ سجيل هوندي هئن. مونکي اڄ به ياد آهي، ممتاز ڀٽو سنڌ جو نگران وڏو وزير هجي، ان وقت ٿر جو ڊي سي مغيري هجي (نالو وسران ٿو) تنهن منهنجي وڏي ڀاءُ رئيس غلام مصطفيٰ خان کي گرفتار ڪرايو هو، جنهن جو اطلاع مونکي صادق فقير ڏنو. تڏهوڪي سرڪار جو وزير رئيس نبي بخش خان ڀرڳڙي بدين آيل هجي، وڏي ڀاءُ جي حڪم تي آئون اتي پهتس، ڏسان ته فقير مقيم اتي اسانجي اوسيئڙي ۾ بيٺل هجي، چيائين اوهان جو انتظار هو. اسان کي ٿانيڪو ڪري پاڻ ڪجھ دير لائي اتان هليو ويو. اسان ويٺا سوچون الله ڄاڻي ته ڇا ٿيندو. ٿوري دير ۾ اچي چيائين ته ڀرڳڙي صاحب پاڻ سان ملي ٿو، اڄ هڪ هڪاڻي ڪبي يا اهو ڊي سي رهندو يا مقيم.

    ڪجھ دير ۾ نبي بخش خان مليو، مون مقيم جا تيور ڏٺا. ان ڏينهن مونکي مقيم جي گهمناڻي کوسن سان عشق جي خبر پئي. ان ۾ وري اسانجي گهراڻي سان ته هن جي انتها جي هجت هئي. ڀاءُ جي گرفتاري کي هو نهايت برو سمجھي رهيو هو، اسانجي گهراڻي جي ٻن فردن سان ته هن جو جنون جو عشق هو، هڪ مرحوم دلبر حسين کوسو، جنهن پنهنجي چيئرمني واري دور ۾ ننگرپارڪر مان پهريون ڀيرو سرڪاري ونگار، بيگار ڪلچر جو خاتمو ڪيو، ان کان پوءِ ڪڏهن به ڪنهن صوبيدار، مختيارڪار ۾ همت نه ٿيندي هئي جو ڪنهن غريب کان بيگار وٺي يا ٿاڻي تي گهرائي. مقيم ان دلبر جو مشتاق هوندو هو، ٻيو وري وڏي ڀاءُ غلام مصطفيٰ کوسي جو، جنهن لاءِ مقامي ماڻهو چوندا آهن ته رئيس ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو ٿي نه ڳالهايو. بهرحال ڀرڳڙي کي چيائين ته جنهن ماڻهوءَ کي ڊي سي ذاتي انا خاطر گرفتار ڪرايو آهي ان تي ڪو به ڪيس داخل ٿيل ناهي، اوهان ممتاز صاحب سان ڳالهايو، هي ڊي سي اسان کي نه کپي. جيستائين اهو اتان بدلي نه ٿيندو مقيم واپس مٺي نه ويندو ۽ نه وري ڪڏهن اوهان جي در ڏانهن لڙندو. مقيم مونکي آٿت ڏيندي چيو هل ٻروچ ڪراچي ٿا هلون ممتاز صاحب سان ملي معاملو حل ڪرائي ئي موٽبو.

    اسان موٽي حيدرآباد آياسين، صبح واري پهرين گاڏي سان مقيم مونکي اهو چئي ڪراچي روانو ٿيو ته ٻروچ منهنجي فون جو انتظار ڪجانءِ الله ڀلي ڪندو، سنڌ گدڙن ڪونه کاڌي آهي. خير ڀاءُ ته ٻئي ڏهاڙي آزاد ٿي ويو، فقير سائين کي چپ ڪٿي ٿي اچي ۽ کيس ڪير سمجهائي، اصل چوي جيستائين همراهه نٿو بدلي ٿي، اوستائين سک سان ڪونه ويهبو. ائين ئي ٿيو، فقير مُقيم تڏهن ئي ساهه کنيو جڏهن اُهو ڊي سي بدلي ٿيو.

    پنهنجن واسطن کي هي فقير نڀائڻ ڄاڻي. ڇاڇري جي ابن علي راهمون کان ويندي ننگر جي کاهوڙي ڪردار الله رکيو کوسو تائين، ۽ حيدرآباد جي امين تائين پيو هميشه وارا ڦيرا ڏيندو. حالانڪ سندس اولاد ۾ خليل جيڪو پاڻ سُٺو شاعر آهي، پارڪر جي ماڻهن تي ساهه صدقو ڪندو آهي، خالد جوڳي پڻ سٺو ليکڪ آهي، ڀيڻ پٺاڻي جنهن کي اسان حيدرآبادين سان هميشه اها شڪايت رهندي آهي ته اوهان ٿر کي وساري ويٺا آهيو. ڪڏهن اُهي شڪايت ڪندا هئا ته بابا ٺيڪ نٿو رهي، کيس چئو ته هاڻي گهر ويهي آرام ڪري. آئون جڏهن کيس اولاد جي خدشن کان آگاهه ڪندو هئس ته اکين مان لڙڪ لاڙي چوندو هو، ڳالهه سهي ٿا ڪن پر آئون رهي نٿو سگهان، جيڪڏهن آئون پنهنجي دوستن ڏانهن نه وڃان يا نه ملان ته دل اڦٽ ڦاٽي پوندي. شايد خواجه غلام فريد اهڙن ئي ڪردارن لاءِ چيو آهي،

    عشق لڳا گهر وسريا، زر وسرئي، ور وسريا....

    هڪ ڀيري مون کي خبر پيئي ته فقير سائين کي دل جي تڪليف ٿي پئي آهي، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڏسان همراه ڇاڇري واري لاري ۾ ويٺو آهي سگريٽ جا ڪش پيو هڻي. اڙي واهه فقير واهه، صحت خراب مٿان بس جو سفر ۽ سگريٽ جا ڪش مقيم هي ڇا ٿو ڪرين؟ چيائين دل چيو وڃي يار سان رهاڻ ڪيان، سو وڃان ٿو پنهنجي جگر ابن علي راهمون وٽ. خير بس ۾ ڪچهري هلندي رستي ۾ بس جو ٽائر پنچر ٿي پيو، رات جا 10 ٿي چڪا هئا، اونڌاهه اهڙي جو اک نه ڏسي گوڏي کي، آئون به بس کان هيٺ لٿس فقير سائين چوي ٻروچ ڏاهو ٿي ٻيلي گاڏي ۾ ئي ويهو، هتي نانگ بلائون آهن ڪو نقصان نه ٿي پوي، اوهان الاهي نازن سان پليل آهيو. بهرحال ڪجھ دير لاءِ ته اجازت ڏنائين پر لائٽر ٻاري رکيائين، آئون سمجھي ويس ته منهنجو هيٺ ويهڻ فقير کي سٺو نٿو لڳي، واپس اچي بس ۾ ويٺس. ڪلاڪ جي ڪوشش کان پوءِ بس منزل طرف روان دوان ٿي، خير اچي ڇاڇري ڀيڙا ٿياسين. مقيم ابن جو مهمان- صبح جو ملڻ جو چئي هڪٻئي کان موڪلايوسين. هي پارڪر جو سچو عاشق اڄ به ان ڪري ياد آهي جو هو ٻين تي به ساهه صدقو ڪندو هو، لطيف سائين اهڙن عاشقن لاءِ چوي ٿو ته،

    سوري چڙهڻ، سيڄ پسڻ، اي ڪم عاشقن

    پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهان.

    هي جھر جھنگ جھاڳيندڙ ماڻهو ڪير ٿو چوي اسان کي ٻه سال اڄوڪي ڏينهن تي ڇڏي پرلوڪ پڌاريندو. حسن درس چواڻي

    تون اڀيچند سندا سيٺ ناهن ڏٺا،

    توکي ناهي خبر سونهن ڇاهي مُلان!

    عشق سرمد جي پيرن جي خاڪ آ،

    تون ٺٽي جي گهٽين ۾ گهمي سوچجان!

    فقير مقيم ڪنڀر پنهنجي سموري حياتي ٿر جي خوشحالي جا سپنا ڏٺا، جيڪي هاڻي شايد ساڀيان ٿيندي نظر ته اچن ٿا، پر مقيم جي ديس تي پاپي نظرون به لامارا ڏيڻ لڳيون آهن، ڪٿي ٿر ۾ ٿيندڙ هي ترقي مقامي ماڻهن لاءِ اهنج ته پيدا نه ڪندي!
    عبرت اخبار جي مهربانين سان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فقير مقيم سنڌ جي تاريخ هيو، خاص ڪري ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا هيو. سندس ورسيء تي اڄ کيس ڀيٽا ڪيون ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو