• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيو چينل تي بندش

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
توهان سڀني کي مبارڪ هجي..
ڪيبل اپريٽر جيو جي نشريات بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو..
اڌ ڪم ته ٿي ويو، هاڻي 20 تاريخ تي پيمرا جو اجلاس آهي. ان ۾ به انشاالله جيو تي حڪومت پابندي لڳائي ڇڏيندي.

ڇا اسان مذهبي جنون ۾ مبتلا ٿي رهيا آهيون...؟
پهرين اهو معلوم ڪرڻ نهايت ضروري آهي ته اهلِ بيت رسول جي اها توهين ڄاڻي واڻي ڪئي وئي يا غير ارادي طور تي ٿي وئي. ٻي ڳالهه ته ڇا صرف جيو کي بند ڪرڻ سان هي مسئلو حل ٿي ويندو..؟
ڪو به چينل اهو نه چاهيندو آهي ته اهڙا پروگرام نشر ٿين جن سان ماڻهن جي اڪثريت جا جذبات مجروح ٿين.
اهو مارننگ شو جنهن به ترتيب ڏنو هو ان سڄي ٽيم جي جانچ ۽ غلطي ثابت ٿيڻ تي انهن کي اسلامي شريعت موجب سزا ڏيڻ انصاف جي اصل تقاضا هئڻ گهرجي. سڄي جيو نيٽ ورڪ تي بندش جو مطلب ڪيترن ئي بيڏوهي خاندانن کي بيروزگار ڪرڻ آهي. جنهن جي اجازت اسلام به نٿو ڏئي.
اها ڳالهه به ذهن ۾ رهي ته ساڳيو قصيدو شريف اي آر وائي وارن به مختلف پروگرامن ۾ شادي جي موقعن تي نشر ڪيو آهي..ڇا انهن خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي..؟
اسان کي صرف لڪير جو فقير ٿي هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ کان پهرين اصل حقيقتون ڄاڻي درست فيصلو ڪرڻ گهرجي.
 
سائين اي آر وائي وارن جيڪو پروگرام ۾ اهو منظر ڏيکاريو هو اهو ائين نه هوجا بي هودگي هن وڊيو ۾ فلمائي وئي آهي.
اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي ليڪن ايترو خيال رهي ته هي ادارا انهن تي چيڪ ۽ بيلينس نه هجڻ سبب دنيا جي اندر ملڪ دشمن قوتن جو آلهءِ ڪار بڻجي هڪڙي مائينڊ سيٽ کي آڻي رهيا آهن.
باقي اهلبيت عليه السلام جي توهين اڄ ناهي ٿي جو ان تي واويلا ٿي رهي آهي انهن هستين جي توهين مسلمان 1400 سالن کان ڪندا پيا اچن اهو اسان به سمجهون پيا ته هر ڪو پنهنجي دشمني نڀائي رهيو آهي.
ڇا تاريخ گواه ناهي ته هر دور ۾ انهن هستين جي توهين ناهي ڪئي وئي حضرت علي عليه اسلام جي ذات جي توهين مسجدن جي ممبرن کان ٿيندي رهي ۽ ڪيترو عرصو ٿيندي رهي ان کان اوهان اسان کان وڌيڪ باخر آهيو. امام حسن عليه السلام جي جنازي تي تير وسايا ويا ڇا اها عزت هئي، امام حسين عليه السلام جي ڪربلا واري واقعي کان ويندي بنو اميه و بنو عباس جي دور تائين جيڪو ڪجھ ٿيندو رهيو آهي مسلمانن انهن جو احتساب ڪيو آهي جو اڄ جيو وارن جو احتساب ڪندا اها ڳالھ اسن به سمجهون ٿا ته هي حُبِ علي ناهي بلڪه بغضِ معاويه آهي پنهنجون پنهنجون دشمنيون ميڊيا وارا پالي رهيا آهن.
جاڏي پير تاڏي خير.
 
ادا نادم مسلم...ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو...!!؟؟
اي آر وائي جو پروگرام گوگل تان سرچ ڪري ڏسو...جيو جي ان مارننگ شو کان پهرين ئي انهن ساڳي نموني جي توهين اهلِ بيت رسول ڪئي هئي. جيو وارن سان گڏ اهي به ساڳي سزا جا حقدار آهن. باقي هي گوڙ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو صرف جيو سان ذاتي دشمني جي بنياد تي ٿي رهيو آهي.
ميڊيا وارا اڄڪلهه پاڻ ۾ ئي ڪو نه ٿا ٺهن، کلي عام مخالف چينل جو نالو وٺي هڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪري رهيا آهن... ۽ اسان جو معصوم عوام انهن جي اشارن تي نچي رهيو آهي.
مان وري به اهو ئي چوندس ته هي غلطي ناقابلِ معافي آهي پر ان جي سزا صرف اصل گنهگارن کي ئي ملڻ گهرجي ، باقي جيو نيٽ ورڪ تي ڪم ڪندڙ هزارين غريب محنتي ڪارڪنن کي هن ناڪردهه گناهه جي سزا ڇو ملي...؟
توهان جون ٻيون ڳالهيون هڪ مخصوص فرقي جي عقيدن سان تعلق رکن ٿيون ۽ تاريخ جي جن واقعن ڏانهن توهان اشارو ڪري رهيا آهيو انهن تي پهرين به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان بحث ٿي چڪو آهي ۽ هر ڪنهن جو انهن واقعن بابت پنهنجو نظريو آهي. انڪري انهن سڀني کي هن موضوع ۾ ڇيڙڻ مناسب ڳالهه نه ٿيندي. بهتر ٿيندو ته ڪمڻٽ لکندي سڀني دوستن جي مذهبي عقيدن جو به احترام ڪندا.
آخر ۾ صرف ايترو چوندس ته ڪو به صحيح العقيده مسلمان اهل بيت سان دشمني جو سوچي به نٿو سگهي. سڀ فرقا اهل بيت رسول سان محبت جو درس ڏين ٿا ۽ اهو ئي اسان جي ايمان جو حصو به آهي.
 
حضرت اسان به اوهان سان ملندڙ جلندڙ راءِ ڏني هئي باقي اسان به ٻنهي پروگرامن جي فلمائيزيشن ڏٺي آهي اوهان وري به ٿورو ان ٻنهي فلمائيزيشن تي غور ڪريو اهو قابل مذمت هو آهي اسان مٿان به لکي چُڪا آهيون ته هي ميڊيا جي پنهنجي ويڙھ آهي. ها باقي پنهنجي سُپيميسي جي بنياد تي جيو جون ٻيون به ڪيتريون کئي اڳرايون آهن پر هتي ظلم اهو اهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو. هتي قانون ان لاءِ هوندو اهي جيڪو قانون کي مڃيندو آهي جيڪو قانون کي مڃيندو ناهي ان لاءِ ڪو قانون ناهي هوندو بلڪه قانون ان جو ڀرجهلائو هوندو آهي.
باقي رهي ڳالھ ته منهنجون ڪجھ ڳالهيون ڪنهن فرقي سان تعلق رکن ٿيو انهن کي اسان اوهان لاءِ بطور حُجت پيش ناهن ڪيون. يقينن انهن کي حقيقت طور مڃڻ لاءِ منهنجي مذهب کان آزاد ٿي سوچڻو پوندو.
پر جي اها ڳالھ مسلم امه تسليم به ڪري ته ڪرڻُ ڇا پوندو پنهنجي ذات ۾ تبديلي سو ممڪ ناهي. منهنجو قطعي ان بحث ۾ وڃڻ جو مقصد نه هو جي اوهان جي دل آزاري ٿي آهي ته آءُ معزرت خواه آهيان.
جاڏي پير تاڏي خير.
 
سائين اي آر وائي وارن جيڪو پروگرام ۾ اهو منظر ڏيکاريو هو اهو ائين نه هوجا بي هودگي هن وڊيو ۾ فلمائي وئي آهي.
اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي ليڪن ايترو خيال رهي ته هي ادارا انهن تي چيڪ ۽ بيلينس نه هجڻ سبب دنيا جي اندر ملڪ دشمن قوتن جو آلهءِ ڪار بڻجي هڪڙي مائينڊ سيٽ کي آڻي رهيا آهن.
باقي اهلبيت عليه السلام جي توهين اڄ ناهي ٿي جو ان تي واويلا ٿي رهي آهي انهن هستين جي توهين مسلمان 1400 سالن کان ڪندا پيا اچن اهو اسان به سمجهون پيا ته هر ڪو پنهنجي دشمني نڀائي رهيو آهي.
ڇا تاريخ گواه ناهي ته هر دور ۾ انهن هستين جي توهين ناهي ڪئي وئي حضرت علي عليه اسلام جي ذات جي توهين مسجدن جي ممبرن کان ٿيندي رهي ۽ ڪيترو عرصو ٿيندي رهي ان کان اوهان اسان کان وڌيڪ باخر آهيو. امام حسن عليه السلام جي جنازي تي تير وسايا ويا ڇا اها عزت هئي، امام حسين عليه السلام جي ڪربلا واري واقعي کان ويندي بنو اميه و بنو عباس جي دور تائين جيڪو ڪجھ ٿيندو رهيو آهي مسلمانن انهن جو احتساب ڪيو آهي جو اڄ جيو وارن جو احتساب ڪندا اها ڳالھ اسن به سمجهون ٿا ته هي حُبِ علي ناهي بلڪه بغضِ معاويه آهي پنهنجون پنهنجون دشمنيون ميڊيا وارا پالي رهيا آهن.
جاڏي پير تاڏي خير.
نماز جمع جو خطبو خلفاءِ راشدين تائين نماز کانپوءِ ڏنو ويندو هو، صرف اهلبيت رسول جي مٿان شب و ستم جي ڪري نماز جمع جو خطبو نماز کان پهريائين پڙهڻ شروع ڪيو ويو هو ، تاڪ منبر رسول تي وقت جي حاڪم جا قصيدا ۽ اهل بيت جي توهين ڪئي وڃي. هرهڪ لازمي ٻُڌي به.
جاڏي پير تاڏي خير، علي نبي نگهبان، بادشاهي برقرار.
 
[جاڏي پير تاڏي خير.[/quote]
ميان نادم مسلم صاحب!!!! خبر ناهي ته مسلمان ۽ نادم ؟؟؟؟ آهن ته متضاد ،
جاڏي پير تاڏي خير، علي نبي نگهبان، بادشاهي برقرار.
 
نماز جمع جو خطبو خلفاءِ راشدين تائين نماز کانپوءِ ڏنو ويندو هو، صرف اهلبيت رسول جي مٿان شب و ستم جي ڪري نماز جمع جو خطبو نماز کان پهريائين پڙهڻ شروع ڪيو ويو هو ، تاڪ منبر رسول تي وقت جي حاڪم جا قصيدا ۽ اهل بيت جي توهين ڪئي وڃي. هرهڪ لازمي ٻُڌي به.
جاڏي پير تاڏي خير، علي نبي نگهبان، بادشاهي برقرار.

ادا مهرباني ڪري هتي وري ڪو اهڙو بحث نه ڇيڙيو جنهن سان مذهبي منافرت ڦهلجي
وسلام
 
ڇا جيو سنڌ دشمني نه ڪئي آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

سائين معاف ڪجو .... ڇا سنڌ دشمني صرف جيو ٿي ڪري؟

ٻيا چينل کير مان ڌوتل ۽ پاڪ پوتر آاهن ..... مان سمجهان ٿو اسان کي سڀني کي هڪ نظر سان ڏسڻ گهرجي.
 
ادا ، اصل ڳالهه اها آهي ته اهي قصيدا شاديءَ جي پروگرامن ۾ پڙهڻ تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي، (اي آر وائي وارن جو زور ان ڳالهه تي هو) پر اصل اعتراض جي بنياد اها آهي ته قصيدو پڙهڻ دوران هٿن ۾ بوٽ کڻي اهي هوا ۾ لهرائي رهيا هئا.. ڇا پاڪ اسمن جي ذڪر تي اهو ردِ عمل صحيح هو؟ ان مان ٽي وي چينل انتظاميا يا پروگرام ۾ شريڪ عناصر ڇا پيغام ڏيڻ پيا چاهن؟
 
سائين اسان دوستن کي بار بار اهو عرض ڪري رهيا آهيون ته ٻنهي پروگرامن جي فلمائزيشن کي ڏسو. اسان کي خبر آهي ته اسنا جي راءِ جي ڪا حيثيت ناهي پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ضمير جي عدالت ۾ غلط کي غلط صحيح کي صحيح چئون.
جاڏي پير تاڏي خير.
 
سائين معاف ڪجو .... ڇا سنڌ دشمني صرف جيو ٿي ڪري؟

ٻيا چينل کير مان ڌوتل ۽ پاڪ پوتر آاهن ..... مان سمجهان ٿو اسان کي سڀني کي هڪ نظر سان ڏسڻ گهرجي.
مان ڪڏهن چيو ته ٻين ٽي وي چئنل سنڌ سان دوستي وارو رويو رکيو آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ منهنجي لکڻي مان اهو اندازو اوهان ڪيئن لڳايو ته مان ٻين چئنلن جي حمايت پيو ڪيان ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
ادا مهرباني ڪري هتي وري ڪو اهڙو بحث نه ڇيڙيو جنهن سان مذهبي منافرت ڦهلجي
وسلام
سائين قبلا !!!!!!!!! اوهانجي جذبات جو احترام ، پر دل تي هٿ رکي ڪري انصاف سان ڳالهه ڪريو اهو بحث توهان ڇيڙيو يا مان ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ جي مان ڇيڙيو ته مان سزا جي لائق آهيان ، پر جي اوهان شروعات ڪئي ته پنهنجي لاءِ پاڻ سزا تجويز ڪيو.
سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچڻ جو اهو مطلب نه هئڻ گهرجي جيڪي اوهان ڪيو سو ٺيڪ ، پر جي ٻيو ڪو ان جو جواب ڏي ته يڪدم ٿا چئو ته اهڙو بحث نه ڇيڙيو. جي اوهان ۾ دم نه آهي ته پوءِ اهڙيون ڳالهيون ڪري شروعات نه ڪيو.
جاڏي پير تاڏي خير، علي نبي نگهبان بادشاهي برقرار.
 
ادا ، اصل ڳالهه اها آهي ته اهي قصيدا شاديءَ جي پروگرامن ۾ پڙهڻ تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي، (اي آر وائي وارن جو زور ان ڳالهه تي هو) پر اصل اعتراض جي بنياد اها آهي ته قصيدو پڙهڻ دوران هٿن ۾ بوٽ کڻي اهي هوا ۾ لهرائي رهيا هئا.. ڇا پاڪ اسمن جي ذڪر تي اهو ردِ عمل صحيح هو؟ ان مان ٽي وي چينل انتظاميا يا پروگرام ۾ شريڪ عناصر ڇا پيغام ڏيڻ پيا چاهن؟
ان قصيده کي جڏهن فلمايو ويو آهي ان وقت جڏهن اميرالمومنين ، امام المتقين ، قاتل مشرڪين، وصي رسول، خليفه بلافصل جو نالو پئي کنيو ويو ته ان وقت (گهوٽ) جي شڪل پئي ڏيکاري وئي. ايئن ئي جنهن جي شان ۾ آيت تطهير آئي حسنين جي امڙ، پنهنجي پيءُ جي ماءُ ( ام ابيها) جو نالو مبارڪ ورتو پئي ويو ته جڳ مشهور(ڪنوار) جي بڇڙي شڪل ڏيکاري پئي وئي. جڏهن ڄاڃين جو ذڪر پئي آيو ته ڄاڃي هيا ڪل انبيا ته ان وقت (پروگرام ۾ شريڪ) ڏيکاريا پئي ويا. اهڙي عمل سان هنن ڪهڙو پيغام پئي ڏنو آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
ادا نادم مسلم...ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو...!!؟؟
اي آر وائي جو پروگرام گوگل تان سرچ ڪري ڏسو...جيو جي ان مارننگ شو کان پهرين ئي انهن ساڳي نموني جي توهين اهلِ بيت رسول ڪئي هئي. جيو وارن سان گڏ اهي به ساڳي سزا جا حقدار آهن. باقي هي گوڙ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو صرف جيو سان ذاتي دشمني جي بنياد تي ٿي رهيو آهي.
ميڊيا وارا اڄڪلهه پاڻ ۾ ئي ڪو نه ٿا ٺهن، کلي عام مخالف چينل جو نالو وٺي هڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪري رهيا آهن... ۽ اسان جو معصوم عوام انهن جي اشارن تي نچي رهيو آهي.
مان وري به اهو ئي چوندس ته هي غلطي ناقابلِ معافي آهي پر ان جي سزا صرف اصل گنهگارن کي ئي ملڻ گهرجي ، باقي جيو نيٽ ورڪ تي ڪم ڪندڙ هزارين غريب محنتي ڪارڪنن کي هن ناڪردهه گناهه جي سزا ڇو ملي...؟
توهان جون ٻيون ڳالهيون هڪ مخصوص فرقي جي عقيدن سان تعلق رکن ٿيون ۽ تاريخ جي جن واقعن ڏانهن توهان اشارو ڪري رهيا آهيو انهن تي پهرين به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان بحث ٿي چڪو آهي ۽ هر ڪنهن جو انهن واقعن بابت پنهنجو نظريو آهي. انڪري انهن سڀني کي هن موضوع ۾ ڇيڙڻ مناسب ڳالهه نه ٿيندي. بهتر ٿيندو ته ڪمڻٽ لکندي سڀني دوستن جي مذهبي عقيدن جو به احترام ڪندا.
آخر ۾ صرف ايترو چوندس ته ڪو به صحيح العقيده مسلمان اهل بيت سان دشمني جو سوچي به نٿو سگهي. سڀ فرقا اهل بيت رسول سان محبت جو درس ڏين ٿا ۽ اهو ئي اسان جي ايمان جو حصو به آهي.
ادا آئون اوهان جي ڳالهه کان متفق آهيان..
 
Back
Top