هڪ شخص مون وٽ آيو..۽ چيائين دعا ڪريو ته ڪم ملي پوي... کائنس پڇيم ته تون يقين سان ٿو چوين ته توکي ڪم جي ڳولا آهي...؟ وراڻئين... ”حد ٿو ڪرين.. گذريل ٻن سالن کان بيڪار آهيان.. جيڪڏهن مون کي ڪم جي ڳولا نه هوندي ته ڪنهن کي هوندي...“ وري پڇيم.. ”جيڪڏهن توکي ڪم ملي وڃي پر معاوضو نه ملي ته...؟“ حيرانيءَ سان مون ڏانهن ڏٺائين... ته مون کائنس وري پڇيو.. ”جيڪڏهن توکي ڪم ملي وڃي ۽ پگهار نه ملي ته ...؟“ گهٻرائيندي وراڻو ڏنائين ته .. ”مون کي اهڙو ڪم نه کپي جهڙو تون ٿو چوين... مون کي ته نوڪري وارو ڪم کپي جنهن جي پگهار ملي...“ پڇيم... ”جيڪڏهن توکي پگهار ملي پر ڪرڻو ڪجهه نه پوي ته...؟“ چيائين... ”سبحان الله ائين ٿي وڃي ته باقي ڇا کپي...، تڏهن مون چيو.. ”پوءِ توکي ڪم جي نه پر پگهار ۽ پئسن جي ڳولا آ...“ ساڳي طرح اسان خدا سان به پيا ڪريو.... بظاهر عبادت ... پر .... اندر ڪنهن ٻي شيءَ جو طالب آ...!!! (اشفاق احمد)