حيدرآباد سينٽرل جيل

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اعجاز علي خواجا
    [​IMG]
    MRD(83) جي حوالي سان پنهنجي سوچ، سمجهه، ڄاڻ ۽ موجود مواد آهر قيدين، جيلن، اندر جي حالتن، سياسي ماحول منجهه پيدا ٿيندڙ گرمي پد، چاڙهه ۽ لاٿ قيد گهاريندڙ دوستن ۽ اڳواڻن بابت ذاتي، گڏيل ۽ سياسي نوعيت جي اُپٽار ڪندي ڪندي دلچسپي رکندڙ ۽ پڙهندڙ قارئين جي لاءِ چڱو موچارو مواد لکي چڪو آهيان، جنهن تي اڃان به وڌيڪ بحث ۽ تحقيق ٿي سگهي ٿي. MRD اسان جي سياسي زندگيءَ ۾ هڪڙو غير معمولي واقعو هئي. جنهن ان وقت ۽ دور جي بيٺل پاڻيءَ ۾طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو ۽ سياست جي ماٺار ۾ وڏي لهر پيدا ڪري سوچڻ، سمجهڻ ۽ غور ڪرڻ لاءِ واٽون ۽ گس گهيڙ ڏنا. جن مان سنڌ اندر سوچن جا نوان رستا نڪتا، نيون تنظيمون، نوان نظريا ۽ فڪر وجود ۾ آيا. سنڌ جي مسئلن ۽ محرومين تي کليل بحث ٿيڻ لڳا، سنڌ ڏانهن ملڪ ۾ وسندڙ ٻين قومن ۽ تنظيمن جي موٽ روين ۽ بيهڪ تي سنجيدگيءَ سان بحث مباحثا ٿيڻ لڳا. هيڏي ساري تحريڪ ڪيئن هلي، ڪنهن هلرائي، انهن جا مقصد ڪهڙا هئا ۽ ان ۾ هو ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيا، حاصلات ٿي يا ڪو نه ٿي سگهي؟ جن وڏن تحريڪ ۾ سرگرمي جوش ۽ جذبن جو مظاهرو ڪري، تحريڪ کي ڀرپور نموني سان منظم ڪيو. انهن جي منزل ڪهڙي هئي اها کين ملي يا نه؟ آيا ڪي ڳجها ۽ غيبي هٿ به هئا انهي سموري عمل جي پٺيان جن وٽ اصل ڏور هئي يا اهي خدشا بي بنياد آهن؟ جيڪي سنڌ جي وڏن سردارن، ميرن، پيرن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن پاران جيلن ڀرڻ جي ڪري پيدا ٿيا هئا؟ انهن ۽ اهڙن سوالن جا جواب اڃان تائين ڳولهجي ڪو نه سگهيا آهن.. ڪاش اسان جا سڄاڻ ۽ داناءَ دوست MRD جي اهڙن پهلوئن تي پنهنجو قلم کڻي تاريخ جو ابهام ۽ تشنگي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڇاڪاڻ ته ڪيترائي اهڙا ماڻهو جيڪي MRD جو حصو رهيا ۽ MRD جي حقيقت جا شاهد ۽ واقف حال آهن اهي هن دنيا ۾ موجود آهن سندن مٿان اهو به تاريخ ۽ ڌرتيءَ جو قرض آهي. جيڪو لاهي سگهن ته سندس ڪردار جو وڌيڪ حصو ادا ٿي ويندو.!

    آئون جڏهن 1979ع ۾ گرفتار ٿيو هئس تڏهن پهرين حيدرآباد سينٽرل جيل جي پير پاڳارو وارڊ ۽ پوءِ وري محمد خان سومر جي ڪوششن سان اسين سمورا ساٿي B ڪلاس واري وڏي باريڪ ۾ رهياسين، ان جو ذڪر به آئون مختلف قسطن ۾ ڪندو رهيو آهيان. هن دفعي MRD 83 ۾ پهرين ڪاري چڪر جي فئڪٽري ۽ پوءِ اسپتال اتان وري ساڳي B ڪلاس جي وڏي باريڪ ۽ ڪجهه هفتا تي گذارڻ بعد ساڳئي وارڊ ۾ کولي نمبر 5 جنهن ۾ ماتلي ضلعي بدين وارو اڳوڻو MPA حاجي غلام حيدر نظاماڻي مرحوم به گڏ رهندو هو. جڏهن 12 آڪٽوبر 83 تي مون کي B ڪلاس ۾ رهڻ جي اجازت ملي ته اتي جون سڀ کوليون (ڪمرا) ڀريل هئا انهن ۾ نواب يوسف ٽالپر، رئيس عاشق حسين جتوئي، پير آفتاب شاهه جيلاني، سيد اميد علي شاهه رضوي، عبدالستار سريوال، سيد مٺل شاهه، غلام نبي ميمڻ مورائي، نور محمد خان ٿيٻو، رئيس مامون خان ملڪاڻي ۽ بابو غلام حسين ميمڻ رهندا هئا. خالد حسين گهلو، حاجي محمد صديق شورو ۽ رئيس ٻڍو خان عرف منظور علي پتافي، حاجي غلام علي غلام دل به هت رهندا هئا. شفيع محمد ميمڻ وڪيل، رئيس منور خان ٻٽ، مولوي محمد حسن عباسي، مهتاب احمد شيخ ۽ عبدالفتاح ميمڻ به هن وارڊ ۾ قيدي هنڊيوال هئا.

    نواب يوسف ٽالپر، عاشق جتوئي، حاجي صديق شورو، خالد گهلو ۽ ٻڍي خان کي سمري ملٽري ڪورٽ مان سزا ملي، جنهن ڪري سندن B ڪلاس ٽوڙي کيس ڄام ساقي وارڊ ۾ شفٽ ڪيو ويو. انهن جيڪي کوليون خالي ڪيون سي وري اسان باريڪ وارن قيدين کي مليون. مٿي ذڪر ڪيل دوستن ۽ اڳواڻن مان ڪن تي مضمون به لکي چڪو آهيان. هونئن ته سمورا همراهه سُريلا ۽ سهپ وارا ماڻهو هئا. ڪيترا ته وڏي ناليوارا، وڏي پهچ وارا ۽ وڏا جاگيردار به هئا. پر شابس هجين جو پارٽي قيادت جي فيصلي ۽ حڪم تحت جيل ۾ هليا آيا. نواب يوسف سمورن دوستن ۾ سينيئر ترين قيدي هو. هي سندس نائون ڀيرو جيل ياترا هئي. ان کانپوءِ آءُ ۽ بابو غلام حسين پراڻا قيدي هئاسين. باقي سڀ يار هي پهريون ڀيرو جيل ڀيٽڻ آيا هئا. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سڀ خوشيءَ سان ڳائي وڃائي، نعرا هڻندا گلن جا هار ۽ اجرڪ ڳچيءَ ۾ وجهي مارشل لاءِ نه کپي، لاٺي گولي ڪي سرڪار نهين چلي گي، جنرل ضياءُ ٺا، جا اڀ ڏاريندڙ نعرن جي آواز ۾ سوريءَ سزا وار ٿيا هئا. مون کان اڳ حاجي غلام حيدر نظاماڻي ميس جو انچارج هو. ڇاڪاڻ ته جيل انتظاميا ٻاهران ايندڙ مانيءَ تي بندش لڳائي ڇڏي هئي ان ڪري اندر ئي ڪجهه بندوبست ڪرڻو پوندو هو. حاجي صاحب تبليغي جماعت جو ماڻهو هو ان لاءِ ميس هلائڻ ڪو مشڪل ڪم ڪو نه هو. سڀني جي خدمت ڪندو هو. پر مختلف مزاج جي ماڻهن، فرمائش ۽ تنقيد مان بيزار ٿي پيو ۽ سندس عبادت به متاثر ٿيڻ لڳي، وري ڪجهه دوستن خاص طرح پير آفتاب شاهه جيلاني ۽ اميد علي شاهه جو رويو به ٿورو اڻ سهڪاري ۽ اپر ڪلاس وارو هوندو هو. هي فقير به خوددار طبعيت ۽ مزاج رکندڙ ماڻهو هو سو تنگ ٿي ميس جو انتظام منهنجي حوالي ڪيائين. ٻنهي سيدن جو رويو ۽ نمونو منهنجي لاءِ به برداشت ڪرڻ ڏکيو هو. جيتوڻيڪ ٻئي ايڏا وڏا ماڻهو هئا جو ايترن ماڻهن جي ميس ته پاڻمرادو به هلائي پئي سگهيا پر نوبت اتي پهتي جو هنڊي ڪُني ڌار ڪرڻي پئجي وئي. شاهن کان وڌيڪ سندن هڪڙو دادلو برداشتي بندري قد ۽ وڏين مڇين وارو علي محمد اسان کي ڏکيو پئجي ويو. هر وقت وڃي ڪا نه ڪا غلط ڳالهه ڪندو هو پوءِ ٻنهي سيدن جا موڊ خراب هوندا هئا. رئيس منور خان ٻٽ ۽ ستار سريوال هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا هئا. منور خان ٻٽ واهه جو چرچائي به هو، خاص ڪري جڏهن سندس ڪچهري رئيس مامون خان سان ٿيندي هئي ته ٻئي همراهه ڇڪي رکندا هئا جو ملڪ صاحب به چرچن جو بادشاهه هوندو هو.

    جيئن نواب يوسف ۽ رئيس عاشق حسين طبعيت ۽ مزاج ۾ سخي ۽ شفيق هوندا هئا هر ڪنهن کي عزت ۽ احترام ڏيندا هئا. ملاقات ۾ ايندڙ کاڌي پيتي جو سامان گهڻي سنگت تائين پهچائيندا هئا تيئن وري هي دوست صفا مختلف مزاج ۽ طبعيت وارا هئا. بس خدا کين خوش رکي اسان وري به هميشه سندس احترام برقرار رکيو. ستار سريوال ۽ منور خان ٻٽ واهه جا دل وارا ماڻهو هئا. راند روند، وندر ورونهن ۽ کل ڪچهريءَ ۾ سمورو وقت گذري ويندو هئن. منور ته چرچائي هوندو هو پر ستار خان وري گهڻو ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا جو ذڪر ڪندو هو جو اتي گهڻو وقت رهندو ۽ ايندو ويندو هو. اتي جا رستا، بجلي، اسڪول، ماڻهو، زندگيءَ جو نظام ڪار ڊرائيوِ، لانگ ڊرائيوِ ۽ ٻيو به الائي ڇا ڇا؟ رئيس گهڻو متاثر هو آمريڪا کان!

    ائين رٽائرڊ پوليس انسپيڪٽر ۽ پنهنجي دؤر جو ناميارو پوليس وارو، نواب يوسف ۽ ممتاز علي ڀُٽي جو ويجهو دوست عمر ۾ ڪراڙو پر جوانن جهڙو جوان حاجي محمد صديق شورو، ڏاڍو شريف ۽ معتبر ماڻهو هو. هنن وڏن ماڻهن جي مزاج سان مزاج ڪو نه ٺهڪيس سو به اسان جي غريباڻي ٻاريءَ جو ميمبر هو. سٺو ڳالهائڻ وارو، راڄ نيات جي نفسيات جو ماهر. نه ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي نه ارهو ٿئي نه ڪنهن کي ارهو ڪري. ذري به تنقيد ڪو نه ڪندو گهڻو وقت خاموش ۽ سڪون سان گذاريندو هو.

    ايئن حاجي غلام حيدر ميس جو سمورو سُور پنهنجي مٿي مان ڪڍي منهنجي دماغ ۾ هڻي واندو ٿيو ته جيل ۾ جيل شروع ٿي ويو. پنج ئي وقت نماز جي ٽائيم تي هر هڪ ماڻهوءَ کي سڏ ڪرڻ، ٽوٽل اڃان بند هوندو هو ته اسان واري کوليءَ جي گيٽ تي بيهي تمام بلند آواز سان فجر جي آذان ڏيندو، پوءِ عملدارن کي وٺ پڪڙ ڪري دروازو کولائي هر هڪ کوليءَ تي ويندو ۽ سڀني کي فجر جي نماز لاءِ سجاڳ ڪندو. وڏي باريڪ ۾ جماعت نماز پاڻ پڙهائيندو ۽ جمعي نماز تي ته ماشاالله اڌ جيل اچي اسان جي وارڊ ۾ نماز پڙهندو هو. پر حاجي صاحب رڳو نماز ڪو نه پڙهائيندو هو، هر جمعي تي ڪلاڪ کن جو ڊگهو واعظ به جماعتين کي برداشت ڪرڻو پوندو هو.

    هڪڙو جيل ٻي جماعت ٽيون مٿان واعظ پوءِ آهستي آهستي جماعتي گهٽ ٿيڻ لڳا. مون حاجي صاحب کي ڊڄي ڊڄي عرض ڪيو ته انهي واعظ واري سلسلي ۾ ٿورڙي ترميم ڪريو حاجي صاحب ڪاوڙيو ته ڪو نه پر مون واري درخواست ڄڻ ته رد ٿي ويئي ۽ حاجي صاحب اهي سڀ نيڪ عمل جاري رکيا. پر سندس هڪڙي ٻي وڏي وصف ۽ خوبيءَ جو ذڪر نه ڪرڻ بي انصافي ٿيندو. جيترا مهينا به هيءَ بزرگ جيل ۾ رهيو هڪ دفعو به پنهنجا ذاتي ڪپڙا ڪنهن ڪم ڪندڙ برداشتي قيديءَ کان نه ڌئاريا. پنهنجا ڪپڙا، ٽوال، چادرون پاڻ وڃي ٽانڪيءَ تي ڌوئي سُڪائي ايندو هو. منهنجا ڪپڙا به زوريءَ کڻندو هو پر آئون کيس ادب سان منع ڪندو هئس. ايئن ٻيا به سمورا پنهنجا ذاتي ڪم ڪار پاڻ ڪندو هو. مون پهرئين ائين سمجهيو هو ته هن مذهبي قسم جي ۽ تبليغي جماعت واري بزرگ سان گڏ کوليءَ ۾ گذارو ٿي ڪو نه سگهندو پر حاجي غلام حيدر مذهبي اصولن جو پابند هوندي به وڏي دل وارو ۽ هشاش بشاش، فرا خدل ۽ سهپ وارو انسان هو. هڪ ڀيري جڏهن اسان کي خاڪي ورديءَ وارن صاحبن آزاديءَ لاءِ ٺٽي پيشيءَ تي گهرايو پر اسان جو انهن سان ٺاهه ڪو نه ٿيو ۽ هڪ رات ٺٽي واري لاڪ اپ ۾ رهي، ٻئي ڏينهن حيدرآباد جيل موٽي آياسين ته حاجي صاحب مون سان وڏا ڀاڪر پائي مليو ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويس چوڻ لڳو ته جيئن توهين ٺٽي ويا تيئن مون توهان جي آزاديءَ لاءِ دعائون پئي گهريون پر اها به حقيقت آهي ته توهين کوليءَ ۾ ڪو نه هئا ته اها سڄي رات مون ننڍ ئي ڪا نه ڪئي ۽ توهان کي ياد پئي ڪيو. ڇا ظرف هو، ڇا خمير هو، ڇا شفقت، محبت ۽ ٻاجهه جي انتها هئي، ڪٿي هو انتهائي وڏو تبليغي اڳواڻ، ڪٿي آئون چٽو مولائي فقرائي، ڪيترو نه سوچ ۽ فڪر ۾ فرق هجي اسان ۾، پر محبتون رنگ، نسل، ذات ۽ مذهبن واري قيد کان آزاد هونديون آهن، دلين جا فيصلا ۽ فاصلا عام سوچن جا پابند ڪو نه هوندا آهن.

    ائين موري شهر جو ميمڻ حاجي غلام نبي به منهنجي ڀرواري کوليءَ ۾ دادوءَ جي دادلي وڪيل شفيع محمد عرف ادي شفن وڪيل سان گڏ رهندو هو. جيڪو ڏاڍو نازڪ ۽ نفيس مزاج وارو ماڻهو هو ۽ پير مظهر الحق جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. حاجي غلام نبيءَ جو ڀاءُ غلام محمد ميمڻ ايريگيشن کاتي ۾ انجنيئر هو. ڏاڍا سکيا ماڻهو هئا. صفا غيرسياسي، رئيسن جا ماڻهو ۽ سندن ئي کاتي ۾جيل آيو هو. موري جا ٻيا به همراهه هئا ضياءَ الدين سومرو، عبدالحڪيم سيهڙ، غلام قادر قادري ۽ ٻيا اهي وري چڪر ۾ رهندا هئا. هن همراه کي مائٽن B ڪلاس وٺي ڏنو هو. مزاج شفن ۽ مورائي جا بنهه مختلف، شفن سادو سودو صوفي ماڻهو ۽ جيل مان بيزار، مورائي وري سگريٽن جو وڏو موالي کولي دونهين سان ڀريل هوندي هئس. شفن گهڻو ئي چڙندو هو پر مورائي اصل نه مڃي. رئيسن جو وڏو عاشق هو. باقي پارٽي ٻارٽي ٻيو ڪل خير هو. ائين ئي دادوءَ جو ڪراڙو وڏيرو سيد مٺل شاهه ۽ ماتليءَ جو جهونو ڪارڪن رئيس الهه جڙيو پتافي به گڏ رهندا هئا. ٻئي مختلف مزاج وارا ماڻهو هئا سيد صفا ڀوتار ۽ نالي وارو وڏيرو هو ۽ پتافي فقير طبعيت ڪارڪن لڏي جو ماڻهو پر ٻنهي هڪ ٻئي سان واهه جو وقت گذاريو حالانڪ سخت ۽ ڪرخت طبعيت رکندڙ مٺل سا گڏ رهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو ۽ پتافيءَ جي طبعيت ۾ به ڪڏهن ڪڏهن جولان اچي ويندو هو پر ٻنهي کي جس هجي جو عزت سان نباهي ويا ۽ محبتن جا گل پوکي ويا. ساڳئي نموني اسان جي ضلعي جو تمام وڏو سردار جت قبيلي جو پڳدار ملڪ مامون خان به اسان جو هنڊيوال هو. ڪٿي ملڪ مامون خان ڪٿي حيدرآباد جيل، ڳالهه کُلي ۽ چٽي ڪندو هو، ابا آيا آهيون رئيس وڏي غلام مصطفيٰ خان جي حڪم تي، اها ئي وائي وات ۾ غلام نبي مورائي جي، ائين ئي چوندو هو موري ويجهو ملڪن جو ويٺل روينيو آفيسر محمد عيسيٰ عباسيءَ جو ڀائيٽيو رئيس احمد علي عباسي، پير آفتاب جيلاني ۽ اميد علي شاهه رضوي به وڏي واڪ چوندا هئا ته رئيسن جي حڪم تي جيل ۾ ويٺا آهيون. ائين اسان جو دوست رئيس عبدالستار سريوال جيڪو حاجي نجم الدين سريوال جي بدران گرفتار ٿي آيو هو ڇاڪاڻ ته جڏهن وڏي سريوال گرفتاري پيش ڪئي ته عملدار کيس وٺي وڏي عزت ۽ احترام سان واپس گهر بنگلي تي ڇڏي آيا هئا. ائين سريوالن جي قربانيءَ جي حصي طور وري ستار خان پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيو هو. پر جيل ۾ جڏهن ٻن وڏن سيدزادن هنڊي ڪُنيءَ تي مسئلو پيدا ڪيو ۽ اسان جي فقرائي لڏي پنهنجي ديڳڙي ڌار چاڙهي ته ستار خان به اسان جو ساٿ ڏنو ۽ هنن کي چيو ته توهان ٺيڪ نه پيا ڪريو.

    ائين رئيس ٻڍو خان عرف منظور خان پتافي ٽنڊي الهيار جو تمام وڏو زميندار ۽ زنده دل انسان هو حاجي علي غلام دل، به وڏو جاگيردار ۽ رضوي سيدن جو ويجهو قربدار هو. هڪڙي ٻي به مزيدار شخصيت موجود هئي سموري سٿ ۾ “مولوي شمس الدين پتافي” واهه جي سوکڙي هو. مقرر، خطيب، ذاڪر، چرچائي، وات وڏو، ويٺي ويٺي اهڙي ڳالهه ڪندو جو ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙا مچي ويندا. مولائي فقرائي به جذباتي هو، سو ڪڏهن ڪڏهن مذهبي رواداريءَ جو خيال به ڪو نه ڪندو هو ان ڪري ٿورڙي بدمزگي به ٿي پوندي هئي. پوءِ اسان هن همراهه کي سمجهايو ته ٻين دوستن جي جذبن جو به خيال رکي ۽ پاڻ کي قابو ۾ رکي ماپ کان ٻاهر نه نڪري.

    هڪ دفعو سندس ملاقات لاءِ پٽ آيل هئس ان سان ڳالهيون ڪندي ڪندي مزاح جو موڊ ۾ اچي ويو “ابا ماڻهين کي چئج، اسين هت قابو آهيون آزاديءَ جو ڪو به آسرو امڪان ڪونهي، نه ڪو جمهوريت بحال ٿيندي نه ڪو اسين جيل مان واپس اينداسين، ٻئي هٿ رکجانئس پيرن تي ته منهنجي هاڻي ماءُ ٿئين، غلطيون ڪوتاهيون ڪج بخش تنهنجي آهي مرضي جيڪو فيصلو دل چوي ڪري ڇڏ مون پاران هڙ موڪلون اٿئي”. اها ڳالهه سموري جيل ۾ هلي پاڻ به سنگت ساٿ کي ٻڌائڻ لڳو پوءِ ته کِلون ۽ ٽهڪ هئا، هر محفل زعفران هئي مولوي شمس الدين پتافيءَ جي موجودگيءَ سان مولوي صاحب ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ پ پ جو مک عهديدار به ٿيو. اهل تشيهه هوندي به عشر زڪوات ڪميٽيءَ جو الاهي سال ضلعي چيئرمين به رهيو. ٻڍي خان پتافي جو ڀائيٽيو امداد علي پتافي 2008ع ۽ هاڻي وري 2013 ۾ به صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو آهي. اميد علي شاهه رضوي، سائين ڀورل شاهه جو فرزند ۽ علي نواز شاه جو وڏو ڀاءُ هو. هي خاندان به هميشه گهٽ ۾ گهٽ صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي ميمبر ۽ پوءِ وزير به ٿيندا رهندا آهن. هينئر به هن خاندان جو هڪڙو نوجوان امير علي شاهه ولد علي نواز شاهه صوبائي ميمبر آهي. اهڙي نموني پير غلام رسول شاهه جيلاني مرحوم ۽ سندس خاندان مان پير آفتاب ۽ پير امجد علي شاهه به قومي ۽ صوبائي جا ميمبر ۽ وزيرن جي عهدن تي رهندا آيا آهن. سائين جي ايم سيد چوندو هو ته سنڌ جا چار خاندان جيڪڏهن مون سان کليل نموني بيهن ۽ سهڪار ڪن ته آئون سنڌ جي آزديءَ وارو خواب ساڀيان ڪري سگهان ٿو. هڪڙو مخدوم خاندان، ٻيو پير پاڳارو خاندان، ٽيون جتوئي خاندان چوٿون جيلاني يعني پير غلام رسول شاهه جو خاندان. اسان سان گڏ دادوءَ جو ئي سردا نور محمد ٿيٻو وڪيل به گڏ قيد هو. ڏاڍو وضع قطع ۽ سهتي سڀاءُ وارو انسان هو صفا مڙس ماڻهو، بهادر سچو ۽ کرو جوان هو. مٿس تفصيلي مضمون به لکي چڪو آهيان. هي ڀوتارڪو خاندان وري سياست سان گهڻو واڳيل رهيو آهي. نور محمد سان ته حياتيءَ وفا ڪو نه ڪئي پر سندس ئي خاندان مان سورٺ ٿيٻو هينئر مسلم ليگ نواز جي ٽڪيٽ تي MPA آهي. سندس هڪ ڀاءُ محمد عيسيٰ ٿيٻو سنڌ نيشنل فرنٽ جو اڳواڻ هو. نور محمد جو هڪ ٻيو ڀاءُ مير ٿيٻو ڪميونسٽ پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ اهم اڳواڻ ۽ دانشور آهي، جيڪو هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو. اهڙي طرح B ڪلاس وارڊ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول شخصيت هئي بابو غلام حسين ميمڻ جي، کيس سڀ وارڊ جي ناني به چوندا هئا ته جيل جي ناني به سڏيندا هئا، جو سموري جيل ۾ بابو صاحب هر دلعزيز ماڻهو هوندو هو. سڀني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان سندس رابطا ۽ واسطا رهندا هئا. بابو صاحب جي ڪمري ۾ سڀني پارٽين جا ڪارڪن ڪچهري ۽ صلاح مصلحت لاءِ ايندا رهندا هئا. هي همراهه کؤنس به کڻندو هو. محبت به سهندو هو ۽ جيل جي حالتن موجب هر قسم جي مدد به ڪندو هو. ڪرمنل قيدين کي پٽيشنون ٺاهڻ ۾ مدد ڪندو هو. ته ڪي سياسي ڪارڪن ٿڪجي پوندا هئا ۽ وڌيڪ جيل ۾ رهڻ ڪو نه چاهيندا هئا، ڪن مجبورين سبب ته اهي بابو صاحب سان صفا اڪيلائي ۾ ملي ساڻس مشورو ڪندا هئا ته “ڪيئن جان ڇڏايون” هي همراهه انهن کي به فرا خدليءَ سان سهڻي صلاح ڏيندو هو ته “ڀائو هاڻي هي گس اٿوَ” پر دل جو اهڙو پڪو جو اهو راز اندر ۾ دفن ڪري ڇڏيندو هو. ڪنهن به دوست جي عيب يا ڪمزوريءَ تان پردو ڪو نه کڻندو هو، نه ڪو ئي ڪنهن کي خوار خراب ڪندو. ائين سندس اندر ۾ الائي ڪيترا سارا راز دفن ٿيا پيا آهن. ميس ۽ وارڊ جو نظام هلائڻ ۾ بابو صاحب منهنجي گهڻي مدد ۽ رهنمائي ڪندو هو.

    ڪا کاري کٽي ڳالهه ٿي پوندي هئي ته به ان کي منهن ڏيندو هو. پير سيد ڪاوڙبا هئا ته انهن کي به وڃي پرچائي ايندو هو. سندس قربائتي طبعيت ۽ مزاج جي ڪري گهڻو ڪامريڊ ۽ دانشور لڏو جن ۾ خاص طرح رفيق صفي منشي، ڪامريڊ ڄام ساقي، امداد چانڊيو، علي حسن چانڊيو، محب علي، علي شاهه لڪياري، انور شاهه، مولانا جاويد نغماني، پير مڪرم ۽ پير معظم، عبدالله ملاح، پنهون عقيلي ۽ ٻيا به ننڍا وڏا ڪامريڊ اسان جي وارڊ مان ور ڦيرو ڪندا رهندا هئا. ٺٽي ضلعي وارا دوست جن ۾ ارشاد جتوئي، يوسف ڀان، غلام رسول زنگيزو، محسن سنڌي، سرويچ ۽ سندس پٽ عثمان، ساڪري ۽ گهوڙاٻاريءَ جا ڪارڪن بابوءَ سان حجت ڪندا هئا، پر هي همراهه به ڪڏهن ارهو ڪو نه ٿيندو هو. ائين 7 مهينن دوران انهي وارڊ ۾ ڪيترائي ٻيا دوست به ايندا ويندا رهيا. شروع ۾ ته نواب شاهه وارو عبدالفتاح ميمڻ وڪيل به اتي رهندو هو پر پوءِ بدلي ٿي ڪراچي ويو. ائين پوءِ رت بدلي. آزاديءَ جا ڳاڙها گل ٽڙيا. سخت ۽ جابر حڪمرانن جي روين ۾ ٿوري گهڻي تبديلي آئي سنڌ جي جن ماڻهن جمهوريت جي بحاليءَ واري خوبصورت نعري هيٺ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو . اُهي آزاد ٿيڻ شروع ٿيا. ائين ئي B ڪلاس جون رونقون ۽ آدم شماري گهٽجڻ لڳي. روزانو دوستن کي پروانا ملڻ لڳا. آئون بابو صاحب کان ڪجهه ڏينهن پهرين آزاد ٿيس. باقي دوست، ساٿي ۽ ٻيا هنڊيوال به هڪ هڪ ٿي B ڪلاس خالي ڪري ويا.

    يار زنده صحبت باقي،

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو