• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪم جي ڳولا

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
10308759_763755656979602_3238493659374357376_n.jpg

هڪ شخص مون وٽ آيو..۽ چيائين دعا ڪريو ته ڪم ملي پوي... کائنس پڇيم ته تون يقين سان ٿو چوين ته توکي ڪم جي ڳولا آهي...؟
وراڻئين... ”حد ٿو ڪرين.. گذريل ٻن سالن کان بيڪار آهيان.. جيڪڏهن مون کي ڪم جي ڳولا نه هوندي ته ڪنهن کي هوندي...“
وري پڇيم.. ”جيڪڏهن توکي ڪم ملي وڃي پر معاوضو نه ملي ته...؟“
حيرانيءَ سان مون ڏانهن ڏٺائين... ته مون کائنس وري پڇيو.. ”جيڪڏهن توکي ڪم ملي وڃي ۽ پگهار نه ملي ته ...؟“
گهٻرائيندي وراڻو ڏنائين ته .. ”مون کي اهڙو ڪم نه کپي جهڙو تون ٿو چوين... مون کي ته نوڪري وارو ڪم کپي جنهن جي پگهار ملي...“
پڇيم... ”جيڪڏهن توکي پگهار ملي پر ڪرڻو ڪجهه نه پوي ته...؟“
چيائين... ”سبحان الله ائين ٿي وڃي ته باقي ڇا کپي...،
تڏهن مون چيو.. ”پوءِ توکي ڪم جي نه پر پگهار ۽ پئسن جي ڳولا آ...“
ساڳي طرح اسان خدا سان به پيا ڪريو.... بظاهر عبادت ... پر .... اندر ڪنهن ٻي شيءَ جو طالب آ...!!!


(اشفاق احمد)
 
Back
Top