
ڀارتي 2014ع جي چونڊن ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، نريندر مودي ڀارت جو نئون وزيراعظم ٿيندو، جڏهن ته گذريل 10 سالن کان حڪومت ۾ رهندڙ جماعت ڪانگريس کي بدترين شڪست ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب لوڪ سڀا جي 543 سيٽن مان بي جي پي ۽ ٻين پارٽين تي ٻڌل اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائينس 337 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن، جن ۾ بي جي پي اڪيلي سر 283 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته ڪانگريس کي صرف 43 سيٽون مليون آهن، اهڙي طرح ٻين مختلف جماعتن کي 144 سيٽون حاصل ٿيون آهن، عام آدمي پارٽي صرف 4 سيٽون حاصل ڪري سگهي آهي، حڪومت ٺاهڻ لاءِ 272 سيٽن جي ضرورت آهي، جڏهن ته هن وقت بي جي پي ۽ سندس اتحادين کي وڏي اڪثريت حاصل آهي، بي جي پي سان اتحاد ۾ گڏ 28 جماعتون آهن، چيو وڃي ٿو ته بي جي پي ۽ سندس اتحادين کي 350 کان وڌيڪ سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.