شبير هاليپوٽو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مجاهد حسين سولنگي

    پڇيو ٿي رات چنڊ کان اهو ته ڏس !

    ٿئي ٿو آفتاب ڇا؟ شــــــــــــبير ڇا ؟

    [​IMG]
    روهڙي ڪئنال ۽ هالاڻي شهر جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي ۾ 24 فيبروري 1974ع تي جنم وٺندڙ ٻالڪ غلام شبير هاليپوٽو جنهن ننڍي هوندي روايتي انداز سان مال چارڻ ۽ ٻني ٻاري جي ڪم ڪار سان گڏ تعليمي سفر جاري رکي شعور ۽ سجاڳي جون روشن ڏياٽيو کنيون، بهار جي مند ڄاول هن ٻالڪ پرائمري تعليم هالاڻي، مئٽرڪ ووڪيشنل پوليٽيڪنيڪل اسڪول سکر ۽ انٽر سائنس ڪاليج ڪنڊيارو، ايم اي سنڌي فئڪلٽي ٽاپ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪري، اتي ريسرچ اسوسيئٽ طور درس وتدريس شروع ڪيائين، ان بعد هن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي جو ليڪچرار استاد بخاري ڊگري دادو ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.

    شبير هاليپوٽي کي انٽر ڪرڻ کان پوءِ اکين جي بيماري ٿي پئي جنهن سبب هڪ طرف هو اکين جي صلاحيت کان محروم ٿي ويو ته ٻئي طرف سندس ميڊيڪل جي سليڪشن تان به هٿ کڻڻو پئجي ويو پر سندس زنده دلي کي دل جي حضور سان مڃڻو پئجي وڃي ٿو ته هن همت جو دامن نه ڇڏيو ۽ پنهنجي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ شبير خاص ٻارن جي اسڪول مان بريل بڪ جي ذريعي تعليم کي اڳتي وڌايو ۽ ايم اي سنڌي فئڪلٽي ٽاپ سنڌ يونيورسٽي مان ڪري، وري دادو ۾ نوڪري ڪرڻ ڇا ؟ ، زنده دلي جو عالمي رڪارڊ ناهي ته ٻيو ڇاهي، هن ڇا ڇا نه برداشت ڪيو هوندو، ڪو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو نه هر گز نه، سياڻن جوچوڻ آهي ته جيڪو ماڻهو/ قوم هزار زخم کائي به شڪست نه ٿو قبولي اهو ئي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏي وڃي ٿو / ٿي. سو شبير جي سوانح ٻڌڻ يا پڙهڻ سان ماڻهو تعجب جي عميق درياءَ ۾ ٻڏيو وڃي ٿو. شبير هاليپوٽي کي تڪليفن ۽ ڏکيائن ئي شاعر بڻايو هن شاعري جي ذريعي پنهنجي اندر جي باهه کي اظهار کي (شاعري) جي نموني ۾ پئي ڪڍيو. مثال:

    ڪچي مٽي جو ماڻهو ڀُرندو رهيو هميشه،

    ۽ وقت ساهمـــــــيءَ ۾ ترندو رهيو هميشه.

    يا

    جي جسم ۾ هجي ها، ڀرجي وڃي ها آخر،

    هي زخم روح ۾ هو، جهرندو رهيو هميشه

    بهرحال شبير جي زندگي ڏکن، پيڙائن، سورن ۽ سختين واري گذري آهي، پڙهڻ جي دوران هن کي ريڊر ، رايئٽر جي ضرورت پوندي آهي ته گهمڻ ڦرڻ لاءِ ساٿي جي سانگ سٽڻ جي پر شاعراڻا اظهار سفيد پني تي اوتڻ لاءِ هن وٽ ڪير هوندو ؟ ڪير به نه! ڪهڙين ڪيفيتن مان گذرندو هوندو، سٽون ٽيڏيون، نقطن ۽ اڙين جي رهجڻ جو امڪان کيس وڌيڪ تڪيلف پهچائيندو هوندو پر هن نوجوان ان جي باوجود همت ۽ جرئت سان جيئڻ جو ڍنگ سکيو ۽ توهان اسان کي به سيکاريو آهي. هن ڪٺن گهڙين ۾ ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خوب آبياري ڪري اڄ ٽي شاعري جا مجموعا 1. گيت منهنجا ميت 2. هينئڙو هيرڻ پن 3. توبن ڪجهه به نه مان، کان سواءِ وکريل ورقن تي ڪيتري ئي شاعري ڇپجڻ جو انتظار ڪري رهي آهي.

    شبير هاليپوٽي جي شاعري ۾ خوب رواني، خيالن جي گهرائي، شاعراڻا لوازمات، لفظن جي ادائگي جو انداز ۽ فن، تشبيهون، استعارا خوبصورت ۽ نهايت پختا آهن

    منهنجي گهر ۾ تنهنجي پيرن جا نشــان

    مان ٿو سمجهان منهنجا آهن ٻئي جهان

    ـــــــــــــ ــــــــــــــــ

    ٿورڙو به چاهه بخشين ٿي مــــــــٺي

    جڻ مئن کي ساهه بخشين ٿي مٺي.

    ــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــ

    ڦوٽهڙي جي مند ۾ منهنجي

    من جو وڻ ڇو پن ٿو ڇاڻي؟

    ــــــــــــــ ــــــــــــــــــــــــ

    ٿري ٻار ڊوڙيو ڪڪر جي پٺيان

    بکئي پيٽ سان ۽ ٺلهي ٿانو ســان

    شبير هاليپوٽي جي شاعري آس ۽ نراس، پيار محبت ۽ ماروئڙن جي ذڪر ۽ فڪر سان ڀريل آهي، هن محبوب شاعر 9 مئي 2014 جي صبح جو 40 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي بيهڻ سبب هن جهان مان موڪلاڻي ڪئيئ کيس رشتيدارن ۽ دوستن جي آلين اکين جي سوڳواري ماحول ۾ مغرب جي نماز کانپوءِ پير مخدوم قبرستان هالاڻي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو