ڪيتلونيا جي آزادي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪيتلونيا
    Catalonia


    [​IMG]

    يورپ جو هڪ اهڙو ملڪ جنهنجي تاريخ سنڌ جيئان تمام پراڻي آهي، جهڙي طرح سنڌ ملڪ مختلف جهڙوڪ، پٿر، هڏن، پتل، لوه، جي دورن مان گذرندو رهيو آهي، ساڳيءَ طرح ڪيتلونيا پڻ ساڳيا مرحلا طع ڪندي رهي آهي ... اڄ فرانس ۽ اسپين جي مضبوط هٿن مان نڪري خودمختياري ۽ آزاديءَ طرف پنهنجا قدم وڌائي رهيو آهي ... جهڙيءَ طرح سنڌ مختلف دورن ۾ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ رهيو آهي ساڳيءَ طرح ڪيتلونين قوم پڻ تاريخ جي دورن ۾ آزاد ۽ خودمختياريءَ جا ڏينهن ڏسي چڪي آهي ... سندن ٻولي به شاندار ۽ تاريخي آهي، کين سٺي معاشيات آهي جنهن ۾ اسپين جي گهڻي تڻي انڊسٽري پڻ ڪيتلونيا ۾ آهي، واپار ۽ زراعت به سندن ڪافي بهتر آهي مطلب ته ڪمائو ۽ محنتي قوم آهي ... ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌي قوم جيئان خوشحال هجڻ سبب پرامن قوم پڻ آهي ...

    شاندار ڌرتي، ثقافتي طور شاهوڪار، تاريخ قديم ۽ پنهنجي مڪمل ٻولي رکڻ واري هيءَ ڪيتلونين قوم تاريخ جي ڪئي دورن ۾ مختلف زورآور قومن جي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيندي رهي آهي ... ۽ ڪيتريون ئي ويڙهاڪ قومون مٿن ظلم ڪنديون رهيون آهن پر تاريخ جي انهيءَ وهڪري ۾ همٿ هارڻ بجاءِ هيءَ قوم پنهنجي شاندار ماضيءَ کي سامهون رکي پاڻکي بچائيندي رهي آهي ... پاڻکي اڳ کان اڳرو ڪندي رهي آهي ... هسپانوي ۽ فرانسيسي قومن جي تسلط جي باوجود پنهنجي سڃائپ قائم رکيون بيٺا آهن ... جهڙيءَ طرح سنڌ پڻ پاڪستان ۽ هندستان جي چڪيءَ جي ٻن پاٽن ۾ پسجندي رهي آهي اهڙي نموني ڪيتلونين قوم پڻ انهن ٻن طاقتور قومن جي وچ ۾ پسجندي رهي آهي ...

    ياد رهي ته جڏهن مسلمانن طارق بن زياد جي سربراهيءَ ۾ اسپين تي حملو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئي انوقت هيءَ قوم پڻ مسلمانن جي ”الاندلس“ جي زيراثر هئي ...

    ڪيتولين قوم ڪيترائي ڀيرا پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪئي آهي ۽ وڃائي آهي، هن قوم کي وڏو ڌڪ ان وقت رسيو جڏهن اسپين جي خانه جنگيءَ (1936 کان 1939 تائين) جي نتيجي ۾ هيءَ قوم، ظالم ۽ ڊڪٽيٽر حڪمران جنرل فرانسسڪو فرانڪو جي هٿ هيٺ اچي وئي، هن دور ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي عملن تي بندش وڌي وئي، ڪيتولين سياستدانن کي جيل اماڻيو ويو ۽ ڪيترا سياستدان ۽ ڏاها ملڪ ڇڏي نڪري ويا ۽ لڳ ڀڳ 4000 سياسي ڏاهن کي ماريو ويو ۽ ڪيتولين ٻوليءَ جي ڳالهائڻ ۽ استعمال تي بندش وڌي وئي ...

    1975 ۾ جنرل فرانسسڪو جي موت ۽ اسپين ۾ جمهوري قوتن جي سگهاري ٿيڻ سان ۽ اسپين جي 1978 جي آئين مطابق ڪيتولين قوم وري پنهنجي ثقافتي خودمختياري ۽ ڪجهه سياسي خود مختياري حاصل ڪري ورتي، هن وقت ڪيتولونيا، اسپين جي سڀ کان امير ۽ ترقي يافته قوم جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي.

    هن وقت ڪيتولين ڏاها، سياستدان، تعليمي ماهر ۽ اديب، مطلب هر مڪتبه فڪر جا پوئلڳ هڪ هنڌ ڪٺي ٿي قوم کي اڳ کان اڳرو ڪري رهيا آهن، تعليمي ميدان هجي يا ثقافتي، صنعتي هجي يا زراعتي، ادبي هجي يا سياحي مطلب ته هر پاسي کان هيءَ قوم ترقي ڪري رهي آهي ۽ تازو سندس پارليامنٽ وڏي اڪثريت سان خودمختياري ۽ آزاديءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنا آهن ۽ ممڪن ڪجهه ٿوري ئي عرصي اندر هيءَ قوم دنيا جي نقشي تي آزاد، خودمختيار ۽ ترقي يافته قومن ۾ شمار ٿيندي ....

    سلام آهي انهن قومن کي جي پنهنجي نسل ۽ پنهنجي فڪر کي بچائي وٺن ٿيون ۽ دنيا ۾ آزاد ۽ خوشحال معاشري جي پئدا ٿيڻ جا مثال قائم ڪن ٿيون ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪيتلونيا جي آزادي

    اچو ته ڪيتلونيا جي آزاديءَ تي وڪالت ڪندڙ ڪجهه وڊيوز ڏسون؛

    دوستو! قومن جي آزادي ۽ انهن جي خودمختياري ئي دنيا ۾ سڪون ۽ خوشحاليءَ جو ڪارڻ هوندو آهي، ڪا به قوم جڏهن ٻي قوم جو استحصال ۽ انهن جا وسائل چورائڻ شروع ڪندي آهي ته بس ابليس پنهنجا پير ڊگهيري ويهندو آهي ۽ اهڙو ته قهر ۽ ظلم برپا ٿيندو آهي جو دنيا کي ڏندي آڱريون اچي وينديون آهن ۔۔۔

    قومن جي آزادي ئي دنيا ۾ امن جي ذمانت آهي ۔۔۔ اچو ته متحد ٿي پنهنجي ۽ دنيا جي ٻين مظلوم قومن جي حمايت ڪري دنيا ۾ آزاديءَ جو نانءُ سرخرو ڪريون ۔۔۔

     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دنيا جون قومون آزادي طرف روان دوان ۔۔۔۔ سنڌي قوم پڻ جدوجهد ڪري رهي آهي پر دنيا جون ٻيون قومون ڏاهيون ۽ فهم واريون آهن ۽ ٻين قومن کي بغير ڪنهن خوني راند جي آزاد ڪن پيون پر پاڪستاني فوج ۽ پنجابي قوم دنيا جي ظالم ترين قوم آهي جيڪا مئي مارائي کان بغير قومن کي آزادي نٿي ڏي ۔۔۔ انڪري سنڌين کي مڪمل گوريلا جنگ وڙهي جان ڇڏائڻي پوندي جيئن بلوچ ڪري رهيا آهن ۔۔۔۔

    ڪيتولينيا پڻ عنقريب اسپين کان آزادي ماڻڻ جا سانباها ڪري چڪي آهي ۔۔۔
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو