محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
منهنجي نگِري مان نڪري وڃي!
ڊاڪٽر آڪاش انصاري
ڊاڪٽر آڪاش انصاري
جنهن نه مٽيء جي خوشبوء کي ڄاتو هتي ،
جنهن نه سانگين جي سڱ کي سڃاتو هتي،
تنهن سان ڪهڙو ڀلا منهنجو ناتو هتي،
تنهن کي چئو منهنجي ننگريءَ مان نڪري وڃي
جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل هجي،
منهنجي ٻوليء ڏي جيڪو نه مائل هجي
ذهن تنهنجو اڃا به ورهايل هجي،،
تنهن کي چئو منهنجي ننگريء مان نڪري وڃي.
جنهن سنگينين سان سانگين جا سينا چٿيا،،
ڄڻ محبت جا مڪا مدينه چٿيا،،
عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،،،
تنهن کي چئو منهنجي ننگريء مان نڪري وڃي.
جنهن جي اک ماروئن ڏانهن ميري هجي،،
جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري هجي،
جيڪو جلاد قاقل ۽ ڪهري هجي،،،
تنهن کي چئو منهنجي ننگريء مان نڪري وڃي.
تنهن کي چئو منهنجي ننگريء مان نڪري وڃي.
جنهن نه سانگين جي سڱ کي سڃاتو هتي،
تنهن سان ڪهڙو ڀلا منهنجو ناتو هتي،
تنهن کي چئو منهنجي ننگريءَ مان نڪري وڃي
جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل هجي،
منهنجي ٻوليء ڏي جيڪو نه مائل هجي
ذهن تنهنجو اڃا به ورهايل هجي،،
تنهن کي چئو منهنجي ننگريء مان نڪري وڃي.
جنهن سنگينين سان سانگين جا سينا چٿيا،،
ڄڻ محبت جا مڪا مدينه چٿيا،،
عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،،،
تنهن کي چئو منهنجي ننگريء مان نڪري وڃي.
جنهن جي اک ماروئن ڏانهن ميري هجي،،
جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري هجي،
جيڪو جلاد قاقل ۽ ڪهري هجي،،،
تنهن کي چئو منهنجي ننگريء مان نڪري وڃي.
تنهن کي چئو منهنجي ننگريء مان نڪري وڃي.